Friday, May 29, 2015

اسلام آباد سفر جي ڊائريءَ جو ٻيو پنو (27 ڊسمبر 2013)


هيئنر صبح جو سج نڪتو آهي باٿ روم مان ٿي آيو آهيان ۽ چاءِ به پيتي اٿم. رات آرام سان گذري. منڍ ۾ ڪجھ ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي جو اسان واري ڪوپي جي اي سي هلي رهي هئي، بعد ۾ جڏهن اي سي بند ڪري هيٽر کي هلايو ويو ته جان تي پاتل ڪپڙا به بار محسوس ٿيڻ لڳا. مون کي سمهڻ لاءِ جيئن ته مٿيون برٿ الاٽ ٿيل هيو ۽ روهڙيءَ کان جيئن ئي ريل اڳتي لاءِ سفر جي شروعات ڪئي هئي ته برٿ تي ليٽي پيو هوم ۽ جلد ئي ننڊ جي ديوي مهربان ٿي ويئي هئي. ڪالهه رات جو جيئن ڪوپي ۾ داخل ٿيو هوم ته منهنجي هٿ ۾ ڪتاب، ڪاپي ۽ قلم ڏسي ساڳي ڪوپي ۾ گڏ سفر ڪندڙ هڪ مسافر پڇيو هو ته ڇا پيا لکو؟  مون وراڻيو هو ته ناول پيو پڙهان ۽ ان ۾ جيڪي اهم ڳالهيون سمجھان پيو ته انهن کي انڊر لائين پيو ڪريان” عليڪ سليڪ بعد ڳالهيون ڦري گھري سياسي ۽ سماجي روين تي هلڻ لڳيون. هو هڪ خالص پنجابي هو منهن مهانڊي به ته اندريان پڻ..سندس چوڻ هو ته سنڌي، بلوچ ۽ سرائيڪي انتهائي سست، نڪما، تعليم کان پري رهندڙ، ڏوهاري ذهنيت رکندڙ آهن. مان سمجھي ويو هوس ته اسان جي نام نهاد قومي ميڊيا، ڪن نام نهاد قومي حساس ادارن جو اهو ڪارنامو آهي ته انهن مختلف صوبن جي ماڻهن لاءِ عجيب قسم جون ڳالهيون عام ڪري رکيون آهن.

بزنس ڪلاس جون بوگيون سٺيون ٺاهيل آهن، باٿ روم به سٺا آهن پر جتي لکيل هو ته ٽشو پيپر ته اهي اکر ئي لکيل ها، ٽشو پيپر جو پري پري تائين ڪو نالو نشان ڪونه هو. فليش سسٽم ناڪارهه هيو پاڻيءَ جي نلڪيءَ تي اصلي ٽوٽين جي جاءِ تي جڳاڙ سڳاڙ واريون پلاسٽڪ ٽوٽيون لڳل هيون، پاڻيءَ جي گيج معلوم ڪرڻ وارو خانو به خالي هيو ان تي پلاسٽڪ جي ڳوٿري لڳل هئي. “پاني زيان نه ڪرنا” واري هدايت مان “نه” کي ڊاٿو ويو هو، هاڻي جيڪڏهن پڙهبو ته لکيل هو “براءِ مهرباني پاني زيان ڪرنا” ٽپيڪل پاڪستاني ذهنيت..بوگين ۾ اصل نمبرن جي جاءِ تي مارڪرن سان لکيل نمبرن تي بوڪنگ ڪيل هئي، جڏهن ته اصلي نمبر به چٽي نموني سان لکيل هيا،  شيشن تي لڳل اڪثر پردا به گم هيا. اي سي ۽ هيٽنگ جوسسٽم سلامت هو. خانيوال ڪراس ڪرڻ بعد سائين طارق عزيز ڪولاچي صاحب سان رابطو ڪري کيس ريلوي جو ڪمرو بوڪ ڪرائي ڏيڻ جي گذارش ڪيم. ريل جي پٽڙي سان لڳولڳ روڊ به هلي پيو، ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي پاسي، هتي وؤئڻن جو فصل اڃا هلي پيو. ميان چنو ۾ ساڳ جي پليِ ۽ گھر جي پڪل مانيءَ سان لنچ ڪيوسين. نالو ته ريل جو تيز رو يعني تيز رفتار سان هلندڙ آهي پر اها ڪا ايتري تيز به ناهي، ڪا ننڍي يا وڏي اسٽيشن نه ٿي ڇڏي ٻيو ته ٺهيو چيچه وطنيءَ تي به اچي بيهي رهي آهي.

هاڻي شام جا چار لڳي ٽيهه منٽ ٿيا آهن ۽ اسان واري ريل اچي گوجرانوالا پهتي آهي. جيئن ئي ريل شهر ۾ داخل ٿي هئي ته پٽڙي جي ٻنهي پاسي ميلن تائين گھرن مان ڪڍي اڇلايل گند ڪچري جا ڍير نظر پيا اچن ۽ گڏو گڏ گندي پاڻيءَ جا تلاءُ پڻ! اها ڪار رڳو هن شهر سان ناهي پر لڳ ڀڳ سمورن شهرن ۾ ريل جي پٽڙين سان گند ڪچرو اڇلايو ويندو آهي. ڪراچي ۾ ريل جيئن ئي داخل ٿيندي آهي ته خاص ڪري ڪينٽ اسٽيشن کان اڳيان ميلن تائين ساڳيو نظارو نظر پيو ايندو آهي. دل ۾ سوچيان پيو ته جيڪڏهن ڪو غير ملڪي ريل ۾ سفر ڪندو هوندو ته يقينن هو اسان کي گندو، صفائي ۽ سٿرائيءَ کان وانجھيل قوم سمجھندو!!

ريل جو سفر ڪرڻ معنى ڪڏهن ڪڏهن واقفڪارن نه ته اڪثر ڪري غير واقف ماڻهن سان ملڻ جلڻ جا سؤ فيصد امڪان هوندا آهن. لاهور کان هڪ پوڙهو شخص اسان واري بوگي ۾ اچي ويٺو هو. ان سان دعا سلام ٿي جي يار ريلوي جو رٽائرڊ ملازم آهي. 41 سال پنهنجي زندگيءَ جا ريلوي ملازمت کي ارپيندڙ دوست پنهنجي ملازمت جو گھڻو تڻو وقت روهڙيءَ ۾ گذاريو هو. هو روهڙي اسٽيشن جي ڀرسان لوڪوشيڊ ڏانهن ويندڙ پٽڙين ڀرسان جبل جي ڪناري جڙيل ريلوي جي ان ڪوارٽر ۾ رهيو هو جنهن ۾ ڪنهن وقت سنڌ جو دانشور ۽ شاعر حبيب ساجد به رهي چڪو هو. هاڻي سندس پٽ ريلوي ۾ گارڊ آهي جيڪو مختلف ٽرينن سان گڏ روهڙيءَ تائين ايندو ۽ ويندو آهي. هو روهڙي کي ياد ڪري اڄ به ٿڌا ساهه ڀري رهيو هو، کيس روهڙيءَ ۾ گذاريل وقت اڄ به تمام گھڻو ياد ايندو آهي. گوجرانوالا ۾ لهندي هن وڏي اڪير ۽ دل گھراين سان اسان کي وٽس ترسڻ جي دعوت ڏني. مون سندس تمام گھڻا ٿورا بجا آندا ۽ کيس پنهنجي مجبوري بيان ڪيم ته ڇوڪرين جي اسلام آباد ٽيسٽ رکيل آهي. ريل جي جهان ۾ جيئن مون مٿي عرض ڪيو ته ڪيئي مهانڊا اهڙا به نظر ايندا آهن جيڪي من کي موهي وجھندا آهن. اهڙن مهانڊن کي ڏسي دل ئي دل ۾ سندن لاءِ دعائون ڪندو رهندو آهيان ته شل پنهنجي ڪڙم ۽ قبيلي سان خوش باش رهن.

اڪيلائيءَ جا سؤ سال جا ٻه باب اجھو پڙهي پورا ڪيا اٿم، هاڻي ٽيون باب پڙهان پيو. هن ناول جو انداز به عجب آهي. ناول جي ڪهاڻي اڳتي وڌڻ بدران پٺيان طرف سفر پئي ڪري!


اڄ سائين علي حسين قاضي، سائين عجيب جان، عزيز جويو جن جا ايس ايم ايس پهتا. ڪو مدن مهاراج آهي ان جو ايس ايم ايس به پهتو ته مان کيس ڪيب نيٽ Cab Net (ياهو انٽرنيٽ گروپ) جي ميمبرشپ ڏيان. جيئن ته ڪيب نيٽ جو ايڊمن سائين گل مستوئي آهي ته گھڻا دوست مون کي به گل مستوئي سمجھي اي ميل ڪندا آهن ۽ پوءِ آءَ به سائين گل مستوئيءَ کي اي ميل ڪري عرض رکندو آهيان ۽ اهي ان جا ميمبر ٿي ويندا آهن. پر هاڻي جيئن ته مان سفر ۾ هوس ان ڪري پنهنجي پٽ هوش محمد کي سندس اي ميل موڪلي کيس چيم ته سندس ريڪئيسٽ ايڊمن ڏانهن موڪلي ڇڏي.  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو