Friday, April 17, 2020

ڊائريءَ جو ورق ....16جولاءِ 1998ع خميس جو ڏينهن، نازل عرف ڪانگل جو قصو





ڊائريءَ جو ورق ....16جولاءِ 1998ع خميس جو ڏينهن
اڄ شام جو نازل عرف ڪانگل هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. انا لله وَ انا اليهه راجعون. يعني ته ڪانگل جو ڪانگ اڏامي ويو. مرحوم ٽي بي ۽ سلهه جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هو. سندس وڏي گھر واري نالي “سهڻي” کي پڻ اها بيماري ڳڙڪائي ويئي هئي. ڪانگل محنتي، سٻاجھڙو، سادو جهڙو اندر تهڙو ٻاهر ڪاوڙ ايندس ته گارين جا ڌوڙيا، خوش ته مک تي مرڪ ۽ ٽهڪ. اسان جي ڳوٺ جو هي پهريون انسان هو جنهن وٽ گرامو فون هوندو هو. (پنهنجي دئور جي جديد ايجاد هڪ ننڍڙي پيٽي جنهن جي ليور کي دٻائي چاٻي ڏيئي ويندي هئي ۽ ڪتي ڇاپ رڪارڊ مٿان سوئي رکي ويندي هئي ۽ ان جي وڏي ڪن جهڙي لائوڊ مان آواز نڪرڻ شروع ٿي ويندا هيا.) آخر ۾ (پوڙهائپ) ٻي شادي ڪرايائونس. سندس ان ٻنڌڻ کي ڏسي سمجھ ۾ اها ڳالهه نه ايندي هئي ته خبر ناهي، ترس کائي هن اها قرباني ڏني هئي يا جوان ڇوڪريءَ کي پرڻائي ان کي سوليءَ تي لٽڪايو ويو  هو. هن پوئين گھر مان به کيس ٻه ٻار آهن ۽ ٽئين جي اميدواري اٿس، خدا سندن پوئيواري ڪري، ڪو هيلو وسيلو گھٽ ٿو ڏسڻ ۾ اچي. اڳئين گھر واريءَ مان کيس سندس پٽ خميسي خان کي اڳ ئي ڌڻ ٻارن جو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي جڏهن منهنجي ساڻس چارچشمي ٿيندي هئي ته مان کيس ماما نازل يا ماما ڪانگل چئي “حق” چوندو هوس ته هوبه مون کي ماستر يا استاد چئي ورنائيندو هيو. ماما ڪانگل ڏاڏي صحبت جن جو اولاد هيا . ڏاڏو صحبت پڻ ڏاڍو ٽڻنڪ ۽ طوفاني طبيعت جو مالڪ هوندو هو، خاص ڪري کيس چئوپڙ راند جي وڏي مهارت هوندي هئي. سردار بخش عرف سردارو به نازل جو ڀاءُ آهي (جيڪو پڻ هاڻي گذاري ويو آهي). سردارو خيرپور جي ميرن (ٽالپرن) وٽ ڪم ڪندو آهي، سندس وڏو پٽ ڪوڙو خان به اتي ئي ڪم ڪندو آهي. ٻڌو آهي ته ڪوڙي خان سان گڏ سندس ننڍو ڀاءُ قوي پڻ ٽي بي جي مرض ۾ مبتلا آهي. الله پاڪ سڀني کي پنهنجي امان ۾ رکي. انهن موروثين بيمارين ته کنڌا ئي کڻي ڇڏيا آهن. مان ته دل ئي دل ۾ دعائون ٿو گھران ته شل سندس پوئين گهر واري ۽ ان جو اولاد ان موذي مرض جي ٽوئنڪر کان بچيل هجن. سنڌي سماج ۾ سئوٽ، ماسات، پڦاٽن سان شاديون ڪرڻ جو اهي ئي ته خرابيون Evils آهن. اهڙين شادين ڪري اسين ذهني ۽ نه ئي جسماني طرح سگھا ٿي سگھيا آهيون. اهڙين ڳالهين جو سبب ذهني طرح پراڻين رجعت پرست، مدي خارج، ريتن رسمن، رواجن ۽ سوچن سان سلهاڙجڻ آهي جن جو اسان جي سوچن تي مڪمل قبضو آهي، تعليم جي اڻاٺ ته آهي پر جيڪي ٻه چار درجا پڙهيل به آهن ته اهي ڪاپي ڪلچر جي پيداوار آهن، هونئن اڪثريت حقيقي ديني توڙي دنوي تعليم کان ڪوهين ڏور بيٺل آهي، شل خدا اسان سڀني سمجهه ۽ ساڃاهه ڏي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو