Thursday, April 16, 2015

سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ارٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر...ماضي حال ۽ مستقبل



سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر سائين پروفيسر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ سندس دوستن تمام آڳاٽو قائم ڪئي هئي. اهو دؤر هو جڏهن ادب ۾ ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر جون ٻه الڳ ڌارائون ڪم ڪنديون هيون. کاٻي ڌر وارن تي ڪفر، ملڪ دشمنيءَ جا الزام لڳندا هيا ته ساڄي ڌر وارن کي رجعت پرست ڪري پيش ڪيو ويندو هو. ترقي پسند ادب جي فروغ لاءِ اردو دانن انجمن ترقي پسند مصنفين قائم ڪئي هئي جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت تي گھڻو اثر سنڌي ترقي پسند اديبن جو هوندو هيو. سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر تي ساڄي ڌر جون سوچون رکندڙ دوستن جو اثر هيو. انهن جھيڙن يا اختلافن کي پاسيرو رکي جيڪڏهن حقيقت پسنديءَ واري اک سان ڏسنداسين ته ٻنهي پاسي مڻيادار انسان هوندا هيا جن سنڌي ادب جي آبياريءَ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو هو. سنڌي ادبي سوسائٽيءَ پاران پڻ ڪيئي پروگرام ٿيا هيا ۽ ان جي پليٽ فارم تان ڪاليج جي اديب پروفيسرس جا ڪتاٻ پڻ شايع ڪيا ويا هيا. پوءِ زمانا بدليا، اهي جھونا جوڳي رٽائر ٿي ويا، پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڪاٽي هن دنيا کي تياڳ ڏيئي ويا ۽ اهو جيڪي ادبي سلسلا هلندا هيا اهي به ماٺا ٿيندا ويا ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو ته صفا موت واري خاموشي ڇانئجي ويئي. تمام گھڻو پوءِ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر ۾ جڏهن ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو شاگرد سائين اسرار احمد علوي صاحب ان ساڳي ڪرسيءَ تي ويهي ان جو سينگار بڻيو جنهن تي سندس عالم ۽ فاضل استاد ويهندو هيو ته ساڳي وقت ڪاليج جو پرنسپل به سائين لعل محمد سولنگي جهڙو انمول انسان هيو ۽ خوشقسمتيءِ سان مان به اتي اسلاميه ڪاليج اندر پاڙهيندو هوس ته اسان سڀني گڏجي سنڌي ادبي سوسائٽيءَ کي هڪ دفعو وري نئين سر جياريو هو. سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جي سيڪريٽريءَ واريون ذميواريون دوستن مون تي رکيون هيون. سنڌي ادبي سوسائٽيءَ کي جيارڻ وارو سڀاويڪ ڪم لطيف سائينءَ جي مختلف سرن تي ليڪچرن منقعد ڪرائڻ سان شروع ڪيوهوسين. سائين اسرار احمد علوي صاحب لطيف جي مختلف سُرن تي ليڪچر ڏيندا هيا ۽ اسان ڪجھ دوست باقي انتظام ڪندا هياسين. 

ڪنهن به ادبي فورم کي سرگرم ڪرڻ، ان جا پروگرام منقعد ڪرڻ ڪا اڪ جي ماکي لاهڻي ناهي هوندي، ان لاءِ تمام گھڻو پاڻ پتوڙڻو پوندو آهي. پروگرامن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جيڪي رڪاوٽون، تڪليفون يا قرباني ڏيڻي پوندي آهي اها ته ان ماڻهونءَ کي خبر هوندي جنهن اهي پروگرام منقعد ڪيا هوندا. اسان جڏهن سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو ته ان دؤر ۾ اڃا موبائيل فون جو نالو نشان به نه هيو.  يارن دوستن کي اطلاع ڏيڻ لاءِ سندن درن تي وڃڻو پوندو هو، کين وري وري پروگرام ۾ شرڪت جي لاءِ يادگيريون ڏيارڻيون پونديون هيون، پروگرام جي مشهوريءَ لاءِ خيرپور ريڊيو تي مقامي خبرن ۾ اعلان ڪرائڻا پوندا هيا ۽ اخبارن ۾ خبرون ڇپائڻ لاءِ صحافي دوستن جون فرمائشون به پوريون ڪرڻيون پونديون هيون بعد ۾ وري پروگرامن جون رپورٽون تيار ڪري اخبارن يا ميگزين کي موڪلڻ وارا ڪم ڪرڻا پوندا هيا. اهي سڀ ڪم اسان ڪجھ دوست گڏجي سرانجام ڏيندا هياسين پر ان معاملي ۾ گھڻي ڀڄ ڊڪ مون کي اڪيلي سر ئي ڪرڻي پوندي هئي. بهرحال اسان جي ڪوششن رنگ لاتو هيو ۽ پروگرام تمام سٺا ڪامياب ٿيڻ لڳا هيا. اسان جي انهن پروگرامن ۾ گمبٽ کان سائين پروفيسر علي رضا شاهه صاحب به اچي شرڪت ڪندو هو ۽ گھڻو ڪري ڪونه ڪو راڳي به ساڻ ورتيون ايندو هو جيڪو پروگرام کان پوءِ محفل موسيقي جو رنگ رچائيندو هو. سائين عزيز ميتلي جي اها يادگار محفل مان ڪيئن ٿو وساري سگھان جنهن ۾ سائين عزيز ميتلي پورو سُر رامڪلي ڳائي ٻڌايو هو. خيرپور کان مرحوم پروفيسر عبدالرزاق سولنگي صاحب جن وڏا وڙ ڪري پهچندا هيا، پني عاقل کان سائين سرور سيف لازمي شرڪت ڪندو هو ته چڪ جو دوست سائين محمد حسن مهر صاحب پنهنجي دوستن سان اچي محفل کي رنگ بخشيندا هيا. سکر مان هادي بخش ڀٽ ايڊوڪيٽ صاحب، نعيم شيخ صاحب، ضيا ڀٽي صاحب، سچل ڀٽي صاحب، ظهور ابڙو، محمد بخش ڪلادي، فيض سومرو ته ڪجھ دوستن جا نالا آهن جيڪي هر پروگرام جي زينت هوندا هيا پر ٻيا تمام گھڻا دوست هوندا هيا جن جا نالا هنوقت منهنجي ذهن تي ڪونه پيا اچن جيڪي اسان جي انهن پروگرامن ۾ شرڪت ڪندا هيا.



 اسان جي انهن پروگرامن ۾ منهنجي پنهنجي ڪاليج جي ڪجھ علم دوست استادن کان سواءِ اڪثريت نه صرف شرڪت نه ڪندي هئي ويتر پرپٺ هو اسان تي (حقيقت ۾مون تي) ڏند ڪرٽي تنقيدون ڪندا هيا ته اسان ۽ خاص ڪري مان مڙوئي شهرت جو بکيو آهيان ان لاءِ هن قسم جا پروگرام پيو ڪرايان.  ڪن دوستن ته مونکي اهو به چيو هوته ”چريا تون ته ڪامرس جو استاد آهين تنهنجو ڇا وڃي انهن جھميلن ۾، اڪائونٽنگ جو ڪو ڪتاب کڻ، ان تي مهارت حاصل ڪر، تنهنجو ڇا وڃي ادب سان!“

 بهرحال اهو سلسو ايترو ته ڪامياب هلي پيو هو ته يارن دوستن کي پروگرامن جو جهڙوڪر انتظار رهندو هو.  جيڪڏهن ڪو پروگرام رٿبو هو ۽ ڪن سببن ڪري ڪنهن يار دوست کي اطلاع ڪري نه سگھبو هو ته اهو ميارون موڪليندو هو. اڳتي هلي سائين اسرار احمد علوي کان سواءِ اسان ڪجھ ٻين دوستن کي به ساڳي پليٽ فارم تان ليڪچر پروگرامن لاءِ مدعو ڪيو هو. نوجوان اديب سائين جهانگير عباسيءَ جو هڪ پروگرام جيڪو هن شيخ اياز جي اردو شاعريءَ تي ڪيو هو ٻيو جيڪو پروگرام سائين سليم ڀٽو لطيفي جو هڪ تنقيدي ليڪچر پروگرام رٿيو هوسين جنهن ۾ سليم ڀٽو لطيفيءَ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي لطيف سائين تي ڪيل تحقيقي ڪم جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو هو. اهو پروگرام، سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جي ڪن دوستن کي هضم ٿي نه سگھيو هو، جنهن جو اظهار انهن پروگرام جي پڄاڻيءَ بعد ئي ڪري ڇڏيو هو. ان کان پوءِ ٻيو جيڪو پروگرام ترقي پسند اديب ۽ سنڌ جي گھڻ پڙهئي سائين حفيظ ڪنڀر جو ”جديد تعليم جو تصور ۽ رياست“ جو اهتمام 16 مارچ 2007 جي ڏينهن ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ ڪرايو هوسين ته ان تي منهنجا ڪي پرين پيارا تمام گھڻا ڪاوڙجي پيا هيا ۽ مون کي تمام تز ۽ ترش لفظن ۾ اهو باور ڪرايو هئائون ته ”مان ڪو سنڌي ادبي سوسائٽي جو مالڪ ناهيان ته جنهن کي وڻا ان کان وتان پروگرام ڪرائيندو“. ان سمي منهنجي دل ڇت تان هيٺ فرش تي ڪريل بلب جيان ڀور ڀور ٿي پئي هئي. ان ڏينهن ئي مون کي اهو احساس ٿيو هو ته کاٻي ۽ ساڄي ڌر جو پراڻو تصور اڃا ختم ناهي ٿيو. اهي منهنجا اڳوڻا سُرخا دوست جيڪي هاڻي انتهائي نيڪ نمازيءَ جو روپ ڌاري چڪا هيا انهن کان حفيظ ڪنڀر جو پروگرام هضم ٿي نه سگھيو هو ۽ انهن جي خواهش هئي ته هنوقت بدليل موسم ۾ پڻ سنڌي ادبي سوسائٽيءَ کي ساڳي ساڄي پاسي واري واٽ تي هلڻ گھرجي. ان قسم جي ڳالهه مون لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هئي ۽ مون ان ڏينهن تي ئي سنڌي ادبي سوسائٽيءَ مان پنهنجو هٿ ڪڍي ورتو هو!

 اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن اها ساڳي سنڌي ادبي سوسائٽي (جنهن کي هاڻي سنڌي/اردو ادبي سوسائٽيءَ جو نالو دوستن ڏنو آهي) وري واپس تاريخ جي قبرستان ۾ جو دفن ٿي آهي ته ڪنهن به الله جي بندي ان ۾ ساهه ڦوڪڻ جي ڪا ڪوشش ناهي ڪئي.  الله الله خير سلا الله.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو