Sunday, May 24, 2015

ڄؤرون



ضياالحق واري زماني کان اسلامائيزيشن جو جيڪو عمل شروع ڪيو ويو هيو، اهو هاڻي چوٽ تي چڙهيل ٿو ڏسجي ۽ مذهبي جنونيت هر ماڻهون کي وڻ ويڙهي جيان ويڙهي چڪي آهي. ان سڄي معاملي ۾ فوج، ملان، سعودي، آمريڪا، اسرائيل تمام گھڻو خوش ۽ مطمئين نظر پيا اچن. فوج جي اهميت ئي تڏهن هوندي آهي جڏهن ملڪ کي ٿريٽ هجن، پاڙيسري ”دشمن ملڪن“ کان، ”اندروني خلفشار“ مان، سو ان ڪري اهي ادارا اهڙن مامرن کي ٿڌو ٿيڻ ڏيندا ئي ناهن. جيترو پاڙيسري ملڪن ۽ گھر ۾ ٻڙڌڪ وڌيڪ هوندو اوتروئي سندن اهميت ٺهيل رهندي. ٻڙڌڪ مچائڻ ۾وري ڪليدي ڪردار ملن مولوين جو هوندو آهي. اهي علم، منطق، سائنس، عقل، فلسفي جا ويري هوندا آهن، کين هر وقت لٺ ڪلهي تي هوندي آهي، بس ڪا ڳالهه ٿي ناهي، فتوا پهچي ويندي ۽ خونا ريزي شروع...ڪڏهن ڏسو ته اهي آمريڪي ڊالرن، سکيا، ان جي ڏڍ تي جهاد جو نعرو هڻي پنهنجو جهڳو ته جھڻ ڪندا ئي رهيا آهن ته پاڙيسري ملڪن جو ٻيڙو ٻوڙڻ جو سبب بنجندا رهيا آهن.  سعودي ريال جي جادوگري سان ملڪ اندر مدرسن جو ڄار وڇائي جاهلن جون فوجون تيار ڪيون ويون آهن. ملان ملٽري اتحاد جنهن وقت به چاهي، جتي به چاهي مدرسن مان پڙهيل جاهلن جي فوجن کي چيچ جي هڪ اشاري سان پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگھي ٿي ۽ ڪري پئي.  اهڙو جي ماحول هوندو ته ملڪ اندر گھرو ويڙهه جهڙو ماحول هوندو ۽ ان قسم جو ماحول دنيا جي داداگير ملڪن جهڙوڪر آمريڪا، اسرائيل، برطانيه، سعوديه لاءِ تمام سازگار هوندو آهي.

اسان جا عام، گھٽ سمجھ وارا، مذهب سان دلي لڳاءُ رکندڙ اٻوجھ انسان سمجھندا آهن ته اهي اسلام جا سچا سپاهي آهن ۽ هو جهاد پيا ڪن پر حقيقت ۾ اهي استعمال ٿيندا آهن. هي جهاد ناهي پراربين ڊالرن جو ڪاروبار آهي، جنهن مان مٿي ٻڌايل سمورا ڪردار پنهنجو پورو پورو حصو وصول ڪندا آهن.


لبرل، آزاد خيال، ترقي پسند ۽ سيڪيولر سوچن وارا ماڻهون وڏي خوف ۾ ورتل آهن ۽ اهي ڊڄي ڊڄي ڳالهائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڀري محفل ۾ اهي ڪا منطقي، سائنسي سوچ پيش به ڪندا آهن ته مٿن چئني پاسن کان بگھڙن وانگر رومڙون ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ سندن ڳالهين کي مذهب تي وار سمجھي مٿن فتوائن جا تير وسايا ويندا آهن. هنوقت پياري پاڪستان جا ماڻهون جنهن انڌ جي گھوڙي تي چڙهي تمام تيزيءَ سان اجتمائي خود ڪشيءَ ڏانهن وڌي رهيا آهن، ان کي ڏسي ڪو عقل جو انڌو به اندازو لڳائي ويندو ته هاڻي اسان جي تباهي ۽ برباديءَ ۾ ڪي گھڻا ڏينهن ناهن بچيا.     

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو