Thursday, August 11, 2016

سنڌ آ ڏاڍي مٺي کائي وٺو کائي وٺو



”سنڌ جي سياست ۾ ڪيئي اهڙا سپوت پئي پيدا ٿيا آهن، جن مان، هرڪنهن پنهنجي دؤر ۾ پنهنجي ڪنهن مؤقف، عمل يا ڪردار سان ان جي خدمت پئي ڪئي آهي. ڪن جيلن ۾ پئي، جدوجهد جاري رکي، ان جي سينڌ سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي ڪن مارڳ ۾ ري ماڳ ماڻڻ کان اڳ ئي پنهنجي جان فدا ڪري ڇڏي، پر هن سڀاڳي سنڌ کي اهڙا سپوت گھٽ مليا، جن اقتدار ۾ رهي به، ان جي ٿڃ سمجھي ان جي عيوض سنڌ جي سينڌ جو سودو نه ڪيو، پوءِ ائين ڪندي، ڪن جان ڏني، ڪن اقتدار ڇڏيو، پر مادر وطن جي ٿڃ نه لڄايائون ۽ ان جو مان رکيائون. انهن سياسي سرواڻن ۾ شهيد الله بخش جو مثال ته همعصر تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي، پر ڪنهن خاص سياسي موڙ تي اچي، هن شهيد جي اوئلي سياسي ساٿي، پيرزادي عبدالستار به پاڻ موکيو پنهنجو حق سنڌ ڏانهن ادا ڪيو.“

رشيد ڀٽي

جي جياريو جن صفح 20

سنڌ جي سموري اقتداري سياست خوشامند، ذاتي مفادن تي قومي مفاد قربان ڪرڻ جي تاريخ ئي ته رهي آهي. ايوب کهڙي کان وٺي سائين قائم علي شاهه تائين جيڪي به حڪمران مليا اهي وڏن آقائن، پارٽي جي سربراهن جا ته گولي جا به غلام رهيا پر انهن جي ايجنڊائن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون ڪڏهن به نه رهيا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ توڙي پاڪستان کان پوءِ واري سياسي وايو منڊل ۾ جيڪي مهانڊا نڪري نروار ٿيا انهن مان مٿي سڻايل هڪ اڌ کي ڇڏي باقي جيڪي به آيا انهن وٽ پنهنجي وطن سنڌ ۽ سنڌ اندر رهندڙ ڏوجھرن ماريل ماڻهن جي فلاح جو ڪو هلڪو ترورو به نه ٿو ڏسجي. اسان جي وڏيرڪي، سردارڪي سياستدانن وٽ نه ته ڪو ويزن آهي نه کين ان قسم جا خيال ايندا آهن ته ڪا سنڌ به آهي. سردار ۽ وڏيرا ئي ڇو اسان جي اقتداري سياسي افق تي وچين طبقي مان اسري آيل اياز سومري پاران سنڌ جي ورهاڱي واري بلن تي ڪيل هوڪرا به ته تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن ته ساڳي سنڌ دشمن ”ٻٽي مڪاني نظام“ واري مسئلي تي سنڌ جي سدا حيات ڪلاڪار زرينه بلوچ جي پوٽي،  ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ جي ليکڪه محترمه اختر بلوچ جي نياڻي سسئي پليجي جي مجرمانه خاموشي به غداريءَ جي زمري ۾ اچي ٿي. ون يونٽ واري نظام خلاف اصولي موقف رکي اقتدار قربان ڪندڙ پيرزادي عبدالستار سان گڏ ڪي چار مهانڊا ته هيا جن ان سنڌ دشمن بل تي صحيون نه ڪيون هيون پر مڪاني نظام واري بل پيش ڪرڻ وقت ته پارٽي جي وڏي رئيس ۽ زرداري قبيلي جي سردار آڏو ته ڪنهن جي جرئت به نه ٿي هئي ته ڪو اکر به ڪڇي؟ هن وقت اقتداري سياست ماڻڻ لاءِ پارٽي جي سربراهه، اسٽبلشمنٽ، ملٽري جي مهانڊن جو آشيرواد ضروري ٿي پيو آهي. اهو هڪ اهڙو وچڙيل سُٽ آهي جنهن جي سلجھائڻ واري ڪرت ۾ سنڌ يا سنڌ جا ماڻهون ڪنهن کي به ياد ناهن هوندا،  هرڪو ياد ته ذاتي مڏي ميڙڻ يا سنڌ وڪڻي ميڙيل مڏي کي بچائڻ واري ڳڻتي ۾ ڳرندي نظر پيو ايندو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ جڏهن ٿر جا ماڻهون بک وگهي، بيمارين وگھي بي واها ٿي مري رهيا هيا ته ان علائقي مان چونڊيل شرجيل ميمڻ جهڙا ماڻهون اربين روپين جي ڪرپشن ڪندي نظر اچي رهيا هيا. جڏهن اصل تي وڊي مالڪن هلڪي نموني رسي کي ڇڪ ڏني ته يار ڳولهيندي ڪونه پيا لڀن.

سائين رشيد ڀٽيءَ جو ڪتاب پڙهندي اها به خبر پوي ٿي ته اهڙي قسم جي ڪرت ۽ وهنوار اسان جا حڪمران هر دؤر ۾ ڪندا رهيا آهن، بس مختلف وقتن تي سندن آقا کڻي مٽيا آهن. ڪڏهن اهي فرنگين وٽ ننگ ۽ ناموس وڪڻي لقب القاب وٺندا هيا پوءِ ايوبي آمريت جا گولا ۽ غلام رهيا، ذالفقار علي ڀٽو آيو ته سڀ وڏيرا ۽ سردار سندس ارد گرد گڏ ٿي ويا جڏهن مٿس ڏکيا ڏينهن آيا ته گڏهه جي مٿي تان سڱن وانگر گم ٿي ويا ۽ وري پڇ لٽڪائي ضياءَ الحق جا بوٽ چٽڻ لڳا، ان مان واندڪائي ملين ته واري وٽي سان ڪڏهن ليگي ته ڪڏهن پيپلن جي پيرن ۾ پيا ليٿڙيون پائيندا رهيا، ساڳي سندن ڪرت مشرف دؤر ۾ به رهي ۽ جڏهن رئيس وڏو آيو ته مڙني ماٺ ڪئي ۽ سنڌ جي سياست جو هڪ انوکو مثال قائم ٿيو ته ڊنگ قسم جي وڏيرن، سردارن ۽ پيرن توڙي ڀاٿاريدارن سميت سمورن سيد سڳورن به هڪ امتي جي چانئٺ تي مٿو ٽيڪائي سندس بيعت ڪرڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجھي. سنڌ جا ماڻهون وات پٽيون مداريءَ وارو کيل ڏسندا رهيا، ساڃهوند ڪنهن مسيحا جي آس ۾ اوسي پاسي نهارڻ لڳا ته من ڪو هڪ اڌ شهيد الله بخش سومري يا پيرزادي عبدالستار جهڙو ماڻهون نظر اچي! ان آس ۽ اميد ۾ سنڌ جا ساڃهوند پير پاڳاري سان به وڃي گڏ ويٺا پر سنڌ جي هن وڏي گاديءَ وارن وٽ انگريزن سان مهاڏو اٽڪائڻ واري سورهيه بادشاهه جي سوين پتيءَ واري جرئت به نه ٿي ڏسجي نيٺ انهن به وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوئي سنڌ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتيءَ ۾ وسان ڪين گھٽايو.

اقتداري سياست جي پرپيچ رستن کي ڇڏي اسان جڏهن هڪ نظر قومپرستي ۽ ترقي پسنديءَ جي نالي ۾ سياست ڪندڙن تي وجھون ٿا ته اتي به اسان کي ساڳيو ئي مومل پاران مڪر ۽ فريب سان جوڙيل مانڊاڻ پيو نظر اچي. سنڌ اندر ڪن قومپرست ۽ ترقي پسند سياست ڪندڙ پارٽين ۽ سندن اڳواڻن به وسان ڪين گھٽايو. ڪن ايجنسين سان ساز باز ڪري ڀتا خوري، پلاٽن تي قبضا خوريءَ ڪري مال ميڙيو،  ڪن تعليمي ادارن ۾ داداگيري ڪري سنڌ جي تعليم کي تباهه و برباد ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو، ڪن اصلي تي وڊي سرڪار جي آشيرواد تي سنڌ جي اسرندر جمهوري ۽ عوام دوست سياست کي بند ٻڌرائڻ لاءِ نام نهاد گوريلا ڪارواين جو ڪوڙو روپ ڌاري ڪيئي ڳڀرو ڪهائي ڇڏيا ۽  ڪن واتوڙي سياستدانن سنڌ جي جڳادري وڏيرن ۽ سردارن جي چمچاگيريءَ کي پنهنجو شيوو بڻائي پنهنجو حصو وصول ڪيو. 
ڪاش ڪي اهڙا اڳواڻ به اچن جيڪي شهيد الله بخش سومري، شهيد فاضل راهو، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد، پيرزادي عبدالستار جي پيروي ڪندي نظر اچن، ڪو ته هجي جيڪو مولوي نذير حسين جتوئي وانگر ظالمن جي اکين ۾ اکيون ملائي کين منهن تي سڀ ڪجھ چئي سگھي اي ڪاش......


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو