Friday, April 17, 2020

ڊائريءَ جو ورق...25 ڊسمبر 1998ع






ڊائريءَ جو ورق
28 ڊسمبر 1998ع سومر جو ڏينهن
اڄ مجيب ڇوڪرين جي ٽرانسفر سرٽيفڪيٽس لاءِ خرپور ويو هو اهو ان ڪري ته جيئن هنن کي هتي سکر ۾ داخلا وٺرائي ڏيون. اهو ڪم ته نه ٿيو سياري جي موڪلن ڪري پر مجيب اتان اها ڏک واري خبر آندي ته بهرام عرف گدو هن فاني جهان کان لاڏاڻو ڪري ويو انا لله و انا ليه راجعون. خدا کيس جنت نصيب ڪري گھڻن سگريٽن پيئڻ ڪري ڳلي ۾ ڪينسر جو موذي مرض ٿي پيو هوس، جنهن سندس جان ورتي. هي يار اسان جي ٽهي جو هو ، ڪو هڪ اڌ سال وڏو هوندو. غريب ۽ مولائي هو، اسڪارپ خيرپور ۾ بيلدار هو پر سندس عملي ڪم سندس ڀاءُ علي شير سرانجام ڏيندو هو. جهالت جي حد ته اها آهي ته آخر ۾ کيس مرڻ به آسانيءَ سان نه ڏنو ويو هو. ڪجھ ڏينهن اڳ جن ڀوت ڪڍڻ وارا ڀوپا گھرائي مٿس ناٽڪ رچايو ويو هو. ڪينسر ايڏو ته موذي مرض آهي جو مريض تمام گھڻو درد سهندو آهي ٻين لفظن ۾ ته سهڻ تي مجبور هوندو آهي ۽ هڪ اسٽيج تي اهو درد ناقابل برداشت آهي ۽ مريض جي ذهني حالت بگڙڻ لڳندي آهي بس ڪو چڱو ڀلو يا بيمار ماڻهو ڪن به سببن ڪي رڳو ڪا ابنارمل حرڪت ڪري ته هڪدم ان تي ڪنهن جن جي سائي جي فتوا صادر ڪري انهن ٺڳ ۽ بدمعاش ڀوپن کي گھرائي مريض سندس حوالي ڪري بيمار کي وڌيڪ تڪليف ڏني ويندي آهي. خدا اسان کي ساڃهه ڏيندو ۽ رحم ڪندو. هر هفتي ڳوٺ مان ڪا نه ڪار خراب خبر ملندي رهندي آهي. گذريل هفتي جڏهن ڳوٺ ويو هو ته اها خبر آندي هيائين ته علي دوست ڪار جو ايڪسيڊنٽ ڪري ويٺو آهي سندس بچاءُ ته ٿي ويو پر ڪار تي کيس پندرهن هزار کن خرچ ڪرڻا پوندا.
سکر شفٽ ٿئي ڏهه ٻارنهن ڏينهن اچي ٿيا آهن، ٻيو ته ڪل ٺيڪ آهي باقي خرچ ڪجهه سرس آهن ان لاءِ محنت به سرس ڪرڻي پوندي. ڇوڪرين جي داخلا جو مسئلو ۽ مجيب جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جو مسئلو اڃا حل طلب آهي. امڙ جي طبيعت ڪجهه بهتر آهي پر اڃا هو پوريءَ ريت ٺيڪ ناهي خدا کيس مڪمل صحت ۽ وڏي ڄمار عطاڪري شل. آمين
هڪ گائيڊ مڪمل ڪري ان جي معاوضي جا 1500 روپيا وٺي کپائي به چڪو آهيان ان مان اڃا وڌيڪ پنج سئو روپيا ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ٻئي گائيڊ جو ڪم هلي پيو پر رفتار سست آهي. ان جو سبب مواد جي گھٽتائي پڻ آهي جيڪي نوٽس مليل آهن اهي ان ڪم لاءِ اڻ پورا آهن ڪو مڪمل ڪتاب ملي پوي ته واهه جو ڪم ٿي پوي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو