Friday, April 3, 2020

Behavior of religious people in days of Covid_19 Lock Down

تبليغي ۽ زوار به هن ملڪ جا معزز شهري آهن. مان دلي دعاگو آهيان ته باقي سموري آبادي سان گڏ اسان جا هي دوست به شل هن وبا کان مڪمل نموني محفوظ رهڻ. منهنجي ڪري يا ٻي ڪنهن شهريءَ جي ڪنهن ٻي احتياطي ڪري جيڪڏهن وائرس پکڙجي ته اها تمام گهڻي تشويش جي ڳالھ آھي. مان ۽ مون سان گڏ ڪيترائي ساڃهوند ان ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا آهيون ته ملڪ ۽ دنيا جي مڃيل ڳالهين کي پاڻي ڏيندي اهڙو ڪوبه عمل نه ڪجي جنهن سان پنهنجو سر ته وڃي ۽ پورو راڄ ڏچي ۾ پئي. پر خدا جا بندا اها ڳالھ سمجهڻ لاءِ تيار ئي ناهن. کين ٻه ٽي جملا رٽايا ويا آهن ۽ اهي صبح، منجهند شام، رات معني ته هر گهڙي انهن جو ورجاءُ تسبيح جي داڻن وانگي ڪن ٿا.
هي جيڪا وبا يا بيماري آهي ان کي نه مڃڻ سان آها ختم ڪونه ٿي ويندي، پٽ پاراتي جو مٿس ذرو به اثر نه ٿو ٿئي، هن جو علاج ڪنهن ٽوڻي ڦيڻي، دعا يا عبادت سان به ڳنڍيل ناهي، هن وقت تائين معلوم ڄاڻ موجب هن وبا جي ڪا دوا به تيار ٿي نه سگهي آهي ۽ نه ڪو هن جو علاج آهي ها بچاءُ ڪري سگهجي ٿو ۽ سڄي دنيا جا انسان ان کان بچڻ لاءِ گهرن ۾ ويهي رهيا آهن، هٿن جي صفائي، سوشل ڊسٽنس سان اها زنجير ٽوڙي سگهجي ٿي.
هاڻي اسان جي سماج اندر جي هيٺئين سطح جي تنقيدي سوچ جا مالڪ آهن اهي اهڙين ڳالهين مان وڏون ڪڍن ٿا.
هي جيڪي ٻن خبرن وارا ڦوٽوز رکيل آهن، آهي تمام گهٽ تنقيدي سوچ جو چٽو پٽو ثبوت آهن. الله سائين پنهنجو رحم ڪري ۽ اسان کي شل سمجهه اچي ته اسان اهڙين ٻاراڻين حرڪتن کان باز رهي پاڻ کي، پنهنجي گهروارن کي ۽ سماج کي بچائي سگهون

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو