Friday, August 12, 2016

پاڪستان زندهه آباد


هاڻي جڏهن سائبر ڪرائيم ايڪٽ به پاس ٿي چڪو آهي ته ان ڪري ملڪي سالميت، نظرياتي سرحدن، ملڪ جي عظيم قيادت (ڦوٽوءَ ۾ ڏيکاريل) خلاف لکڻ، ڳالهائڻ تمام وڏو ڏوهه آهي ۽ جيڪڏهن ڪو انهن جي انحرافي ڪندو ته کيس جيل ۽ ڏنڊ يا ٻئي سزائون ملي سگھنديون. ان ڪري مان قائد اعظم جي عظمت، لياقت خان جي بي تعصبي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان انتهائي احترام سان ياد ڪرڻ وارن جذبن کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھان. مان ته هتي علامه اقبال جو هي شعر به هرگز نه لکندس جنهن ۾ هُن چيو هو ته؛


”ابھی تک پائون سے چمٹی ہیں زنجیریں غلامی کی
دن آجاتا ہے آزادی کا، آزادی نہیں آتی۔
علامه اقبال ته خير هيو ئي فلسفي شاعر جنهن جو شاهين جڏهن اڏرندو آهي ته خسيس قسم جا پکي جهڙوڪر ڪبوتر، ڳيرا ڳٽر ڳو ڳٽر ڳو ڪندا گم ٿي ويندا آهن پر هو جيڪو فيض احمد فيض نالي ” ملحد، ڪافر“ شاعر هيو جنهن اٿندي ئي ملڪي سالميت تي آڱريون کڻڻ شروع ڪري ڏنيو هيون ان جو هي شعر اوهان بلڪل به نه پڙهجو پر جي پڙهو به سهي ته مون وانگر نفرت جي نگاهه سان پڙهو. (ياد رهي ته پاڪستان ۾ اسان جا بظاهر انتهائي نيڪ ماڻهون به جڏهن ڪو غلط ڪم ڪندا آهن يا ڪا غلط قسم جي شيءِ ڪمپيوٽر، ٽي وي، فيس بوڪ تي غور سان ڏسندا آهن ته هو ان کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا آهن)
صبح آزادی
اگست 47ء
یہ داغ داغ اُجالا، یہ شب گزیدہ سحر
وہ انتظار تھا جس کا، یہ وہ سحر تو نہیں
یہ وہ سحر تو نہیں جس کی آرزو لے کر
چلے تھے یار کہ مل جائے گی کہیں نہ کہیں
فلک کے دشت میں تاروں کی آخری منزل
کہیں تو ہوگا شبِ سست موج کا ساحل
کہیں تو جاکے رکے گا سفینہء غمِ دل
جواں لہو کی پراسرار شاہراہوں سے
چلے جو یار تو دامن پہ کتنے ہاتھ پڑے
دیارِ حسن کی بے صبر خواب گاہوں سے
پکارتی رہیں، باہیں، بدن بلاتے ہیں
بہت عزیز تھی لیکن رخِ سحر کی لگن
بہت قریں تھا حسینانِ نور کا دامن
سبک سبک تھی تمنا، دبی دبی تھی تھکن
سنا ہے ہو بھی چکا ہے فراقِ ظلمت و نور
سنا ہے ہو بھی چکا ہے وصالِ منزل و گام
بدل چکا ہے بہت اہلِ درد کا دستور
نشاطِ وصل حلال و عذابِ ہجر حرام
جگر کی آگ، نظر کی امنگ، دل کی جلن
کسی پہ چارہء ہجراں کا کچھ اثر ہی نہیں
کہاں سے آئی نگارِ صبا، کدھر کو گئی
ابھی چراغِ سرِ رہ کو کچھ خبر ہی نہیں
ابھی گرانیء شب میں کمی نہیں آئی
نجاتِ دیدہ و دل کی گھڑی نہیں آئی
چلے چلو کہ وہ منزل ابھی نہیں آئی

ڪيڏي نه ”بڪواس“ ڪري ويو آهي اهو منڪر شاعر اهڙي کي خبر ناهي ماڻهون الائي ڇو عظيم چوندا آهن ٻيو ته ٺهيو ميان شهباز شريف به سندس شعر چوندو آهي. 

ها جيستائين پاڪستان جي عظيم فوجي قيادت، پاڪستاني ايجنسين جو تعلق آهي ته انهن جو دنيا اندر مثال ملڻ مشڪل آهي. اسان جي فوجي جنرلن، ڪرنلن جڏهن به ڪا جنگ ڪئي ته ان ۾ فتح حاصل ڪئي، هن وقت تائين اسان جي جنرلن ڪابه جنگ هارائي نه آهي. جيستائين بنگله ديش جنهن کي ڪنهن زماني ۾ اوڀر پاڪستان چوندا هيا انهن جو تعلق هيو اهي ته هيائي لعنتير، ڀٽڪيل، ڀليل ۽ دشمن جي اشارن تي نچڻ وارا، انهن کي سڌارڻ، دين جي رستي تي واپس آڻڻ لاءِ الشمس ۽ البدر جهڙين تنظيمن پنهنجي وسان ڪين گھٽايو هو. انهن بنگله ديش مان ڳولهي ڳولهي ڪيئي ”ڪافر“ جهنم رسيد ڪيا هيا جن جو انگ 25 لکن تائين هو پر کين نڀاڳ به ته ڇڏي نه؟ سو انڪري پاڪستان جي عظيم سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ انتهائي دانش مندانه فيصلو ڪيو هو ته ”ڪني چيچ وڍي چنگي“ ڪيستائين اسان انهن بندرن بنگالين جا نخرا کڻون ها اسان کي ٻيا ڪم ناهن ڇا ته اتي ڦاٿا پيو هجون! سو اهو فيصلو ڪري کانئن هٿ پٽيا ويا هيا ته وڄي ڌوڙ پائين. کين الڳ ٿئي ڇائتاليهه سال ٿيا آهن اهي ساڳي نموني ”ڦٽيل ڪتي“ وانگر پيا ٿا رڙيون ڪندا وتن ۽ دنيا ۾ سندن ٽڪي جيتري به عزت ناهي حالانڪه سندن سڪي جو نالو ئي ٽڪو آهي. جنهن ملڪ جي سڪي جو نالو ئي ٽڪو هجي ان مان ڀلا چڱائيءَ جي ڪهڙي اميد ڪري سگھجي ٿي. 

ان جي ڀيٽ ۾ اسلاميه جمهوريه پاڪستان مٿان مولا جي مهر آهي اهو سڄي دنيا جي سياست جي اکين جو تارو آهي. سعودي عرب هجي يا آمريڪا، برطانيه هجي يا فرانس يا روس يا کڻي هندستان هجي يا افغانستان سڀني جي وات تي جيڪڏهن لفظ آهي ته اهو آهي ”پاڪستان“ . پاڪستان جو نالو ٻڌي ۽ خاص ڪري پاڪستان جي ڏيهان ڏيهه مشهور آئي ايس آءِ جو نالو ٻڌي افغانسان، ايران، هندستان وارن جا وار ڪانڊرجي ويندا آهن ۽ اهي دعائون گھرندا آهن ته شل ان پاسي کان ڪو ڪوسو واءُ نه اچي. اها آهي اسان جي عظمت...

ڪالهه مان وارهه طرف ويو هوم جتي رينجرس وارا گھر گھر تلاشي وٺي پاڪستان کي ٽوڙڻ جا نعرا هڻندڙ سنڌي نوجوانن کي ڳولهي رهيا آهن. رينجرس ۽ فوج جي ڪارواين جو اهو مثبت اثر ٿيو آهي ته علحدگي پسندن پنهنجي ڳاڙهي ڪهاڙي واري جھنڊي سان گڏ پاڪستان جو سبز حلالي پرچم به لهرائي ڇڏيو آهي. اها آهي اسان جي پاڪ فوج جي نوجوانن جي ڪاميابي، جن کي ملڪ اندر ننڍي کان ننڍي چرندر ڪک تي به نظر هوندي آهي. مان 14 اگسٽ تي پاڪستان جي عظيم قيادت خاص ڪري سائين جنرل راحيل شريف، علام اقبال، سڪندر مرزا، گونر غلام محمد، ايوب خان، يحى خان، جنرل ضياالحق، پرويز مشرف، مرحوم حميد گل، فيض علي چشتي ۽ ٻين سندن ساٿارين، جهڙوڪر ميڊيا تي سندن گيت ڳائيندڙن ۽ سڀني فرقن جي ملن مولوين کي نوڙي سلام ٿو پيش ڪريا.
اچو ته گڏجي هڪ نعروهڻو؛
پاڪستان زندهه آباد
پاڪستان پائيند آباد
تو بهي پاڪستان هو مين بهي پاڪستان هون،

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو