Friday, August 26, 2016

مان ڪير آهيان (قسط پهرين) ..................................who am I


منهنجو نالو اميرگل ولد علي گل آهي مان خيرپور ميرن واري جي اوڀارين پاسي شادي شهيد روڊ ڀرسان ڳوٺ پنواڙيءَ ۾ 5 جنوري 1959ع ۾ جنم ورتو هو. هن وقت منهنجي عمر ڪيتري ٿيندي ان جي جنهن کي به ڳڻتي هجي ڀلي حساب ڪتاب ڪري وٺي مون کي ڪا پرواهه ناهي. مون اڄ کان پوءِ اهو فيصلو به ڪري ڇڏيو آهي ته پنهنجي عمر لڪائڻ خاطر وارن کي ڏامر هڻڻ وارو خفو به ڪونه ڪندس. مون ٻروچاڻي قبيلي ڪٽوهر گھراڻي ۾ اک کولي. اسان جون وڏي عمر واريون عورتون اڄ به بلوچي لباس وارو ڦشڪ اوڍينديون آهن، اسين اڄ به گھر ۾ سنڌي گاڏڙ بلوچڪي ڳالهائيندا آهيون پر اسان جا سمورا ٻار سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهندا آهن. ڪٽوهرن لاءِ يار دوست ٻڌائيندا آهن ته اهي بليدي قبيلي جي شاخ آهن پر هاڻي مان پنهنجو پاڻ کي ڪنهن به نموني ٻروچ يا بلوچ يا بليدي سمجھڻ بدران سنڌ ڄائو سمجھان ٿو. منهنجي خيال مطابق ڪٽوهر به سنڌين جي هڪ ذات آهي بلڪل اهڙي طرح جيئن ابڙا، ٻرڙا، ڌاريجا، موريجا، ناريجا، سميجا، ڌنواڻي، موٽواڻي، ڪولهي، ميمڻ، شيخ، يا ٻيا آهن. لطيف منهنجو رهبر آهي، سچل منهنجو مرشد آهي، اياز ۽ بخاري مون لاءِ قومي شاعر آهن. مون جنهن گھراڻي ۾ جنم ورتو هو اهو نماز سنين واري جڏهن ته باقي وهنوار شيعن وارو ڪندا هيا. منهنجو ڏاڏو الاهي بخش ڪٽوهر جڏهن پير احمد شاهه واري عيد گاهه ۾ عيد نماز پڙهائيندو هيو ته تر اندر رهندڙ سمورين ذاتين وارا ۽ سمورن مسلڪن وارا سندس ڪڍ نماز پڙهندا هيا جن مان ڪن جا هٿ کليل هوندا هيا جڏهن ته ڪي وري هٿ ٻڌي نماز ادا ڪندا هيا.  جڏهن ته مان پنهنجو پاڻ کي ڪنهن حد تائين صوفين واري لڏي ۾ بيٺل ٿو ڀانيان جڏهن ته منهنجون سوچون خالصتاً ترقي پسند ۽ سائنسي بنيادن تي بيٺل آهن. مان عورتن کي ڪاري ڪرڻ واري ڪني ۽ جاهلاڻا رسم کي انتها درجي جي بي غيرتي ٿو ڀانيان. مان صنفي اڻ برابريءَ جو سخت مخالف آهيان، منهنجي خيال ۾ ته مردن ۽ عورتن وچ ۾ جيڪو وڏي ۾ وڏو فرق آهي اهو جسماني آهي باقي ٻئي صنفون ساڳيون خصوصتيون رکن ٿيون. منهنجو پڪو ۽ پختو ايمان آهي ته جيستائين اسان پنهنجي عورتن کي گھر جي سمورن اهم فيصلن ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ڪنداسين، گھر جي عزت کي عورتن سان سلهاڙڻ بند نه ڪنداسين ته ترقي نه ڪري سگھنداسين. اهڙن خيالن جي اثر هيٺ مون پنهنجي پٽن ۽ پنهنجي نياڻين وچ ۾ ڪوبه فرق ناهي رکيو. منهنجو ٻه ڇوڪريون ايم اي انگريزي ريگيولر ڪري چڪيون آهن ۽ ٽين منهنجي نياڻي آ بي اي سکر مان بي ايڊ آنرس پئي ڪري. ان نموني منهنجي چئن پٽن مان ٽي پٽ اعلى تعليم حاصل ڪري چڪا آهن ۽ ننڍي ۾ ننڍو پٽ اسلامڪ انٽرنيشنل يونيورسٽي اسلام آباد مان بي بي اي آنرس پيو ڪري. 
  

هاڻي اوهان جو وارو آهي، اوهان مرد آهيو يا اوهان جي جنس عورتاڻي آهي مون کي پنهنجي فرينڊ لسٽ ۾ رکڻ ٿا گھرو يا ان فرينڊ ڪرڻ جو آپشن ٿا آزمايو مون کي ڪو اعتراَض ناهي. جيڪڏهن ڪو منهنجي فرينڊ لسٽ ۾ رهڻ پسند ٿو ڪري ته کيس مون کي منهنجي سمورن عيبن ثوابن سان قبولڻو پوندو. بقول جڳجيت جي ته کين ”منهنجو ڪيول من“ ڏسي فيصلو ڪرڻو آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو