Thursday, June 6, 2013

منهنجي هڪ اڻ مڪمل تحرير...........مون تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا


منهنجا ڪيئي دوست مون کان بي حد خفا آهن. سندن ايماندارانه راءِ آهي ته مان واقعي به پٽڙيءَ تان لهي ويو آهيان. مون تي بي دين ماڻهن جو تمام گھڻو اثر ٿي ويو آهي، ان ڪري مون کي صحيح ۽ غلط طالبان جي خبر به نه ٿي پوي! هڪ اهڙي ئي محبوب دوست کي مون درخواست ڪئي ته قبلا ان جي ٿوري گھڻي وضاحت ته ڪريو ڪير صحيح طالبان آهن ۽ ڪير غلط؟ ان منهنجي دوست مون کي رازدارانه انداز ۾ ٻڌايو ته اهي جيڪي پاڪستاني طالبان اهي ڪوڙا طالبان آهن جڏهن ته افعانستان ۾ آمريڪي حملي آورن سان برسري پيڪار حقيقي طالبان ۽ اسلام جا سچا پچا سپاهي آهن. ڪن ٻين جو وري اهو خيال آهي ته مان ادب جي دنيا کان ڪوهين پري رهندڙ بي ادب ماڻهون ادبي خدائن تي ڇو ٿو لکان!جڏهن ته نه مان شاعر آهيان، نه ڪهاڻيڪار يا نقاد ته پوءَ مان اها گستاخي ڇوٿو ڪريان؟ مان جڏهن ڪن مظلوم اقليتن تي روا ظلم تي لکندو آهيان يا انهن جي نياڻين کي زبردستي اغوا ڪري بليڪ ميل ڪري کين مذهب مٽائي شاديون ڪرائڻ واري مڪروهه عمل تي ڳالهائيندو آهيان ته منهنجي انهن دوستن جي اکين ۾ مون لاءِ نفرت جا ٽانڊا ٻري پوندا آهن. تازوئي مون جڏهن هڪ اڌمغزي ماڻهونءَ کي ٿاڻي مان گهلي روڊ ته لٺين، سرن ۽ پٿرن سان سندس مٿو چٿي سندس لاش کي سرعام باهه ڏئي ساڙڻ واري عمل جي مخالفت ڪئي ته ڄڻ ٻيلي کي باهه لڳي ويئي...منهنجي هڪ دوست مون کي طعنو ڏيندي چيو ته تون ڪهڙي نموني ٿو چوين ته اهو چريو هو، تو وٽ ڪنهن ڊاڪٽر جو سرٽيفڪيٽ آهي؟؟؟ واقعي مون وٽ ته اهڙو ڪوبه سرٽيفڪيٽ ناهي جنهن سان مان ثابت ڪري سگھان ته اهو چريو هيو پر ڇا منهنجي ان دوست وٽ ڪا اهڙي تصديق ٿيل ڳالهه آهي ته هو واقعي نارمل انسان هيو؟ ٻيو ته اسلام جي ڪهڙي قانون مطابق اهو عمل جائز آهي؟ ان ڪم لاءِ ڪنهن مفتي ڪنهن قاضي، ڪنهن عالم دين، جج ڪا فتوا جاري ڪئي هئي ته ان منڪر کي گھلي سندس مٿوچٿي ماري ان کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏڻ گھرجي؟ مون کان منهنجا قومپرست دوست به خوش ناهن جو سندن خيال آهي ته مونتي وفاق پرستن جو منحوس سايو اچي ويو آهي ۽ مان پاڪستان جي سٺن سياستدانن جا گيت ٿو ڳايان جن ۾ ڪي پنجابي به آهن جيئن محترم اعتزاز احسن، محترمه عاصمه جهانگير وغيرهه... مون تي ڪاليج جي استادن جي تنظيم جا دوست به سدائين ڪاوڙيل هوندا آهن جو مان کين تنظيم پاران سنڌ جي تعليمي سڌاري واري اهم ايجنڊا کي طلاق ڏيئي ڇڏڻ واري عمل جي مذمت ڪندو رهيو آهيان. ٻيو ته ٺهيو مون کان منهنجو سياسي استاد جيڪو نان بليور آهي اهو به ڪاوڙيل آهي ته مون فيس بوڪ تي حضرت محمد صلعم جن جي شان مبارڪ ۾ گستاخانه قسم جي ڪارٽونن رکڻ واري عمل خلاف هلايل ڪاز واري پٽيشن تي پاڻ صحيح ڪري پنهنجي ٻين دوستن کي پڻ ان نيڪ ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني هئم. بقول سندس ته منهنجو اهو عمل فريڊم آف ايڪسپريشن جي خلاف آهي!! ان کان وڌيڪ ڀلا ڪهڙا ثبوت ڪنهن انسان لاءِ گھرجن ته اهو گمراهه ٿي ويو آهي؟ ڪجھ وقت اڳ جڏهن مون پاڪستان جي ننڍڙي نياڻي ملاله يوسفزئي تي حملي جي مذمت ڪندي سندس سر جي سلامتيءَ جون دعائون گھريون هيون ته ان تي ٻه ٽي دوست ڏاڍا حيران ٿيا هيا. هنن مون کي اها ڳالهه سمجهائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ته مان جنهن کي معصوم ٿو سمجھان اها ته اصل ۾ آمريڪي سامراج پاران خوفناڪ قسم جي جاسوس آهي، جيڪا انهن دين جي دشمنن خلاف هلايل جهاد کي سپوتاز ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوششن ۾ رڌل هئي. هو اها ڳالهه ڪري مٿس حملي جو جواز پيدا ڪندا رهيا آهن. پر سندن خيالن ۾ هڪجهڙائي ناهي هوندي، هواها مٿين ڳالهه ڪري وري هي به چوندا آهن ته تون صفا ڪو سادڙو آهين، سندن چوڻ رهيو آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته تمام ٿوري وٿيءَ کان مٿس هلايل گوليءَ مان ڀلا ايترڙي پتڪڙي ڇوري ڪيئن ٿي بچي سگھي؟ خبر ناهي ته هو اها ڳالهه ڪري قاتلن مٿان ڪک رکندا آهن يا ان ڳالهه تي جڪ کائيندا آهن ته آخرڪار اها بچي ڇو ويئي؟! سندن شد ۽ مد سان اهو چوڻ ته اهو سڀ ڪجھ ڊرامو هو. آمريڪا کي پاڪستان ۾مداخلت جاري رکڻ لاءِ اهو ناٽڪ رچايو هو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو