Thursday, June 6, 2013

منهنجي اليڪٽرانڪ ڊائري تان ورتل ڪجھ احساس جيڪي هڪ سال اڳ لکيا ويا هيا. (23 جولائي 2012 وقت 6.23)


ڪاليج جي اسٽاف روم ۾ حسب معمول سخت گوڙ گمسان ۽ ٽهڪڙا آهن. بجلي بند آهي پر اسٽاف روم لڳل يو پي سي شايد اڃا هلي پئي. هونئن جون جولائي مهينن ۾تعليمي ادارن اندر اونهاري جي وئڪيشن هوندي آهي پر هن دفعي گورنمنٽ آف سنڌ ايندڙ مهينن ۾ رمضان شريف جي مهيني جي ڪري موڪلون هڪ مهينو پوئتي ڪري ڇڏيون آهن. ان نموني اسان ڪاليج ايندا آهيون، پورو ٽائيم بحث مباحثن ۽ ڀوڳن ٺڪائن سان گڏ ٽائيم پاس ڪري واپس پنهنجي گھر ويندا آهيون. روٽي حلال....!!!!! گرمي سخت پريشان ڪري رکيو آهي، خبر ناهي ڪڏهن بجلي ايندي ۽ وقتي ئي سهي ڪجھ رليف ته ملندو. پر اڃا ته ان جي اچڻ ۾ ڪلاڪ پيو آهي. ڪاليج به ڇڏي ڪونه ٿا سگھون، ڪو پيرڊ به ناهي، ڪا ٻي سرگرمي به ناهي، پر اجايو سجايو ويهڻو آهي، وقت کي ڪهڻو آهي. اسان جي سماج ۾ سڀ کان سستو وکر اهو وقت ئي ته آهي، جيڪو خوش قسمتي سان اسان ماڻهن کي وافر انداز ۾ مليل آهي. جيڪڏهن اوهان ان کي زيان نه ڪندا ته اوهان جا آفيسر اوهان تي ڪاوڙبا ته اڙي ڏسو هن پاگل کي هن وري هي ڪهڙا کٽراڳ شروع ڪيا آهن. چريا تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي انهن ڳالهين سان تون پنهنجو پيرڊ وٺ، جي پيرڊ نه هجي ته سڪون سان ويهي مزا ڪر. مان تمام گھڻن ڪتابن، ريسرچ آرٽيڪلس ۽ مضمونن ۾ پڙهيو آهي ته دنيا اندر استادي پيشو وڏي جفاڪشيءَ وارو آهي ۽ کين پنهنجي ڪم کي ڪارائتي نموني سرانجام ڏيڻ لاءِ پنهنجي اداري اندر ۽ گھر ۾ ويهي وڏي تياري ڪرڻي پوندي آهي ۽ انهن استادن کان ڪيئي دفعا وڌيڪ ڪم اداري جي پرنسپل کي ڪم ڪرڻا پوندا آهن. ان سخت ڊيوٽي ڪري اولهه جي ملڪن اندر اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ پرنسپلس هٿ ڪرڻ وڏي مٿي جو سور بڻيل آهي. هت پنهنجي ماحول ۾ الٽي گنگا پئي وهي. سرڪاري تعيلي ادارن اندر استادي جي پيشي سان تعلق رکندڙ بادشاهه آهن ته پرنسپل وري وڏو شهنشاهه آهي. افسوس ته ڪوبه مؤثر مانيٽرنگ جو سسسٽم موجود ناهي، ڪنهن به قسم جي اسيسمنٽ ڪونه پئي ٿئي ۽ نه ئي ڪا اپريزل ڪئي ويندي آهي ته ڪير ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهن يا سندن ڪيل ڪم جا نتيجا ڪهڙا ٿا نڪرن. پرنسپلس جي پوسٽنگ ياته سينارٽي يا وري سياسي لڳ لاڳاپن جي ڪري ڪئي ويندي آهي. جيڪي اهڙين پوسٽنگس ڪرڻ جا مجاز آهن، اهي اهڙن پوسٽن جي اميدوارن پاران پيش ڪيل سفارشي ماڻهن جي اثررسوخ جي تڪ تور ته ڪندا آهن پر ڀلجي ڪڏهن انهن اميدوارن جي مهارتن جي پڇا ناهن ڪندا.ا هي اهو ناهن ڏسندا ته موصوف ان اهم پوسٽ تي ويهي اداري کي چار چنڊ لڳائيندو يا مورڳو اها ٻيڙي ئي ٻوڙي ڇڏيندو.. ٽيون ڏينهن هڪ دفعو ٻيهر آر ڊي ڪاليجز سکر ريجن جي آفيس ۾ اسلاميه ڪاليج کان ڪاليج آف ايڊيو ڪيشن ۾ بدلي جي درخواست ڪاليج آف ايڊيوڪيشن جي پرنسپل صاحب جي اين او سي سان گڏ کڻي ويو هوم. پر ڪرسي کي سيڙائيندڙ عملدار صاحب منهنجي هڪ به نه ٻڌي!!!! سندس چوڻ هيو ته جي هن ان نموني مون کي اجازت ڏني ته پوءِ ڪاليج ڪيئن هلي سگھندو. سندس چيل ڳالهه تي دل ئي دل ۾ کل پئي آئي. منهنجي هئڻ يا نه هئڻ سان ڪاليج جي وهنوار تي جيڪي ”خوفناڪ“ اثر پوندا شايد آر ڊي صاحب کي مون کان وڌيڪ خبر هئي. مون کي تازو شيخ اياز جي ساهيوال جيل جي ڊائريءَ ۾ پڙهيل جملو ياد اچي ويو جنهن ۾ کين سکر جيل مان آزادي مهل ان وقت جي هڪ مهاجر ڊپٽي ڪمشنر سان ملايو ويو هيو. سندس لاءَ شيخ اياز جو چوڻ هيو ته هن بوني کي ڪرسيءَ لمبي زبان ڏئي ڇڏي هئي. ان نموني اسان جي ريجنل ڊاريڪٽر صاحب کي ڪرسيءَ هرو ڀرو به معتبر بڻائي رکيو آهي. ان ساڳي عملدار ڪجھ ڏهاڙا اڳ ئي ڪاليج جي هڪ ٻئي پروفيسر کي ته هڪ ڏينهن ۾ آرڊر ڏيئي ڇڏيو هيو، فرق صرف هي هيو ته ان کين SPLA جي هڪ اڳواڻ کان ٽيلفون ڪرائي هئي ۽ مان ساڻس سڌو سنئون ملڻ ويو هوس. ڀلا اهو اسان جي هن معاشري ۾ ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته سڌو سنئو قانون مطابق بنا ڪنهن حساب ڪتاب جي ۽ فضيلت سان ڪنهن جو ڪم ٿي وڃي .....!!!!! ٽيون ڏينهن ڪاليج اندر ڪچهري هلندي پرنسپل صاحب مون کي انتهائي شريف ماڻهون جي لقب سان نوازيو، هڪ اهڙو استاد جيڪو پنهنجي پيرڊ وٺي ڪنڊ ورتيون ويٺو هوندو آهي ۽ هليو ويندو آهي. سندس ڳالهه صحيح آهي پر مان سمجھان ٿو ته ان شرافت جي لفظ ۾ ڪا خرابي ضرور آهي سندس مون کي شريف جي لقب سان نوازڻ جو ٻيو مطلب هي به ٿي سگھي ٿو ته مان اٻوجھ آهيان ۽ جيڪڏهن ڪو منهنجي جائز ڳالهه به نه ٿو مڃي ته ان جو ڪنهن تي به ڪو اثر ڪونه پوندو....بلڪل صحيح سوچ آهي اسان جي ”باس“ جي....اسان جي پرنسپل صاحب ثابت ڪيو آهي ته هو باس ناهي پر بگ باس آهي. هو فيصلا رڳو پريشر ۾ اچي ڪندو آهي، هو اٽل فيصلا ڪري پوءِ انهن تي هڪ سؤ اسي ڊگري تي قلابازي کائي فري ويندو آهي. ڪجھ عرصو اڳ ويهن کان مٿي حاضر پروفيسرس کي غير حاضر ڄاڻائي رپورٽ تي پاڻ ئي پاڻي ڦيري ڇڏيائين، ڪجھ عرصو اڳ ڪجھ استادن کي دير سان اچڻ ڪري انهن جي صحيحن مٿان ڳاڙهي پين سان مانڌيئڙا ڏيڻ جو ڪارنامو ته ڪيائين پر زور بار پوڻ ڪري بعد ۾ مسٽر رول مان انهن مانڌيئڙا پاتل پنن کي ڦاڙي انهن جي جاءِ تي سڀني کي ٻيهر صحيحيون وٺڻ جي اجازت به پاڻ ئي ڏنائين. ڪاليج ۾ پڙهائي جو سيشن ذري گھٽ اڌ سال هلي چڪو آهي پر ٽائيم ٽيبل اڄ به روز روز نئون ٺهندو آهي. ڪجھ استادن مشڪريءَ ۾ ان ٽائيم ٽيبل کي ڪمپيوٽر جي اهڙي سافٽ ويئر سان تشبيهه ڏني آهي جيڪو روز روز اپ ڊيٽ ٿيندو هجي. .

2 comments:

  1. سائين تمام بهترين ڪارگذاري بيان ڪئي اٿو ڪافي ڏينهن کان بعد اهڙي بهترين ڪارگذاري پڙهڻ جو موقيومليو اهي جيڪا حقيقت تي ٻڌل آهي

    ReplyDelete
    Replies
    1. سرڪار اوهان جا لک لائق، بس ڪجھ اندر جون ڪي ڳالهيون جيڪي وقتي طرح ڪنهن سان به اوري ڪونه سگھندو آهيان ته اهي ڊائريءَ ۾ تحرير ڪري ڇڏيندو آهيان. هي اڌوري لکڻي به انهن مان هڪ آهي.

      Delete