Wednesday, June 5, 2013

منجمند ٿيل سنڌ جو تعليمي نظام


ضلع سکر اندر 2004 کان وٺي 2006 تائين ٻن سالن جي عرصي لاءِ مان يو ايس ايڊ جي تعليمي پراجيڪٽ Education Sector Reform Assistance (ESRA) ۾ بطور ماسٽر ٽرينر ڪم ڪيو هو. ان دؤران مون پنهنجن تجربن کي پنهنجي ذاتي نوٽ بوڪ ۾ تحرير ڪري ڇڏيوهيو. اڄ جڏهن ماضيءَ ۾ لکيل انهن تحريرن جي ورق گرداني ڪري حال سان ڀيٽيم ته مون کي حيرت ٿي ته انوقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسان جو تعليمي نظام هڪ وک به اڳتي چري نه سگھيو آهي. فنا ۽ بقا جو اصول آهي ته زماني جي تيزرفتاري سان وک سان وک ملائي هلندڙ قومون ئي زندهه جاويد رهنديون آهن. بيٺل پاڻي کي موت جي علامت طور ورتو ويندو آهي. پر افسوس ته سنڌ جو تعليمي نظام منجمند، ڄميل، پنڊ پاهڻ ٿيل پيو لڳي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مثبت چرپر عبث آهي. ڪنهن به قوم جي تعليمي نظام جي افاديت جي جاچ پڙتال ڪري وثوق سان ان جي مستقبل جي نشاندهي ڪري سگھجي ٿي. تعليم جيڪا انسان جي ٽين اک آهي، تعليم ’گوندر گس پرين جو‘ ڏيندو آهي، تعليم ۽ ان سان گڏ سٺي تربيت ٻه اهڙا پيمانا آهن جيڪي اندر اجاريندا آهن، گند صاف ڪندا آهن، انسان کي سٺي ۽خراب جي تميز سيکاريندا آهن، ماڻهن ۽ پڻ قومن کي هنر مند بڻائڻ جو سبب بڻبا آهن.پر سنڌ ۾ الٽي گنگا پئي وهي، ڏينهن پٺيان هفتا، هفتن پٺيان مهينا ۽ مهينن پٺيان سال گذري ويا پر اسان جو تعليمي نظام جيئن ڪالهه تباهه و برباد ٿيل هو ان جو حال اڄ به ساڳيو آهي. وچ وچ ۾ ان اڊڙيل تعليمي نظام کي چتيون هڻي ڪم کي هلائڻ جون ڪوششون ته ڪيون ويون پر وريو سريو ڪجھ به نه، مرض بڙهتا گيا جون جون دوا ڪي. ڪيئي آمريتون ۽ جمهوريتون آيون، وڏيون دعوائون ڪيون ويون پر برف ڳرڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي! اهو 5 سيپٽمبر 2005 جو ڏينهن هيو، گورنمنٽ مين پرائمري اسڪول ڪنڌرا جي هڪ ڪمري ۾ مان ۽ مرحوم سائين پروفيسر صديق ميمڻ صاحب جن بطور ماسٽر ٽرينر سکيا واري عمل ۾هيڊ ماسٽرس جي هڪ گروپ کي هڪ سرگرمي ڏني هئي ته ”موجودهه نصاب جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪيو“. انهن جيڪي خيال ونڊيا هيا اهي هي هيا؛ 1 موجوده ڪورس تمام پراڻو آهي. 2 ڪتاب تمام گھڻا آهن. 3 ڪورس دؤر حاضر جي حالتن مطابق ناهي. 4 ڪورس ۾ نصيحت واريون ڳالهيون گھٽ آهن. 5 ڪورس پڙهائڻ لاءِ مددي شيون موجود ناهن. 6 انهن مٿين سببن ڪري ٻارڙن جي نفيساتي ۽ ذهني نشونما نه ٿي ٿئي. ريسرچ جي ٻوليءَ ۾ اهڙي معلومات کي First hand data ۽ سوليءَ سنڌي ۾ ڌرين وٽان مليل سنئين سڌي معلومات چئبو آهي. اهڙي معلومات قابل اعتبار هوندي آهي ڇوته ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه ٽين ڌر ناهي هوندي. اهي ڳالهيون جيڪي هنن اسان سان ونڊيون هيون ڪي ڪتابن ۾ لکيل نه هيون پر اهي ڳالهيون اسانکي انهن استادن سڻايون هيون جيڪي ٻارڙن کي پڙهائڻ واري عمل ۾ سڌا سنوا شريڪ هئا. اهي سڀ ڪتاب جن کي اسان نصاب چئون ٿا انهن جا سمورا سبق اهي استاد پنهنجي شاگردن کي پڙهائيندا هيا (هاڻي به پڙهائن پيا)، نصاب، ڪتاب ٻار ۽ استاد پنهنجو پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. ان ڪري انهيءَ عمل ۾ جيڪي پيچيدگيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي مونجھارا جنم وٺن ٿا انهن جو سنئون سڌو اثرشاگردن تي پئي ٿو ۽ استاد به ان کان وانجھيل ڪونه ٿا رهن. مٿي بيان ڪيل ڳالهيون سندن تجربي جو نچوڙ هيون. منهنجي پنهنجي خيال ۾ انهن سادي نموني تمام سچائي سان اسان جي نصاب جون ڪمزوريون چٽي نموني بيان ڪيون هيون. اڄ جڏهن 2013 جي جولاءِ جو مهينو آهي ته هينئر تائين ڇا بدليو آهي. جواب به سادو ۽ سڌو آهي.....ڪجھ به ته نه بدليو آهي!!!! ساڳي ڪتابن جي ڀَري ٻارڙن جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي، ساڳيو ”ڏاڏي آدم“ واري دؤر ۾ رائج ڪيل مدي خارج نصاب آهي، ساڳيا ڪوڙ بدوڙ تي ٻڌل سبق آهن، استادن کي پڙهائڻ جي مد ۾ مددي شيءِ طور انوقت به واحد ائٽم ڪاري بورڊ تي لکڻ لاءِ ’چاڪ‘ ملندو هيو، اڄ به اهو ئي ڏنو پيو وڃي. دنيا تيزي سان تبديل پئي ٿئي پر پاڻ وٽ اڄ به ’زمين جنبذ نه جنبذ گل محمد‘ واري ڪال لڳي پئي آهي ’حضرت داغ جهان بيٽهه گئي وهان بيٽهه گئي‘. موهن جي دڙي مان لڌل ڏاند گاڏي اڃا تائين سنڌ ۾ استعمال پئي ٿئي. ڀلي ته دنيا جهازن، تيز رفتار ريلن، لڪزري ڪارن ۽ بسن تي سفر ڪري پر اتر سنڌ جي شهرن جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، قمبر شهداد ڪوٽ، ڪنڌ ڪوٽ، لکي، ۾ وڃي ڏسو ته اوهان کي لاتعداد گڏهه گاڏا ڏسڻ ۾ ايندا. اهي سڀ اهي علائقا آهن جتي سنڌ جا بااثرسردار رهندا آهن، اهي انتهائي مظبوط ۽ طاقتور آهن پر اتي جيڪو تعليمي نظام آهي اهو سڪرات ۾ آهي. تعليم ۽ سٺي تربيت جي ڪال ڪري ماڻهن جي شعور جي ارتقا رڪجي ويل آهي. اهو سڀ ڪجھ ان ڪري ممڪن ٿيو آهي ڇوته سنڌ ۾سماج جي گھرجن، تقاضائن کان وانجھيل ڪريڪيولم پاڙهيو پيو وڃي ۽ اهو ان لائق ئي ناهي ته نئين نسل کي تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلائڻ جي لائق بنائي سگھي. اسان سنڌ وارن لاءِ اهو تمام وڏو چئلنج آهي. رائج ڪريڪيولم مان اها اميد رکڻ ته ان ذريعي اسان ”ٻارڙن جي نفيساتي ۽ ذهني نشونما“ وارو نيڪ ڪم ڪري سگھنداسين ائين آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير گھرڻ! اسان جي ان سرگرميءَ کان پورا چار ڏينهن بعد يعني 9 سيپٽمبر 2005 تي ساڳي هال ۾ ان گروپ جي هڪ تمام عزت واري هيڊ ٽيچر ۽ مثالي استاد محترم مظفر حسين شاهه صاحب پنهنجي رفليڪشن ۾ ساڳي موضوع تي پنهنجا خيال هن نموني پيش ڪيا هيا. ”جناب استاد صاحبان جيئن ته اسان جي ٽريننگ کي اڄ پنجون ڏينهن آهي، انهن ڏينهن ۾ اسان جن نقطن تي بحث ڪيو آهي اهي هي آهن. عدم مرڪزيت، نصاب،تعليمي سڌارا ۽ سپرويئين. جناب اعلى انهن نقطن تي اسان سالن کان ٻاڪاريندا پيا اچون پر ان جو ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو. هاڻي من خدا ڪري ڪا مومينٽ اچي. جناب اعلى اسان جي صوبي جي تعليم سڌارڻ لاءِ انقلاب جي ضرورت آهي. جيئن اسان استاد سڀ ڳالهيون سمجھيون ٿا ته ڪهڙيون ڳالهيون تعليم لاءِ مفيد آهن يا ڪهڙيون ڳالهيون مضر يا نقصانڪار آهن پر خبر ناهي ته اسان جي ڳالهين کي ڇو نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ان جا ڪهڙا سبب آهن. الائي ڇو اسان جي راين کي اهميت نه ٿي ڏني وڃي. ستم ظريفي ته ڏسو ته اسان تعليم جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون ٿا پر اسان کي تعليم دشمن عناصر انهن سٺن ڪمن ڪرڻ کان روڪين ٿا. نتيجو اهو ٿو نڪري ته استاد بددل ٿي ڪري پنهنجون صلاحتيون استعمال ڪرڻ ڇڏي ٿو ڏئي. جناب اعلى نصاب بابت اسان سالن کان واويلا ڪندا ٿا اچون پر اڃا تائين ڪابه تبديلي نه آئي آهي. سپرويئن لاءِ اسان گھڻو ڪجھ ڳالهايو آهي پر مٿين آفيسرن جي ڪن تي جونءِ به ڪانه ٿي چري. تعليمي سڌارين بابت استادن پنهنجا بهترين رايا ڏنا جن تي عمل سان بهترين موومينٽ اچي سگھي ٿي. مهرباني ڪري اسان راين کي مان ڏئي اهي سڌارا اسڪول ۾ رائج ڪيا وڃن ته سٺي موٽ ملڻ جي اميد آهي پر ٻي صورت ۾ اسان جي هلندڙ هي ٽريننگ به هڪ وراجي گڏجاڻي ٿي ويندي. اسان کي اميد آهي ته اسان جي راين کي اهميت ڏني ويندي. اسان کي هتي ٻارن جي بئنچن تي ويهڻ ۾جيڪا اذيت ملي ٿي اها برداشت کان ٻاهر آهي. منجھند جو دال تي گذارو ڪيون ٿا ان اميد تي ته من اسان وٽ تعليمي سڌارو اچي وڃي“. منهنجي خيال ۾ ته هن سڄي رفليڪشن ۾ ڪروڙ جو جملو اهو آهي ته ”مهرباني ڪري اسان جي راين کي مان ڏئي اهي سڌارا اسڪول ۾ رائج ڪيا وڃن ته سٺي موٽ ملڻ جي اميد آهي پر ٻي صورت ۾ اسان جي هلندڙ هي ٽريننگ به هڪ رواجي گڏجاڻي ٿي ويندي“. سائين مظفر حسين شاهه صاحب جن جيڪا پيشن گوئي 2005 ۾ ڪري ويا هيا، وقت سندس ڳالهه کي سؤ سيڪڙو صحيح ثابت ڪيو آهي. اها ٽريننگ جيڪا ٻن سالن تائين هلي، جنهن ۾ ضلعي جي هر پرائمري استاد، هيڊ ٽيچر، سپروائيزر ۽ ٻي عملي کي سکيا مهيا ڪئي ويئي هئي. اها جيڪا هڪ مربوط ٽريننگ هئي. جنهن تي ڪروڙين روپيه خرچ ڪيا ويا، جنهن ۾ استادن، هيڊ ٽيچرس ۽ ٻئي انتظامي عملي کي سکيا ڏيڻ سان سندن اسڪولن ۾ ان سکيا کي لاڳو ڪرائڻ ۾ مدد ڏيارڻ لاءِ ڪيئي ٽيمون سرگرم هيون ته ان سڄي عمل مان وقتي طرح ته سٺا نتيجا ملڻ شروع ٿيا هيا پر بعد ۾ انهن جي پوئيواري نه ٿيڻ ڪري اهي سڀ ڪوششون بي لاڀ ٿي ويون هيون. مون انوقت ڪجھ اسڪولن جا دؤرا ڪيا هيا. جن ۾ گورنمنٽ پرائمري اسڪول چڀڙ خان ڪٽوهر، گورنمنٽ پرائمري اسڪول ٽمونهن، گورنمنٽ پرائمري اسڪول لشڪر خان شيخ روشن آباد ۽ ڪجھ ٻيا اسڪول اچي وڃن ٿا. انوقت مون کي سکيا جو چڱو خاصو اثر اسڪولن ۾ نظر آيو هيو. چڀڙ خان ڪٽوهر جي اسڪول ۾ ٻارڙا گروپ جي شڪل ۾ پڙهائي ڪري رهيا هيا ۽ بورڊ تي برين اسٽارمنگ جي سرگرمي لکيل نظر آئي هئي. استاد مير اظهار ٽالپر تمام گھڻو پرجوش پئي ڏٺا. ٽمونهن واري اسڪول ۾ هڪ ننڍڙي شنباڻي ڇوڪري جنهن اعتماد سان مون کي پنهنجي ڪورس جو نظم ٻڌايو هيو ان کي ياد ڪري اڄ به منهنجي دل جھومڻ لڳندي آهي. ها پر ڪنڌرا جي ڀرسان هڪ بااثر وڏيري جي اوطاق ڀرسان جوڙيل اسڪول جا ڪمرا شاگردن ۽ استان کان وانجھيل نظر آيا هيا. اتي اسان کي هڪ استاد مليو هيو جيڪو راجه ظهور جاني ڊبل پتي پان جي پچڪارين مان مزو وٺندي اسان کي وضاحتون ڏئي رهيو هيو ته اڄ هيڊ ٽيچر ڪنهن اهم ڪم سان شهر ويل آهي، ڪجھ استادن سان مسئلا آهن ۽ ان ڪري شاگردن کي سويل ئي موڪل ڏني ويئي آهي. ان ڳوٺ جي ڀرسان هڪ ٻئي ڳوٺ جي اسڪول جي وزٽ وقت منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هيا جتي هڪ ڇني جي سائي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اسي کن ٻار نظر آيا هيا. اهي ٻارڙا پنهنجي پڙهائيءَ ۾ تمام ڀڙ هيا. اسرا پاران کين مهيا ڪيل ڪتابن وارا ٿيلها اسڪول جي لانڍي ۾ لڳل ٿوڻين ۾ لٽڪي رهيا هيا. انوقت هڪ محنتي استاد کين پڙهائي رهيو هيو جيڪو اسان جي سکيا واري عمل مان اڳ ئي گذري چڪو هيو. ٻارڙا جنهن نموني پڙهائي ڪري رهيا هيا اهو به وسارڻ جوڳو ناهي. کين ڏسي مون سمجھي ورتو هيو ته ’پڙهائي وارو عمل استاد سان آهي نه ڪي اسڪول جي بلڊنگ سان‘ . پر هاڻي ته نه ’سي وؤڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون‘ واري ڪار آهي. ماضي ۾ ڪيل سموريون ڪوششون، ڪاوشون ڪي دز لڳل تصويرون ٿيون نظر اچن. اڄ جي سچائي اجھو هيءَ آهي ته هاڻي سکيا وارا پروگرام به هڪ رواجي عمل ٿي پيا آهن. ٺيڪيدار (اين جي اوز) ان مان مال ٺاهڻ جو ڪم پيا وٺن، جن هر هڪ ضلع اندر ڪي ميل ۽ فيميل استادن مان ڪن کي مستقل بنيادن تي خريد ڪري ڇڏيو آهي، اهي سندن آله ڪار بڻجي سکيا وارو روائتي ڍونگ رچائي پئسه حلال ڪندا آهن ۽ سکيا لاءِ ايندڙ استاد به سڀ کان اول اهو سوال پڇندا آهن ته ”کين ڏهاڙي ڪيتري ملندي، ماني ڪهڙي کارائيندو ۽ اسان کي جلدي موڪل ڏيو“. انهن ڳالهين جو مشاهدو ڪندي جڏهن ڪنڌ ورائي پوئتي ٿو نهاريان ته ڪنڌرا جي ان هيڊ ٽيچر جيڪو هاڻي رٽائرمنٽ وٺي پنهنجي پٽن جي ٻارڙن کي پنهنجي گھر ۾ پڙهائيندو جي ماضي ۾ اظهاريل خدشي کي حقيقت جي روپ ۾ ڏسڻ لڳان ٿو ته اسرا پاران کين مليل سکيا هڪ رواجي گڏجاڻي (سکيا) “ وارو عمل ئي ته هيو. اهڙي ڳالهه جي ثابتي لاءِ هروڀرو گھڻي مٿي ڪٽ جي ضرورت ناهي بس سنڌ جي ڪنهن به اسڪول جو دؤرو ڪري ٿوسڀ ڪجھ پنهنجي اکئين پسي سگھجي. katohar@gmail.com

2 comments:

  1. Sabak Amez Likhniyun ...Behtreen sir Plz keep it up :)

    ReplyDelete
    Replies
    1. Thank lots dear Khalid Habib for encouraging words. Surely dear I will continue my struggle for betterment of Education in Sindh....

      Delete