Sunday, May 17, 2015

بول ڪي لب آزاد هين تيري

اسين سهڻي سنڌ ۾ رهون ٿا. سنڌ جيڪا هنوقت علم جي حوالي سان بدترين بحران جو شڪار آهي. پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح جي تعليم تي ڪيئي سواليه نشان لڳل آهن. اسڪول يا ته بند آهن يا جي نالي ماتر هلن به ٿا ته اتي ڪا معياري تعليم نه ٿي ڏني وڃي. ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح جي تعليم مان عقل، دانش، ڏاهپ، کوجنا وارا عنصر گم آهن. اهوئي سبب آهي ته اسان جي استادن، شاگردن، عام ماڻهون وٽ تنقيدي سوچڻ جو عمل ڏينهنو ڏينهن گھٽبو پيو وڃي. ان جو فائدو علم، عقل، منطق، دليل، سائنس جا دشمن وڏي ڪاريگريءَ سان وٺي رهيا آهن. سنڌ جي اسڪولن جا ويران ورانڊا ۽ سنڌ جي هر روڊ تي جڙيل يا جڙندڙ مدرسا ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن.

پر افسوس ته سوچڻ سمجھڻ، دليل ڏئي ڳالهائڻ، تحمل سان ٻئي کي ٻڌڻ جو عمل رڳو اسان جي اڻ پڙهيل يا سماجي طور پوئتي رهجي ويل عام ماڻهونءَ جي ئي ناهي پر مون مشاهدو ڪيو آهي ته اسان جا بظاهر تمام وڏا پڙهيل لکيل، استاد، پروفيسر، اديب، قومي ڪارڪن سڏائيندڙ، ٽرينر پڻ ان جو شڪار آهن. جڏهن معاشرو سڌو سنئون اهڙي اونداهي کوهه ۾ سفر ڪندڙ هجي ته ان مان ڀلائيءَ جا ڪهڙا اهڃاڻ نڪري سگھن ٿا؟؟!!.

اسان وٽ معتبر صرف سرڪاري عملدار جهڙوڪر ڊائريڪٽر، پرنسپل، ڊي او، اي سي، ڊي سي، ڪمشنر آهن، يا اهي آهن جيڪي مختلف تنظيمن  جا عهديدار آهن. اهڙا سڀ پڇاڻي کان مٿي آهن، انهن کان اوهان ڪوبه سوال نه ٿا ڪري سگھو، سندن فرضن متعلق اوهان انهن سان ڳالهائي به نه ٿا سگھو يا جيڪڏهن نڪ جي پڪائي سان اهي پنهنجو پاڻ کي دنيا جو ايماندار انسان ڪري پيش ڪن ته اوهان سندن ان ڪوڙ بدوڙ تي محض ڪنڌ لوڏي سندن تائيد ڪري سگھو ٿا. ڪالهه جو قصو آهي هڪ محفل ۾ ويٺو هوس جنهن ۾ هڪ تنظيم جو اڳوڻو عهديدار ڀريل هال اندر اعلان ڪري رهيو هيو ته سندس تنظيم جا عهديدار ڪڏهن به پنهنجي تدريسي ڪم کان ناهن گسائيندا ۽ انوقت مان ان ئي تنظيم جي هڪ تمام وڏي عهديدار جي اکين ۾ ڏسي سچ کي ڳولهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هوس پر مون سميت ڪنهن کي به اها جرئت نه هئي ته اهو ڪجھ ڪڇي سگھي يا سوال اٿاري سگھي! ان جي ابتڙ باقي سموري مخلوق جيڪا ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل ڪم ۾ رڌل آهي اهي سڀ نام نهاد آفيسرن ۽ نام نهاد تنظيمي عهديدارن وٽ جوابدار آهن.

منهنجو هڪ پرين پيارو آهي جيڪو هر شي جو ماهر ۽ ڄاڻو آهي. قومي ڪارڪن، سماجي ورڪر، تعليم دان، صحافي، ڦوٽوگرافر، صوفي، تاريخدان، تجزيه نگار ۽ ٽرينر. اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته مون سندس فيس بوڪ وال تي هڪ سوال کانئس ڪيو هو. سائين جن سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي افاديت ۽ اهميت تي ڪو ورڪشاپ منقعد ڪري رهيا هيا. مون کانئس صرف اهو پڇيو هو ته ”قبلا مون کي ڪير ٻڌائي سگھي ٿو ته سنڌ اندر مڪاني ادارن ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن؟“ ان ۾ مون به پنهنجو رايو شامل ڪار ڪيو هو ته ” سنڌ جي مڪاني ادارن جي تاريخ تي اتاڇري نظر به ڪبي ته صاف نظر ايندو ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جو ڪم منفي ئي رهيو آهي انهن سنڌ جي ورهاست وارو ڪڌو ڪم ڪيو، سنڌ جا ضلعا وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن کي الاٽ ڪيا ويا، ڪروڙين روپين جي بجيٽ انهن پنهنجي ذاتي مفادن ۾ هڙپ ڪئي، مڪاني ادارن کان مختلف وقتن تي ملڪ مٿان مڙهيل بدترين آمرن جي حمايت ڪرائي ويئي يا انهن آمرن مڪاني ادارن کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪيو“ پر منهنجي پرين پياري کي منهنجو تبصور اُگرو لڳو ۽ ان بنادير جي اهو ميساري ڇڏيو.

مان چوڻ اهو ٿو چاهيان ته جنهن معاشري ۾ سوال ڪرڻ، سوال اٿارڻ، ڪنهن ڏند ڪٿا يا غير سائنسي افواهه کي چئلينج ڪرڻ جو رواج نه هوندو ته اتي ڏاهپ جي آبياري ڪيئن ٿيندي؟


مان پنهنجي استادن، پروفيسرن، اديبن، دانشورن، سياستدانن، عالمن کي عرض ڪندس ته اهي سڀ هڪ اهڙي معاشري جي لاءِ پنهنجون توانايون صرف ڪن جنهن ۾ هر ماڻهون هر ڳالهه تي جائز شڪ ڪري سگھي، سوال اٿاري سگھي، ڳالهائي سگھي، پنهنجو نقطئه نظر پيش ڪري سگھي، پنهنجا ڏک سور بيان ڪري سگھي، مختلف مامرن تي پنهنجي دلي راءِ ڏئي سگھي.     

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو