Friday, June 3, 2016


خوش فهميون، خود فرييبيون ۽ انقلاب
”جيڪڏهن آءُ جيل جي اندر نه اچان ها ته شايد سڄي زندگي اهو سمجھي نه سگھان ها ته جيل ۾ ڇا ٿيندو آهي ۽ اهو ادراڪ ڪڏهن به منهنجي پلئه نه پوي ها ته هڪ قيدي ۽ هڪ آزاد شهري جي احساس ۽ محسوسات ۾ ڪيترو فرق ٿيندو آهي“. محترم محمد اسماعيل راهو جيل ڊائري ”جيل جا ڏينهن جيل جون راتيون“ جلد ٻيو ۾ صفحه نمبر 231 تي پنهنجي جيل ياترا واري تجربي کي بيان ڪيو آهي. سندس وڌيڪ اهو به چوڻ آهي ته ”حقيقت ۾ هو (ڪوبه ماڻهون) پنهنجي آزاد زندگي جو قدر ۽ قيمت ڪڏهن به ڄاڻي نه سگھندو. قيد ئي آزاديءَ کي سمجھڻ ۾ مدد ڪندو آهي“ ص 232 . مان سوچيان پيو ته جيڪڏهن سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کي جيل ۾ نه وجھن ها ته اهو جيڪو شاهڪار ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ آهي اهو ڪڏهن به کانئس نه لکجي سگھي ها. انهن ڳالهين کي سامهون رکي ماڻهون جڏهن جيل جي جهان تي نظر وجھي ٿو ته جيل سکيا گھر هئڻ سان گڏ تخليقي ادب جو مرڪز ٿو نظر اچي. دنيا اندر هزارين ڪتاب، ناول، جيل جون ڊائريون، شاعري جا شاهڪار جيل اندر تخليق ٿيل آهن. 1985ع ۾ لڳ ڀڳ پنج يا ڇهه مهينا مون به خيرپور جيل جي ديوارن پٺيان گذاريا هيا. پنهنجي جيل جي يادگيرين کي ڪنهن ٻئي دفعي سهيڙبو اڄ سائين شاهنواز راڄپر سان سندس جيل جي تجربن تي ڳالهه ٻولهه جي ٻي قسط تي پنهنجو تبصرو ٿو قلم بند ڪيان. سائين شاهنواز راڄپر کي ايم آر ڊي جي هليل تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ جي پاداش  ۾ (1983ع کان وٺي 1985) تائين سکر سينٽرل جيل اندر رکيو ويو هو ۽ مون ساڻس 31 مئي 2016ع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
 ان ڪچهري ۾ سائين جن ٻڌايو هو ته سکر جيل ۾ سندن هنڊيوالن ۾ پير شهاب الدين  نواب شاهه جو، قاضي الطاف هالاڻيءَ جو بشير ڏهراج محبت ديرو جتوئيءَ جو ۽ ننگر خان رند نواب شاهه جو هوندا هيا. سندس چوڻ هو ته سندس تعلق عوامي تحريڪ سان هو جڏهن ته پير شهاب الدين سنڌ هاري ڪميٽيءَ سان سلهاڙيل هيو جڏهن ته باقي سمورا پ پ پ سان واسطو رکندا هيا. پير شهاب الدين جن جو تڪيه ڪلام هوندو هو ”ظالم سماج“ ، سندس تڪيه ڪلام جي مناسبت سان اسان پنهنجي کوليءَ ۾ سندس نالو ئي ظالم سماج رکي ڇڏيو هو. هڪ ڏينهن پ پ پ جي ننگر خان رند کانئس پڇيو ته ”پير ڏي خبر توهان وارو انقلاب ڪڏهن ايندو؟“ جواب ڏنائين ته ”جيڪڏهن ڄام ساقيءَ کي آزاد ڪيو وڃي ته پنجن سالن اندر انقلاب اچي ويندو“. تنهن تي ننگر خان کيس چيو هو ته ”اها ته ڪا ڳالهه ئي ڪونهي ڪو، جيل ٽوڙي ڄام ساقيءَ کي ٻاهر ٿا ڪڍون پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ ظالم سماج کان ته جان ڇٽي پوندي“. ان زماني جي ڳالهه ئي آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي شاهه عبدالطيف ڪيمپس خيرپور جي هال ۾ شاگرد تنظين جو ڪو گڏيل احتجاجي ميڙاڪو مارشلائي جبر خلاف رکيل هو. ان ۾ منهنجي پياري دوست ۽ سپاف جي اڳواڻ مرحوم سبزل حاجاڻو جذباتي تقرير ڪندي اهو چيو هو ته ”هو (يعني پ پ پ ۽ سپاف وارا) جيڪڏهن چاهين ته جنرل ضيا الحق کي پنجن منٽن ۾ هٽائي سگھن ٿا“ سندس چيل ان جملي تي هال ۾ ويٺل دوستن وچ ۾ ٽهڪڙو مچي ويو هو ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ (SST) جي تڏهوڪي اڳواڻ قطب جوڳيءَ کيس مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”يار پوءِ دير ڇا جي آهي، جلدي ڪري اهو ڪم سرانجام ڏيو هروڀرو هي ايم آر ڊيءَ جو جهنجهٽ به ڇو کڻون“.
مٿي ڏنل مثالن ۽ عملي نموني ترقي پسند سياست ۾ پنهنجي زندگيءَ جي جواني وارا سال سيڙائڻ بعد پتو پوي ٿو ته اسان جي ترقي پسندن جو انقلاب ڏانهن رويو ڏاڍو ڇسو هوندو هو ۽ اڃا تائين آهي. خير سان ڄام ساقي آزاد ٿيو، سرخ انقلاب جي ته ڪا چڻنگ به اسان پسي نه سگھياسين پر ان جي ابتڙ محترم ڄام ساقيءَ کي کاٻي ڌر واري سياست مان گم ٿيڻ ۾ پنج سال به نه لڳا! اسان جا نعرا ڪيڏا نه خوش فهمين تي ٻڌل هوندا هيا ته ” گرتی ہوئی دیواروں کو ایک دہکا اور دو،  آمریکا کے یاروں کو ایک دہکا اور دو“ ۽ پوءِ ٿيو ڇا؟ ان گرتي ديوار کي سيمنٽ هڻي، سريا وجھي مظبوط بڻايو ويو، آمريڪا جي ديوار ڪرڻ بدران ترقي پسندن جو ”ڪعبو“ سوويت يونين ڌڙام سان ڪري پيو ۽ اسان پوءِ ان موالي ڪامريڊ وانگر رهجي وياسين جنهن پنهنجي محبوبه کي چيو هو ته؛ ”میں تمہارے زانو پہ سر رکھ کر سویا ہوں، انقلاب آئے تو جگا دینا ساتھی“.
پاڪستان اندر ترقي پسند سياست خوش فهمين ۽ خود فريبين جي ور چڙهيل رهي آهي. اسان اڃا تائين انهن طلسمي جزيرن جي سحر مان نڪري نه سگھيا آهيون. بظاهر ته اسين سائنسي نظرين جون ڳالهيون ڪندا آيا آهيون پر اسان جو حال ڪنهن ويساهه وسوڙيل غلامانه ذهنيت رکندڙ مريد کان بنهه گھٽ ناهي. اسان جي دماغن اندر اهي دل ڪش تصويرون اڄ به والار ڪيون ويٺيون آهن ته هن ملڪ ۾ انقلاب جي اڳواڻيءَ لاءِ ڪو عظيم گھوڙيسوار هيرو ايندو، جيڪو بهادر هئڻ سان گڏ دنيا جا سمورا علم ڄاڻندو هوندو ۽ هر معاملي ۾ اهو نه صرف پارٽيءَ جي پر پوري قوم ۽ ڪن حالتن ۾ ته ايشيا ۽ پوري دنيا جي سياست جي رهنمائيءَ جا بار پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي کڻندو ۽ پوءِ اسان جا وارا نيارا ٿي ويندا. اسين اهڙي عظيم اڳواڻن جي نه صرف ڳولا ڪندا رهيا آهيون پر وقت بوقت اسان اهڙا بت جوڙي پنهنجن ڪلهن تي ويهاري جھمريون به پائيندا آيا آهيون. پر خدانخواسته اهو عظيم اڳواڻ انقلاب آڻي نه سگھيو ته پوءِ ضرور سندس خاندان مان ڪونه ڪو سندس جهڙو ڏاهو اڀري اينديو ۽ انقلابي قافلي جي سرواڻي ڪندي ٻيڙا پار لڳائيندو. منڍ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسان جي ترقي پسندن، قومپرستن جي دل ۽ دماغ ۾ اهڙيون هوائي ڳالهيون ايتري ته سگھ سان ويهاري ويون هيون ته چڱا ڀلا ڏسڻا وائسڻا سياسي ڪارڪن ان خيال جي ابتڙ هڪ اکر به ٻڌڻ به گوارا نه ڪندا هيا ۽ نه هاڻي ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪو ڪارڪن  ان قسم جا جائز اعتراض اٿاريندو هو ته ان کي گستاخي وارو عمل سڏي ان کي عظيم انقلاب جي عوامي سيلاب اڳيان بند ٻڌڻ برابر گناهه عظيم باور ڪرائيندا رهيا آهن. اهڙن روين رکڻ ڪري هن ملڪ ۾ ترقي پسند سياست جا ترا لڳي ويا. پارٽين اندر ڪم ڪندڙ ڪارڪن شخصيت پرستيءَ جي ڌٻڻ ۾ اهڙا ته جڪڙجي ويا ته اڃا تائين اتان پنهنجي جان آجي ڪري نه سگھيا آهن. اسان عظيم اڳواڻن جي نالي ۾ جيڪي بت جوڙيا  انهن جو قد ڪاٺ پارٽين کان به مٿي هليو ويو. پارٽيون ته اوجهڙ اندر رهيون بس ليڊر نظرن ۾ رهيا..نعرا جيڪي اسان هنيا ته اهي هن قسم جا هيا ”تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي....“، تنهنجو رهبر منهنجو رهبر...“، ”رهبر ڪير قوم جو...“. سوال ٿو پيدا ٿئي ته اها شخصيت پرستيءَ واري ڌپ ورتل سوچ هئي/آهي يا سائنسي سوچ؟ ان زماني ۽ اڄ تائين پارٽين جي سياسي لائين، حڪمت عملين، تنظيم ڪاري، جدوجهد وارن ڳالهين تي بحث ڪرڻ بدران اسان اڃا تائين ان ڳالهه تي اٽڪيا بيٺا آهيون ته ڪهڙي پارٽيءَ جو اڳواڻ ڏاهو، بهادر، سچو، نيڪ، الله جو ٻانهو آهي!! ڪنهن ڀلجي ڪري به اهو نه پڇيو هوندو ته ”ڀلا ڏيو خبر اهو هيوي ويٽ ريسلر جيڪو اوهان جو اڳواڻ آهي ان کان به پڇاڻو ٿي سگھي ٿو يانه؟ سندس فيصلن کي چئلينج ڪرڻ جو اختيار به ڪنهن فرد يا اداري کي آهي يا نه؟ پارٽي، پارٽيءَ جو منشور، پارٽي پاليسيون مٿاهيون آهن يا پارٽيءَ جو سربراهه؟“ پر جيڪڏهن ڀلجي ڪري ڪنهن اهڙو سوال اٿاريو به هوندو ته کيس اڳواڻن پاران پارٽين مان غداري، ٽراٽسڪائيڊ، سي آئي اي جي ايجنٽ جا بهتان هڻي تڙي ڪڍيو ويو هوندو. اڄ جڏهن پويان ڏسان ٿو ته مون کي ڪيئي انمول گڻائتا، ڏاها ساٿي ٿا نظر اچن جيڪي پارٽي سربراهن جي اهڙين روين جو شڪار ٿيا ۽ کين تنظيمي ڀڃڪڙين جي ڪوڙن الزامن واري ڇريءَ سان قتل ڪيو ويو. جيڪڏهن اهي سوين ڪارڪن غدار هيا، ويڪائو هيا، سي آئي اي جا ايجنٽ هيا ته پوءِ ان ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪهڙي قباحت ٿي رهي ته اها پارٽي ڪنهن عوامي انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ ٿوروئي جوڙي ويئي هئي اها ته غدارن پيدا ڪرڻ جي فيڪٽري هئي؟؟!! هر دفعي پارٽيءَ مان خارج ٿيندڙن تي غداري جا الزام لڳا، هر دفعي پارٽين جا سربراهه سرخرو رهيا. اهڙن روين ترقي پسند سياست جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو ۽ هاڻي جيڪا ترقي پسند سياست آهي اها ترقي پسندي جي نالي ۾ رينگٽ آهي. وقت گذرڻ سان سوشلسٽ پارٽين جا اڳواڻن ڪک پتيءَ مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا، ٻيا جيڪي ڇوٿين دنيا جا مفڪر هئڻ جون دعوائون ڪندا هيا انهن وري وڃي دهشت گردن جا اوتارا وسايا، ٻيا توبهه تائب ٿي، ڪفر مان جان آجي ڪري گيڙو ڪپڙا پهري مست ملنگ جو روپ ڌاري صوفي فقير ٿي پيا، ٽين وري مزاحمت جي آڙ ۾ ڀتاخوريءَ ڪئي. ڪٽي سٽي اها ڳالهه ڪبي ته ترقي پسند سياست، ترقي پسند پارٽيون وڃي نالي ماتر بچيون، جي ڪا شيءِ بچي ته اهي اڳواڻ صاحبان هيا، انهن جا اوتارا وسندا رهيا ۽ اهي ٺٺ ٺانگر جي ڊوڙ ۾ ڪرپٽ وڏيرن کان به گوئيون کڻ
حقيقي انقلاب، تبديلي ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي ڪي اهڙيون ترقي پسند پارٽيون جڙن جيڪي پنهنجي ڪارڪنن، عوام، قوم ۽ ڪنهن حد تائين پوري انسانذات آڏو جوابدهه هجن، جن وٽ مستقبل لاءِ چٽو نظريو هجي، جن وٽ گڏيل قيادت جو تصور هجي، وٽن مظبوط تنطيم ڪاري هجي، جيڪي ذاتي مال ميڙڻ واري هوس ڇڏي عوام ۾ سيڙپڪاري ڪن، عوام سان گڏجن، سندن ڏک سک ۾ شرڪت ڪن، سندن ڀرجھلا ٿين، عوام سان ملي انهن جهڙو ٿي انهن جي تربيت ڪن. عام ماڻهون جيڪو وڏيرڪي ڏائڻ ذهنيت جي نشاني تي آهي ان کي اتان ڪڍي پنهنجي صفن ۾ وٺي اچن. اهو ڪو سولو ڪم ناهي، اهو ڪم قرباني جو گھرجائو آهي. هي ڪم اهي سرانجام ڏيندا جيڪي مست ملنگ ٿي ڪري جھرجھنگ ڪاهي پوندا، در در تي وڃي ڪڙو کڙڪائي پنهنجي ڳالهه ڪندا. يقين سان چئي سگھجي ٿو ته کين ان راهه ۾ ڪيئي رڪاوٽون درپيش اينديون، مٿن چٿرون ٿينديون، مٿن الزامن جا انبار لڳايا ويندا، سندن زندگين کي زهر بڻايو ويندو پر ڇا ڪجي ٻي ڪا راهه سجھي به نه ٿي، ڪنهن نه ڪنهن کي ته اهو اڙانگھو، اڻ ڏٺل رستو وٺڻو ئي پوندو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو