Thursday, April 9, 2015

سائين عبدالقادر منگي سان رهاڻ





ڪالهه رات يعني 08/04/2015 بروز اربع جيمخانه ڪلب خيرپور جي نئين جڙيل عمارت ۾ جناب عبدالقادر منگي صاحب سان پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي قربان منگي ۽ سرگرم سماجي اڳواڻ ۽ ساڃهوند ضمير لاشاري پاران هڪ رهاڻ رچائي ويئي هئي، جنهن ۾ منگي صاحب پاران ٿر تي مرتب ڪيل ڪتاب (ٿر) جي مهورت به ڪئي ويئي هئي.  سائين جن اڄ ڪلهه رٽائرڊ زندگي پيا گذارين جڏهن ته ماضيءَ ۾ موصوف سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ايس ڊيم ايم، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر جي عهدن تي ڪم ڪندا رهيا آهن. ڪتاب پوپٽ پبلشنگ اداري پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي ۽ اهو هن ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن آهي.

تقريب ۾ زندگيءَ جي مختلف پرتن سان تعلق رکندڙ ساڃهوند صحافين، اديبن، دانشورن، ڪامورن، پرائمريءَ کان وٺي يونيورسٽي سطح جي استادن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندڙن مان محض هڪ ٻن دوستن منگي صاحب جي مرتب ڪيل ڪتاب تي تبصرو ڪيو نه ته گھڻائيءَ منگي صاحب سان گذاريل خوشگوار گھڙين جو ذڪر خير ڪيو.

نوجوان ايس ڊيم جناب احرار يوسف شيخ اهي واحد نوجوان هيا جن ڪتاب تي جامع تبصرو ڪيو. موصوف ڪتاب مان حوالي طور ”لڪڙ تار“ جو ذڪر ڪيو. اها ڳالهه مون لا ءِ بنهه نئين هئي. ٿر ۾ لڪڙ تاران کي چيو ويندو هو ته ڪوبه ماڻهون جڏهن ڪا اهم معلومات حاصل ڪندو هو يا ڪو واقعو ٿيندي ڏسندو هو ته اها معلومات ٻين تائين پهچائڻ لاءِ ٽن ٻين کي ضرور پهچائيندو هو ۽ بعد ۾ هرهڪ وري ٽن ٻين تائين اها معلومات پهچائيندا هيا ۽ ائين هڪ وڏي زنجير جڙي پوندي هئي ۽ گھربل معلومات سگھوئي پوري علائقي جي ماڻهن تائين پهچي ويندي هئي. ياد رهي ته ٿر ۾ انوقت روڊ رستا ناپيد هيا، موبائيل فون ته ڪجھ سالن کان ڪم پيا ڪن، جڏهن ته ٽي وي، ريڊيو يا اخبار وغيره به اتي مهيا نه هئي. مون کي اها ڳالهه ٻڌي انگريزي فلم  Pay it Forward ياد اچي ويئي هئي، جنهن جي ٿيم به بلڪل ساڳي آهي. احرار يوسف جي ڪيل تقرير تمام متاثر ڪن هئي. اڃا ته هو بلڪل نوجوان آهي پر سندس ڳالهين ۾ گھرائي هئي جنهن مان سندس وسيع مطالعي جا عڪس ۽ اولڙا واضع نطر اچي رهيا هيا. ياد رهي ته هن نوجوان پائلو ڪوهلو جي جڳ مشهور ڪتاب The Chemist جو سنڌي ترجمو پڻ ڪيو آهي ۽ اهو ڪتاب پڻ پوپٽ پبلشنگ اداري پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي. مون کي يقين آهي ته هي نوجوان اڳتي هلي ادب توڙي خدمت جي ميدان ۾ ضرور پنهنجي مانائتي جاءِ والاريندو.

ٻين ڳالهائيندڙن جناب عبدالقادر منگي صاحب لاءِ ٻڌايو ته جڏهن سندس پوسٽنگ ايس ڊيم ايم، ڊپٽي ڪمشنر يا ڊي سي او طور سندن علائقن ۾ هئي ته موصوف ڪيئن نه سندن هڙان ۽ وڙان مدد ڪئي، کين سٺن ڪمن لاءِ همٿايو ۽ سندن رهنمائي ڪئي. انهن مطابق ته منگي صاحب جي رهنمائي ۽ مدد جو نتيجو آهي ته اڄ هو ان جو ڦل کائي رهيا آهن. اهڙن روين جي جيڪڏهن ويهي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي ته واضع نظر ايندو ته واقعي اهو عمل ڪنهن معصوم دل رکندڙ ڏاهي انسان جو ئي ٿي سگھي ٿو ته هو هر جاءِ تي اهل علم، اهل دانش کي ڳولهي ڦولهي هٿ ٿو ڪري ۽ سندن هرطرح جي دلجوئي سان گڏ مدد به ڪري ٿو. دوستن جي ڪيل تقريرن مان واضع نظر آيو ته جناب عبدالقادر منگي صاحب پنهنجي سرڪاري نوڪريءَ ۾ جت به رهيا ته انهن ڪونه ڪو ادبي، علمي، سماجي ڪارنامو ضرور سرانجام ڏنو. جڏهن ضلع ٺٽي جي تعلقه گھاري ۾ ايس ڊيم ايم هيا ته ان زماني ۾ اتي ”ڀنڀور فيسٽويل“ جو اهتمام ڪيو هيائون، وري جڏهن ٽنڊو الهيار جا وڻ وسايائون ته اتي سنڌ جي يگاني فلسفي ۽ عالم وتائي فقير تي هڪ شاندار پروگرام مرتب ڪرائڻ جو اهتمام ڪيو هيائون، ۽ ان تقريب ۾ پڙهيل مقالن کي مرتب ڪري تاريخ ۾ پهريون دفعو وتائي فقير تي ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو هئائون. وتايو فقير پنهنجي نوع جو هڪ اهڙو انسان رهيا آهن جيڪي تمام ڳوڙهيون ڳالهيون مزاح واري انداز ۾ ڪرڻ جو فن رکندا هيا. ان کان پوءِ واريءَ ۽ ڀِٽَن جي ديس ٿر جا وڻ وسايائون ته اتي پڻ خاموش ڪونه ويٺا ۽ اتي بين الاقوامي سطح جا پروگرام منقعد ڪيائون ۽ اڄ جنهن ڪتاب جي مهورت هئي اهو پڻ انهن تقريبن ۾ عالمن پاران پڙهيل مقالن تي مشتمل هو. ان بعد وري جڏهن خيرپور جا آيا ته جهڙوڪر کين پنهنجي باقي زندگي گذارڻ جو وٿاڻ ملي ويو. موصوف خيرپور ۾ جشن خيرپور نالي جيڪو پروگرام ڪرايو هو اهو پورا 18 ڏينهن هليو هو.  

تقريب خيرپور جيمخانه ۾ رکي ويئي هئي. جيمخانه جي جڙيل عمارت تمام شاندار نظر آئي، هڪ پاسي ننڍڙا ٻارڙا جوڊو ڪراٽي جي پرئڪٽس ڪري رهيا هيا ته ٻئي پاسي انڊور گيمس لاءِ جڙيل هال نوجوان رانديگرن سان ڀريو پيو هو جيڪي اتي ٽيبل ٽينس جهڙين راندين ۾ رڌل هيا. تقريب جيمخاني جي وسيع ڇٻراٺي ميدان تي هلي رهي هئي. مهمان خاني وارو هال به ڪنهن محلات جهڙو ڏک ڏئي رهيو هيو، گول دائري واري ڪمري ۾ چوڌاري صوفا سيٽ رکيل هيا جڏهن ته عورتن ۽ مردن لاءِ جديد نوع جا باٿ روم به ان جو حصو هيا. مان پنهنجي جنم ڀومي خيرپور جي ڪنهن اهڙي ادبي، سماجي تقريب ۾ سالن پڄاڻا شرڪت ڪئي هئي ان ڪري مان پنهنجن ۾ جهڙوڪر اوپرو لڳي رهيو هوس. (يا گھٽ ۾ گھٽ منهنجا احساس اهي هيا) جيتوڻيڪ اتي سڀ جو سڀ ڄاتل سڃاتل دوست احباب هيا. منهنجو استاد سائين شاهه محمد لهراڻي صاحب، پروفيسر امان ڀٽي صاحب، حزب آءِ سومرو، انور چنو، امر اقبال، ساهه شيخ، فياض عباسي، سائين محمد علي شاهه، گل بهار ڪٽوهر، ميزبان قربان منگي، سائين ضمير لاشاري کان سواءِ ادي رخسانه ميراڻي جن به تقريب ۾ پنهنجي ٻن ٻين ساهيڙين سان گڏ شريڪ هيون.

پروگرام جي پڄاڻي تي ماني کان پوءِ موسيقيءَ جو اسم به رکيل هو پر ڪجھ ٻين اهم ڪمن ڪري مان موسيقيءَ واري حصي ۾ ويهي نه سگھيو هوم.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو