Friday, April 3, 2020

'MANDI' Film Review





منڊي
دوستو لاڪ ڊائون ۾ رهندي وانڪائيءَ جي وقت کي فلمن، وڊيو ڪلپس، سوشل ميڊيا تي اپ ڊيٽس ڪري ايترو ته مصروف ٿي ويو آهيان ته خبر ئي نه ٿي پوي ته ڏينهن ڪيئن گذري ويو. ڪڏهن ڪڏهن ته صبح جو اٿندي ئي ڪم سان لڳي ويندو آهيان ۽ جڏهن سج لٿي وقت آزان جو آواز ڪنن ۾ گونجندو آهي ته خبر پوندي آهي ته سج لهي به ويو پر پوءِ به ڪم پورو نه ٿيو. اڄ مان اوهان دوستن سان هڪ آرٽ مووي منڊي تي تبصرو ونڊيا ٿو اميد ته اوهان کي پسند ايندو. دوستو هلندي هلندي وري به وينتي ته جيڪڏهن اوهان منهنجو هي چينل اڃا تائين سبسڪرائيب ناه ڪيو ته اڄ ئي ڪري وٺو ۽ ان سان گڏ گھنڊڻي تي به ضرور ڪلڪ ڪجو. لک قرب.
1990ع ۾ منهنجي پوسٽنگ بطور ليڪچررشپ جي ڪراچي ۾ ٿي هئي ۽ 1991 کان 1992 تائين هڪ سال تائين ڊپوٽيشن تي گورمنٽ ڊگري ڪاليج ميمڻ ڳوٺ ڪاليج ۾ رکيو ويو هو جتي پروفيسر عبدالرحيم راولاڻي، پروفيسر محمد عارب ميربحر، پروفيسر عبدالرزاق ڀٽي، پروفيسر قاسم ڪنڀار، پروفيسر پرسرام ۽ ٻين سان واقفيت ٿي هئي ته اتي ئي لاڙڪاڻي جي رهواسي پروفيسر آفتاب بروهيءَ سان پڻ مکاميلي ٿي هئي ۽ پوءِ مان، آفتاب بروهي، قاسم ڪنڀار، عبدالرزاق ڀٽي، عارب ميربحر گرين ٽائون جي هڪ فليٽ ۾ گڏجي رهندا هياسين. ان کان اڳ مان ماما صوبل بلوچ جي سرڪاري رهائش گاهه جي او آر ڪالوني سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي جي فليٽ J 14 ۾ به ڳچ عرصو رهي چڪو هوس. فليٽ تي وي سي پي پڻ هوندي هئي جنهن تي گڏجي فلمون ڏسندا هياسين ۽ پوءِ جڏهن گرين ٽائون ۾ رهندا هياسين ته آفتاب بروهي سان سيڙهجي سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ آرٽ فلمون ڏسڻ ويندا هياسين. سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ وڊيو ڪيسٽون ڪرائي تي ڏيندڙ ڪاٺواڙي ميمڻ ڀائي دڪاندار چوندو هو ته بس اوهان ئي هي فلمون ڏسو ٿا باقي هونئن ته پئي پئي انهن تي واري چڙهي ويندي آهي. اهو ئي زمانو هو ته ٻين ڪيترن آرٽ موويز سان گڏ شيام بنگالي جي هدايتڪاريءَ ۾ جڙيل فلم “منڊي”  ڏسڻ جو موقعو مليو هو. هونئن گھڻو اڳ 1974ع ۾ جڏهن مان ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول خيرپور جو ڏهين درجي جو شاگرد هوس ته هاف ٽائيم وقت اسڪول مان گسائي تنهن وقت “ڊويزنل لئبرري” جنهن جو هاڻي نالو “سچل لئبرري” آهي ۾ اچي اردوءَ ۾ ڇپجندڙ جاسوسي، سسپنس ۽ سب رنگ ڊائجسٽ پڙهندو هوس. جاسوسي ۽ سسپنس ته رواجي ڊائجسٽ هيا پر سب رنگ ۾ اردو ادب مان چونڊ ڪهاڻيون ۽ ناول به شايع ڪندا هيا. گھڻو ڪري مون “سب رنگ ڊائجسٽ” ۾ ئي غلام عباس جي ڪهاڻي “آنندي” پڙهي هئي جنهن تي اڳتي هلي ڪري اها فلم منڊي جوڙي ويئي هئي.
فلم مون کي انوقت به وڻي ويئي هئي پر ورائي ان کي اڄ ڏٺم ته منهنجا ته طاق لڳي ويا ۽ فلم جون ڪيئي نيون ڳالهيون سمجھ ۾ آيون جيڪي پهرين دفعي ڏسڻ سان محسوس نه ڪيون هيم يا وري اهو به ٿي سگهي ٿو ته وقت گذرڻ سان وسري ويون هجن. هونئن به عمر جو وڌڻ، وڌيڪ مطالعو گھري مشاهدي ڪرڻ جي صلاحيت کي جنم ڏيندو آهي. اهو مسئلو رڳو مون سان ناهي اوهان به اهو تجربو ڪري سگھو ٿا ته ماضي بعيد ۾ ڏٺل ڪنهن معياري فلم کي ورائي ڏسو اها فلم اوهان کي بلڪل نئين ۽ نرالي لڳندي.
 ڀلا جنهن فلم ۾ هندستاني فلم انڊسٽريءَ جا ليجنڊ اداڪار جهڙوڪر نصيرالدين شاهه، اوم پوري، امريش پوري، سعيد جعفري، ڪلبوشن کربندا جهڙا اداڪار هجن ۽ سندن مقابلي ۾ آرٽ موويز جون شاهزاديون سُميتا پاٽيل ۽ شبانا اعظمي جهڙيون اداڪارائون هجن ته اوهان پاڻ اندازو لڳائي سگھو ٿا ته اها ڪيتري نه شاندار هوندي. هي بلڪل هڪ غير روائتي فلم آهي جنهن ۾ سماج جي انتهائي حساس موضوع کي تمام گهڻي فنڪاراڻي نموني فوڪس ڪيو ويو آهي. هي فلم شهر جي وچ ۾ ڳائڻين ۽ جسم جو ڪاروبار ڪندڙ ڪجھ عورتن جي چوڌاري ڦري ٿو. ڳائڻيون جن جا ڪيئي عاشق آهن، ڪيئي ڀڙوا آهن ۽ وڏي ڳالهه ته ڪيئي معزز ماڻهو سندن ڪراهڪ آهن جيڪي پنهنجي ظاهري عزت کي برقرار رکڻ لاءِ کين شهر نيڪاليءَ واري قرارداد تي صحيون ڪري اچي وٽن عذر پيش ڪندا آهن. کين شهر نيڪالي بعد هڪ ويراني ۾ رهايو ويندو آهي جتي سندن عاشق پهچي ويندا آهن، ماڻهن جي ريل پيل لڳي پوندي آهي، ڦٽل درگاهه کڙڪ شاهه جي درٻار ۾ وري ساهه ڦوڪجي ويندو آهي ۽ جتي ميلا لڳڻ شروع ٿين لڳندا آهن قواليون ڳايون وينديون آهن ۽ ڏسندي ڏسندي اهو ويرانوهڪ نئون شهر ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ هڪ دفعو وري ساڳي ميونسپالٽي جا ميمبر هنن بي پهچ ۽ بي وس انسانن کي سندن ئي ورسايل نئين شهر مان لوڌي ڪڍڻ جي هڪ دفعو وري قرارداد پيش ڪندا آهن.  هن فلم ۾ ڪيئي شاڪنگ سين آهن. خاص ڪري جڏهن  مسٽر اگروال (سعيد جعفري) جو پٽ سشيل پنهنجي مڱيتر کي نظر انداز ڪري رڪمني بائي (شبانه اعظمي) جي پاليل ڇوڪري زينت (سميتا پاٽيل) تي عاشق ٿي پوندو آهي. زينت جيڪا حقيقت ۾ اگروال صاحب جي ناجائز پيدا ڪيل ڇوڪري هوندي آهي جنهن کي رڪمني بائي رازداريءَ سان پالي وڏو ڪندي آهي. مطلب ته رشتي ۾ اهي ٻئي هڪ ٻئي جا ڀاءُ ڀيڻ هوندا آهن.  فلم جي هر اداڪار خوب نڀايو آهي. نصير شاهه رنڊين جي ٽانڊي ٽوپي ڪرڻ وارو، اوم پوري ڦوٽوگرافر، امريش پوري مزار جو اڌ چريو مجاور، شبانه اعظمي سمورين رنڊين جي وڏڙي رڪمني بائي ۽ سميتا پاٽيل نوخيز ڪلاڪارا. فلم هلندي اوهان جي هڪ منٽ لاءِ به اسڪرين تان پنهنجو اکيون هٽائي نه سگھندا. هي فلم ڳائڻين ۽ جسم فروشي ڪندڙن تي جڙيل آهي. فلم جو ڪمال هيءَ آهي ته فلم ڏسي اوهان کي جسم فروشيءَ ۽ ڳائڻ وڄائڻ وارو ڪم ڪري پيٽ پاليندڙ انهن عورتن سان نفرت بدران همدردي پيدا ٿيندي ڇوته فلم ۾ کين هڪ انسان طور ڏيکاريو ويو آهي. ڪجھ اهڙا انسان جن کي زماني اهو ڌنڌو ڪرڻ تي ته مجبور ڪري ڇڏيو هو پر سندن اندر ۾ به پيار، محبت، نفرت، خوشي ۽ غم جا احساس ساڳيا عام انسانن وارا آهن. هڪ ٻي فلم شڪتيءَ ۾ اهڙوئي گيت سميتا پاٽيل ۽ اميتا بچن تي فلمايل آهي جنهن ۾ طوائف جي زندگيءَ جو جهڙوڪر پورو وچور ڏنل آهي.
هم ني صنم کو خط لکها خط ۾ لکها...
دوستو هي مڪمل فلم يوٽيوب تي موجود آهي، ڏسي مزو ماڻيندا.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو