Sunday, March 22, 2015

ڪامرڊ ڊائريءَ جو ستون ورق



ڪامرڊ ڊائريءَ جو ستون ورق....ذاتي دک، درد پيڙائون

23 اگسٽ 2002 ڏينهن جمع 3.50pam ڪاليج لئبرري

والد صاحب سخت بيمار آهي، پوڙهائپ، بخارن، کاڌي خوراڪ جي گھٽتائي سندس ماس ڳاري ڇڏيو آهي. هاڻ بابا سائين جهڙوڪر سنهڙين هڏين تي مشمتل انسان ئي آهن. سندس اها حالت بنائڻ ۾ ڪجھ قصور منهنجو به ٿي سگھي ٿو ته آءُ به سندس ڪا خاص ديک بال ڪري نه سگھيو آهيان. ان جو سبب اهو ناهي ته اهو ڪم مون ڄاڻي واڻي ڪيو آهي نه هرگز نه، پر ڳچ سالن کان گھر اقتصادي بدحاليءَ جي ور چڙهيل آهي ۽ ان ڌٻڻ مان نڪرڻ جو في الحال ڪو رستو به نظر ڪونه ٿو سُجهي. بلاشڪ ان پاسي ڪجھ بهتري اچي سگھي ٿي جيڪر ٻارن جي پڙهائيءَ وارو بند ڪري ڇڏجي. پر ان عمل سان جيڪي نقصان ٿيندو اهو ته باقي سڀني هاڃن کان وڌيڪ تمام وڌيڪ آهي. مون سالن کان ان مد ۾ جيڪا محنت ڪئي آهي ۽ قرباني ڏني آهي ته ان کي ائين اڌ ۾ هرگز ڇڏڻ لاءِ تيار ناهيان. انهن سببن ڪري اهي پاسا ڪجھ ليٽ آهن. هڪ ٻي حقيقت هي آهي ته انهن نقصانن (دنياوي ۽ انساني گھرجن) ۾ پنهنجو پاڻ به ڀاڱي ڀائيوار آهيان. مثال طور پائڻ جهڙا لٽا ڪپڙا ته سالن کان اکئين نه ڏٺا اٿم، نواسير جو موذي مرض ڪڏهن ڪڏهن ته زندگيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيندو آهي پر ان جي خاتمي (علاج) واسطي ڪجھ هزار به بچائي نه سگھيو آهيان. پنهنجن ٻين دلچسپين کان به توجهه گهٽائي ڇڏي اٿم. پيرن ۾ پاتل جوتو اڳلي اونهاري ۾ خريد ڪيو هوم، اها سيزن وري پورو سيارو ۽ هاڻي هن اونهاري تائين ان ساڳي چپل تي گذران ڪيو اٿم. بهرحال اهي معاملا پنهنجي جاءِ تي ڪا صورت والدين جي خذمت جي ڪڍڻ گھرجي. حالانڪ صفا چٽ ته نه آهيان سندن ننڍين وڏين ضرورتن جو پورائو هونئن ئي منهنجي بلي آهي ۽ آءُ ڪوشش ڪندو آهيان ته کين ان پاسي ڪا شڪايت نه ٿي ۽ حقيقت ۾ اهڙي ڪا شڪايت کين مون لاءِ آهي به ڪونه. ...پر جيئن مان سوچيان ٿو ته گھر ۾ کاڌو پيتو تمام ڀلو هجي، گوشت، مڇي، ڪڪڙ کير ۽ بيدا هجن ته جيئن سندن نٻل جسم کي توانائي ملي سگھي ته ڪنهن حد تائين اهو ڪري نه سگھيو آهيان. هونئن اسان جي سڄي خاندان جي اقتصادي بدحاليءَ جو هڪ تمام وڏو ڪارڻ برادرم احمد بخش عرف انب عرف موالي به آهي، جنهن هڪ پاسي اسان سڀني جو نڪ ۾ دم ڪري رکيو آهي ته ٻئي پاسي اسان کي ٽنگن کان ڇڪي ڌوڙ ۾ دسيو به ويٺو آهي. وس آهر سندس حالت سڌارڻ لاءِ هر قسم جا حربا به استعمال ڪيا اٿئون پر ڪتي جو پڇ ڏنگي جو ڏنگو (هي جيڪي ڪجھ لکيو اٿم اهو ان زماني جي حالتن کي مد نظر رکي قلم بند ڪيو هوم هاڻي جڏهن منهنجو اهو اڪيلو ڀاءُ هن دنيا ۾ ناهي ته سندس لاءِ لکيل لفظن کي جيئن جو تيئن رکندي ڏاڍي تڪليف ٿي اچي .....مرحوم ڀاءُ جي روح سان دلي معذرت).

اڄ ڪالهه ته ان ڳڻتيءَ ۾ آهيان ته مجيب ۽ گل بهار (ٻئي پٽ جيڪي ان وقت قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۽ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ پڙهندا هيا) جن جي ڏهه ڏهه هزار روپين جي فيس جا پئسه ڪاڏهون هٿ ڪري کين ڏيان ته جيئن سندن گاڏو رڙهڻ جهڙو ٿئي. ان سلسلي ۾ في الحال ته ڪا ڳالهه سمجھ نه ٿي اچي.

ڪالهه ظفر اقبال بلال جي جاءِ تي محرم ڦلپوٽي جي ٽريڪٽر ٽالي ڦر واري واقعي جو فيصلو رکيل هو جيڪو ڦيرائي اڄوڪي تاريخ تي رکيو ويو هو، جي ڪا خبر ناهي ته ڇا ٿيو؟ مولا جي در دعا آهي ته هي  جيڪو ڪتي وارو چڪ عبدالرشيد وارن کي ري گناهه لڳو آهي، اهي ان مان باعزت نموني جان آجي ڪن. ڳوٺن ۾ رهندي اڄ ڪلهه اهو عام ٿي پيو آهي ته گناهه ڪرڻ وارو ته گم هوندو آهي پوءِ چرٻٽ راجا جي انصاف وانگي جيڪو آوهه ۾ اچي ان جي کل پئي لهي.....   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو