Thursday, June 20, 2013

سي وي CV)/ (CURRICULAR VITAE متعلق ڪي اهم نقطا


تازو مون هڪ سروي پراجيڪٽ لاءِ ٽن درزنن کان وڌيڪ گريجئيٽ اميدوارن جون سي ويز وصول ڪيون هيون. مون جڏهن انهن جو مطالعو ڪيو ته مون کي هر سي وي ۾ ڪي نه ڪي غلطيون/ خاميون نظر آيون هيون. سي وي اڄ جي دؤر ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. اهو هڪ ٽيڪنيڪل ڪم آهي. ان کي سمجھڻ لاءِ مطالعي سان گڏ پريڪٽس جي ضرورت آهي. نوڪري، اسڪالرشپ، انٽرنشپ، داخلا، ٽريننگ وارن موقعن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سي وي لکڻ واري فن تي عبور حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي. هت هڪ ڳالهه سمجھڻ ضروري آهي ته سي وي جي ڪا مخصوص فارميٽ ناهي هوندي جيڪا هر جاءِ تي ساڳي نموني استعمال ڪري سگھجي. اسان کي هر دفعي پنهنجي سي ويءَ کي اداري پاران ڄاڻايل پاليسي مطابق لکڻ/ڪمپوز ڪرڻ گھرجي. اڃا هڪ ٻي ڳالهه جي وضاحت به ضروري ٿو سمجھان ته سٺي ۽ شاندار سي وي به اوهان کي ڪا نوڪري، اسڪالرشپ، ٽريننگ يا داخلا وٺرائي ڏيڻ لاءِ ضمانت ڪونهي پر سٺي ۽ ٺهڪندڙ سي وي انهن موقعن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهوئي ڪم سرانجام ڏيندي آهي جيڪو دروازي جو هوندو آهي. چوڻ جو مقصد ته جيڪڏهن دروازو ئي نه کلندو ته اوهان گھر ۾ داخل ڪيئن ٿيندا؟ ها هڪ دفعو دروازو اوهان لاءِ کلي پوي ته بعد ۾ وري اوهان جي صلاحيتن تي منحصر آهي ته اوهان ان گھر ۾ پنهنجي مستقل رهائش جو ڪو جوڳو بندوبست ڪري سگھو. هتي مان سي وي موڪليندڙن تي هروڀرو تنقيد ڪرڻ جي خيال سان هي سٽون ڪونه پيو لکان پر مان سمجھان ٿو ته اسان جي نوجوانن کي ڪنهن به تعليمي اداري اندر يا جن ادارن ۾ انهن ڪم ڪيو آهي انهن ۾ سي وي متعلق بنيادي ڳالهيون ناهن سمجھايون ويون انڪري کين خبر ئي ناهي ته سي وي ڇا آهي، ان کي ڪيئن ڪمپوز ڪجي، ڪهڙي معلومات ان ۾ ڏجي جيڪا فائديمند آهي ۽ ڪهڙين ڳالهين کي ان ۾ شامل نه ڪجي جيڪي اڻ ٺهڪندڙ يا اداري کي گھربل ناهن. اداري پاران مشتهر ڪيل معيار کي سامهون رکي سي وي اهڙي طرح جوڙيل، لکيل هجي ته جيئن اميدوار جو نالو شارٽ لسٽ ڪرڻ ۾ کين ڪابه هٻڪ نه ٿئي. سڀ کان پهرين ته اچو ته سي وي ۽ نوڪري لاءِ درخواست وچ ۾ فرق کي سمجهون. اسان جڏهن نوڪري لاءِ درخواست ڏيندا آهيون ته اسان واسطيدار اداري جي مختيار آفيسر کي مخاطب ٿيندا آهيون ته مان اوهان جي اداري پاران اخبار ۾ ڇپايل مشهوري جي آڌار تي فلاڻي پوسٽ لاءِ درخواست ڏيان ٿو ۽ پوءِ اسان پنهنجي تعليمي ۽ عملي تجربي کي شامل ڪري کيس وينتي ڪندا آهيون ته اسان جي ٺهڪندڙ تعليمي ۽ تجربي ڏسي اوهان اسان کي انٽرويو/ٽيسٽ ۾ ويهڻ جو موقعو فراهم ڪندا. ان سان گڏ آخر ۾ اسان پنهنجي درخواست تي پين سان صحيح ڪري ان کي ٽپال ذريعي يا هٿو هٿ اداري جي واسطيدار شعبي يا ماڻهونءَ تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪندا آهيون. درخواست ۾ اسان اداري کي سڌي اپيل ڪندا آهيون ته اسان کي موقعو ڏنو وڃي. ان جي مقابلي ۾ سي ويءَ ۾ اسان واسطيدار پوسٽ جو ذڪر ناهيون ڪندا يا واسطيدار اداري جو نالو لکي کين عرض ناهيون ڪندا ته کين مخصوص جاءِ ڏني وڃي پر ان جي ابتڙ اسان سي وي ۾ پنهنجي تعليمي، تجربي، هنرن، خصوصيتن جو ذڪر ڪندا آهيون. ٻين لفظن ۾ ته اسان اداري کي اڻ سڌيءَ طرح باور ڪرائيندا آهيون ته اوهان کي جنهن مناسب، واسطيدار، تجربي واري اميدوار جي ضرورت آهي اهو مان ئي آهيان. سي وي هڪ قسم جي اوهان جي ذاتي مارڪيٽنگ آهي، اعلان آهي، جنهن ۾ اوهان پنهنجي تعليمي، تجربي، هنرن، صلاحتين، مثبت انساني روين کي ڏاهپ سان ظاهر ڪندا آهيو. اسان انفرميشن ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ ته رهون پيا پر صد افسوس ته اسان جي نوجوانن جي اڪثريت ان جي ڪارائتين پاسن کان ڪوهين ڏور آهي. مون جڏهن ايم ايس سي، ايم اي، بيچلرس جون سندون رکندڙ اميدوارن کي پنهنجيون سي ويز موڪلڻ جو ايس ايم ايس موڪليو هيو ته انهن مان کوڙ سارن تڙ تڪڙ ۾ انٽرنيٽ ڪيفي تي پهچي اتي سي وي ڪمپوز ڪرائي موڪلي ڏنيون هيون. ان ڳالهه مان مون اندازو لڳايو ته اسان جي نوجوانن جي اڪثريت انٽر نيٽ يوزرس ناهي. پر سڀني حالتن ۾ اها ڳالهه صحيح نه آهي. ڪجھ اميدوارن کي مان ذاتي طور سڃاڻا جن وٽ پنهنجا ذاتي ڪمپيوٽرس به موجود آهن ته انٽرنيٽ جي سهولت پڻ، پر هنن ڪڏهن به پنهنجن سسٽمس تي ڀلجي ڪري سي وي ٺاهڻ جو خفو ناهي ڪيو ۽ اهي پنهنجي انهن ڪمپيوٽرس تي خوب رانديون کيڏندا آهن، فلمون ڏسندا آهن ۽ جيڪي انڌن ۾ ڪاڻا آهن اهي انٽر نيٽ تي فيس بوڪ، يوٽيوب تي گھڻو تڻو وقت گذاريندا آهن. هڪ ٻي اهم ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته تمام گھڻن اميدوارن پنهنجي سي ويز ۾ ڪابه اي ميل’ آ ڊي‘ نه ڏني هئي. اهڙيون سي ويز جنهن ۾ اي ميل ايڊريس ڏنل ناهي هوندي ته سي وي وصول ڪندڙ اهو سوچي ان اميدوار جو نالو شارٽ لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيندو ته اميدوار ڪمپيوٽر لٽريٽ ناهي. ڪي وري اهڙا اميدوار به ڏٺا ويا آهن جيڪي سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندا آهن پر پنهنجي سي وي ۾ اي ميل ايڊريس ڏيڻ وساري ويهندا آهن. مون کي هڪ سي وي اهڙي به ملي آهي جنهن ۾ اميدوار پنهنجي سي ويءَ ۾ پنهنجي ڪابه اي ميل نه ڄاڻائي آهي جڏهن ته مان کيس ذاتي طرح سڃاڻا ته هو کوڙ سارن پراجيڪٽس ۾ ڪم ڪري چڪو آهي (جن جو تفصيلي ذڪر سندس سي وي ۾ به ٿيل آهي) ۽ اهو هن وقت به هڪ اهڙي اداري سان منسلڪ آهي جنهن جو سڄو ڪم ئي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي هلندو آهي. ان مان اسان اهو اندازو لڳائي سگھون ٿا ته اسان جي نوجوانن کي اي ميل جي اهميت جو ادراڪ گھٽ آهي. ڪن اميدوارن وري پنهنجي مٽن مائٽن يا يارن دوستن جي اي ميل پنهنجي سي وي ۾ لکي ڇڏي آهي. منهنجي خيال ۾ ته سي وي ۾ پنهنجي ذاتي اي ميل نه ڄاڻائڻ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ برابر آهي. اها سي وي بنا دير جي رد ٿي ويندي. ڀلا جهڙي تهڙي انڌي منڊي پنهنجي اي ميل جوڙڻ ۾ گھڻو وقت لڳندو ۽ ٻيو ته جي اوهان ان کي روزانه استعمال نه به ڪندا ته ڪهڙو فرق پوندو. مان جڏهن ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪندو آهيان ۽ ٽائيم ناهي ملندو ته هفتو، پندرهن ڏينهن به پنهنجي ميل چيڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن. ان ڪري اي ميل جوڙڻ مان مراد اها ناهي ته ماڻهون وٽ ڪمپيوٽر يا انٽرنيٽ جي سهولت هجي ۽ هو ان کي روزانه جي بنياد تي استعمال ڪري پر ان مان اهو پيغام ٻئي تائين پهچندو آهي ته اميدوار کي اهي سڀ ڪم ايندا آهن. سي وي ۾ اي ميل سڌي سنئين پنهنجي نالي واري ڏيڻ مناسب آهي. پر جيڪڏهن ڪو ڪنهن سٺي اداري ۾ ڪم پيو ڪري ۽ اداري پاران کيس ذاتي آ ڊي مليل آهي ته اها ڏيڻ گھرجي. مثال طور amrigul.katohar@aku.edu ڪجھ ٻيون اوٽ پٽانگ قسم جي اي ميل آڊيز جوڙيل هونديون آهن، جن کي پنهنجي سي وي ۾ هرگز ڏيڻ نه گھرجي. مثال طور؛ dark_eyes@yahoo.com مون اها ڳالهه به نوٽ ڪئي آهي ته اڪثر اميدوار ڪنهن ٻئي دوست جي سي وي جو فارميٽ هٿ ڪري ان ۾ پنهنجي معلومات شامل ڪري اها موڪلي ڏيندا آهن. اها ڳالهه ڪا خراب ناهي، پر چوڻي آهي ته نقل لاءِ به عقل گھرجي، سو ڪاپي ڀلي ڪجي پر اهو خبرداريءَ سان ٿيل هجي. هونئن سي وي لاءِ ڪو خاص، مڃيل، هڪ جهڙو نمونو ناهي جنهن تحت اسان اهو جوڙي ادارن ڏانهن موڪليون. سٺي سي وي اها آهي جيڪا اداري وارن کي قائل ڪري ۽ اهي اوهان کي ٽيسٽ/انٽرويو لاءِ دعوت ڏين. سي وي مختصر ۽ جامع لکيل هجي. ڇوته ادارن جا واسطيدار ماڻهون ڪو تمام وڏو وقت ڪڍي اسان جي سي ويز جو غور سان مطالعو ڪونه ڪندا. پنهنجي سي ويءَ ۾ ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگھ ڪرڻ کان پاسو ڪندي ان ۾ صرف اهي ڳالهيون، صلاحيتون، تعليم، تجربو شامل ڪجي جيڪو اميدوار رکي ٿو ۽ اداري کي به ان جي ضرورت آهي. مون کي ڪجھ سي ويز موصول ٿيون آهن جيڪي ٽن، چئن ۽ پنجن صفحن تي مشتمل آهن. هاڻي هڪ اداري وٽ ان قسم جون جيڪڏهن ٻه ٽي سؤ کن سي ويز موصول ٿين ته کين انهن سي ويز کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ لاءِ ٻه يا ٽي ڏينهن گھرجن. اوهان سمجھي ڇڏيو ته اهڙي قسم جي سي وي جيڪا اجائي ڊگھي ۽ ان اداري سان واسطيدار ناهي هوندي ان کي اداري وارا رديءَ جي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪرڻ لاءِ هڪ سيڪنڊ جي ڇوٿائي به ناهن سيڙائيندا. سي وي کي ڪوشش ڪري ٻن صفحن تائين محدود ڪريو. هڪ سي وي جيڪا مون کي وصول ٿي ان ۾ هڪ اميدوار پنهنجي زندگي جو مقصد سي ايس پي آفيسر ٿيڻ کي ڄاڻايو آهي. ڀلا ڪنهن اداري کي ان ڳالهه سان ڪهڙو سروڪار ته اسان ڇا ٿا ٿيڻ چاهيون. ان ڪري اهڙين ڳالهين کان پاسو ڪجي. ٻي هڪ سي وي ۾ هڪ محترمه پنهنجي لاءِ ٿرڊ پرسن فارم ۾ لکيو آهي ته اها (يعني هوءَ پاڻ) محترمه نوجوان، ذهين، چست، ۽ باصلاحيت ۽ ٽيم اڳواڻ وارين گڻن سان ڀرپور آهي ۽ هن فلاڻيون فلاڻيون ڊگريون ڪٿان ۽ ڪهڙي اداري مان حاصل ڪيون آهن، ۽ هوءَ هيترن سارن پراجيڪٽس تي ڪم ڪرڻ جو تجربو رکي ٿي. هتي جيڪا تمام اهم غلطي ڪيل آهي اها هي آهي ته اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن ٻئي جي واتان پنهنجي ذاتي سي وي ۾ لکيون ويون آهن. بجاءِ ان جي اميدوار اهي سڀ خوبيون پاڻ بيان ڪري ته صحيح ٿيندو. پر اهو سڀ ڪجھ سي وي ۾ ڏيڻ بدران ڪورنگ ليٽر ۾ لکڻ وڌيڪ لاڀائتو رهندو. سي وي کان الڳ هڪ صفحي تي ٻڌل ڪورنگ ليٽر به موڪلي سگھجي ٿو جيڪو اميدوار جي اضافي خوبين يا ڳالهين کي ظاهر ڪرڻ تي زور ڏيندو آهي. پر اهو سڀ ڪجھ ٻئي جي واتان نه پر پنهنجي واتان/ذاتي طور تي پاڻ ٻڌايل هجن. اسان جي سي ويز ۾ اميدوار(خاص ڪري ڇوڪريون) هڪ غلطي دهرائين ٿيون ته اهي پنهنجي ذاتي حيثيت ظاهر ڪن ٿيون ته اهي پرڻيل آهن يا اڻ پرڻيل. اوهان هروڀرو پنهنجي ذاتي معلومات ٻين کي ڇو پيا ٻڌايو. ان قسم جي ڳالهين کي هرگز به سي وي جي زينت نه بنائڻ گھرجي. هڪ محترمه پنهنجي سي وي ۾ هڪ سٽ جينڊر جو واڌارو ڪري ان ۾ فيميل لکيو آهي! منهنجي خيال ۾ ته اهو به غير ضروري آهي. اسان جي نالن مان اسان جي صنف ظاهر پئي ٿئي ته پوءِ اها معلومات ڏيڻ اجائي ڊيگھ آهي! تاريخ پيدائش ڏيڻ کان احتياط کان ڪم وٺڻ گھرجي. جي اداري وارا تقاضا ڪن ته شامل ڪجي هونئن اها ڏيڻ ضروري ناهي. لڳ ڀڳ هر سي وي ۾ اسپيلنگس جون غلطيون آهن.سي وي ڪمپوز ڪرڻ کان پوءِ باربار ان کي پڙهي اڻ ڄاڻائي ۾ ٿيل غلطين جو ازالو ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. غلطين کان پاڪ سي وي ئي صحيح موٽ ماڻيندي آهي، نه ته سي وي تي نظر وجھندڙ ان ۾ اسپيلنگ ۽ گرامر جي غلطين کي ڏسي سي وي موڪليندڙ کي غير سنجيدهه سمجھي ان کي شارٽ لسٽ نه ڪندو. مون کي جيڪي سي ويز موصول ٿيون آهن جن ۾ ڇوٿائي اميدوارن پنهنجن سي ويز ۾ پنهنجي تصويرون به پيسٽ ڪري ڇڏيون آهن. سي ويءَ ۾ تصويرون لڳائڻ نه گھرجن. پر جي اداري وارا تصوير جي تقاضا به ڪندا آهن ته اها درخواست يا سي ويءَ جي هارڊ ڪاپيءَ سان منسلڪ ڪري ڏبيون آهن. لڳ ڀڳ سڀني پنهنجي سي ويز جي ٽائيٽل تي CV/CURRICULAR VITE لکڻ کي پنهنجو فرض منصبي سمجھيو آهي. سمجھڻ گھرجي ته اسان جنهن فارميٽ ۾ اهو ڪمپوز پيا ڪريون يا لکون پيا ته اداري وارا پنهنجو پاڻ سمجھي ويندا ته هي سي وي آهي. ان ڪري سي وي مٿان اهي لفظ لکڻ سڀ کان پهرين غلطي آهي جنهن کي اداري وارا نوٽ ڪندا آهن ته اميدوار کي ته صحيح معنى ۾ سي وي جي فارميٽ جي خبر ڪونهي ته اهو وري ڪهڙو اهل هوندو. اسان ۽ اوهان جي سي وي محض ان ننڍڙي غلطي ڪري جي شارٽ لسٽ ٿيڻ کان رهجي وڃي ته ڪيڏو وڏو نقصان هوندو ان ڪري اهو هرگز نه لکڻ گھرجي. مون وٽ هڪ احترام لائق فيميل اميدوار جي سي وي پهتي آهي جنهن جي ٽائيٽل تي هن پنهنجو نالو ڏيڻ بدران اهو لکيو آهي ته هو هن وقت ڇا آهي. مثال طور هن لکيو آهي ته ”ڊويلپمنٽ پروفيشنل، ڪميونٽي، سوشل سروس، اينڊ نان پرافٽ، مڊ ڪيريئر (پلس 3 ييئر ايڪسپيرينس)“. هڪ ته ان قسم جي ڄاڻ اسان کي پنهنجي تجربي واري حصي ۾ ڏيڻ جڳائي، ٻيو ته ان معاملي ۾ به لفظن، سٽن، فقرن جي چونڊ تمام احتياط سان ڪرڻ جڳائي. مثال طور جيڪڏهن مٿين معلومات کي ئي وٺون ٿا ته اسان کي ڇا ٿو معلوم ٿئي، مثال طور ڊويلپمنٽ پروفيشنل؟ سي وي کي ڏسندڙ ان مان ڪهڙي طرح سمجھي سگھندو ته اميدوار ڪهڙي قسم جي ڊويلپمنٽ پروفيشنل آهي؟ ٻيو لفظ لکيل آهي ”ڪميونٽي“ اهو ته صفا منجھائيندڙ لفظ آهي. مثال طور مان ان سي وي کي پڙهڻ کان پوءِ اڃا تائين سمجھي نه سگھيو آهيان ته ڪميونٽي لکڻ مان اميدوار جي مراد ڇا آهي. هوءَ ڪنهن خاص ڪميونٽي سان واسطور رکي ٿي،ڪنهن خاص ڪميونٽي (اڻ ڄاڻايل) ۾ ڪم جو تجربو اٿس، يا هوءَ اسڪول مينيجمنٽ ڪميٽيءَ ۾ ڪميونٽي جي ڪردار متعلق ٿي ٻڌائڻ چاهي. چوڻ جو مقصد اهو ته ان لفظ لکڻ سان ابهام ٿا پيدا ٿين. ڪوشش ڪري جيڪا معلومات ڏجي اها ابهام کان پاڪ، صاف ۽ سڌي ڏنل هجي، ان جي شروعات پنهنجي تازي تجربي يا لاڳاپيل ڪم يا حاصلات کان ڪرڻ گھرجي. سي وي ٽائيٽل (پهرين صفحي) جي وچ تي اوهان پنهنجو نالو وڏن اکرن (UPER CASE) چٽن لفظن (BOLD FONTS) سان لکڻ گھرجي ۽ ان جي هيٺيان اوهان جي ايڊريس، اي ميل، فون نمبر ڄاڻايل هئڻ گھرجن. باقي سموري معلومات بعد ۾ ڏيڻ گھرجي. مثال طور؛ AMIR GUL KATOHAR House No 03, Islamia College Colony Sukkur katohar@gmail.com Cell +92 712 1187 ٻيو ته سي وي ۾ معياري فونٽ جهڙوڪر ٽائيمس نيو رومن يا ڪمپيوٽر جو ڊفالٽ فونٽ ڪيلبري باڊي کي استعمال ڪرڻ گھرجي. فونٽ سائيز 11 کان هيٺ نه هجي ته بهتر آهي. مون کي هڪ ٻي محترمه جي سي وي ملي آهي جنهن ۾ رنگن جي بهار لٿل آهي. اها جهڙوڪر سي وي نه پر رنگن سان ڀريل ڪو لهنگو يا چولو هجي. سي وي کي ڪلر فل بڻائڻ کان به پاسيرو رکجي ته بهتر آهي. منهنجي خيال ۾ ته ائين ڪرڻ سان سٺو تاثر نه ٿو اڀري ان ڪري سي وي کي ڪلرفل پينٽنگ بنائڻ يا آئٽيلڪ فونٽ (پاسيرا اکر) لکڻ بدران صاف، سوبر، سادو، رهڻ ڏنو وڃي ته تمام بهتر آهي. هڪ دفعو وري به ياد ڏياريندو هلان ته سي وي اوهان جون پهريون تعارف آهي. اهو تعارف مڪمل هجي، واسطيدار هجي، قائل ڪندڙ هجي ۽ اهو اوهان جي گڻن، هنرن، تجربي لاءِ هڪ ثبوت طور پيش ٿيل هجي ته جيئن اوهان گھربل مقصد ماڻي سگھو. آخر ۾ هڪ صلاح ڏيندو هلان ته جڏهن به اهڙي ڪوشش ڪيو ته گوگل کان مدد ضرور وٺندا ڪريو، اتي اوهان کي هر شيءِ مفت ۾ ملي ويندي بس رڳو سٺين شين تائين پهچڻ لاءِ صحيح گس جي سڃاڻ هجي.

2 comments:

  1. Thanks a lot wonderful suggestions good job dear sir hum aap k aese faeda mand suggestions ka sal bhar intezar rahe ga plzzzzz carry on.

    ReplyDelete
    Replies
    1. Thank lots dear Kolachi Abdul Rasool for your kind and encouraging words

      Delete