Wednesday, May 27, 2015

اسلام آباد سفر جي ڊائري (پهريون پنو) 2013-12-26/27

/
شايد تيرنهن سال اڳ جو قصو آهي ته مون روهڙي ريلوي اسٽيشن کان هڪ سفر شروع ڪيو هو ۽ ان جو سربستو احوال سفرنامي جي صورت ۾ لکيو هو. اڄ وري به ان ئي اسٽيشن تي بيٺو آهيان. اڳئين دفعي سخت گرمي هئي، هن دفعي سخت سردي آهي. سفر هن دفعي به اسلام آباد ڏانهن آهي. تيرنهن سالن جي وڏي عرصي گذرڻ باوجود اسٽيشن اها ئي ساڳي آهي، ڪا خاص تبديلي نظر ڪونه ٿي اچي. حقيقت ۾ اهائي سموري سنڌ جي صورتحال آهي. هر شيءِ منجمند/پنڊ پاهڻ ٿي پيئي آهي. ساڳيا برباد شهر، اڊڙيل روڊ، بي روزگاري، بدامني جيڪا اڳ هئي اڄ به ساڳي ڪار آهي. حڪومتون فوجي هجن يا نام نهاد عوامي، سنڌ جي ماڻهن لاءِ جهڙي ڇالي تهڙي پنڊي!!! روهڙي ريلوي اسٽيشن تي پڻ ساڳي گندگي جا ڍير آهن، ساڳيا وينڊر ۽ ساڳيا ماڻهون نظر پيا اچن.

ملت ايڪسپريس رواني ٿي چڪي آهي ۽ اسان کي انتظار آهي تيزگام جو جنهن ۾ اسان جون برٿون بوڪ ٿيل آهن. هن دفعي اسين ڪل چار مسافر آهيون، مان منهنجي نياڻي ناديه ۽ سائين طالب سهاڳ ۽ سندس نياڻي...اسان هي سفر پنهنجين ڇوڪرين جي قائد اعظم يونيورسٽي ۾ داخلا جي سلسلي ۾ پيا ڪريون. اڳيان سفر يارن دوستن سان گڏ ڪيا هياسين هن دفعي وارو سفر فيملي سفر آهي. اڳ جا گھڻو تڻو سفر اڪنامي ڪلاس ۾ ڪيا هياسين جڏهن ته هن دفعي اڪنامي ڪلاس ۾ رش هئڻ ڪري بزنس ڪلاس ۾ برٿون بوڪ ڪرايون هئم.

ڪاليج ۾ سياري جي موڪل آهي پر 30 ڊسمبر 2013 کان ڪاليج اندر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ليڪچررس جا لکتي امتحان ٿيڻا آهن، جن جي انويجيليشن جي ڊيوٽيءَ لاءِ ڪاليج جي پرنسپل صاحب پابند بڻايو آهي ته اسان مان هرهڪ کي اهو ڪم هرصورت ۾ ڪرڻو آهي ڇوته اهو مٿيان حڪم آيل آهي. مون کيس SMS ڪري ٻڌايو به هيو ته سائين مون کي پنهنجي نياڻي جي داخلا جي سلسلي ۾ اسلام آباد وڃڻو آهي، ان ڪري مان ان پوزيشن ۾ ناهيان ته اها ڊيوٽي سرانجام ڪري سگھان. جواب ۾ پرنسپل صاحب لکيو هو ته هو مون کي SPARE ڪندو پر جيئن ته اهو مٿيان آيل حڪم آهي ان ڪري ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ لازمي آهي. ان کان بعد هڪ دفعو وري سندس سنديسو آيو ته مان موڪل جي درخواست سان گڏ ڇوڪري جي انٽري ٽيسٽ لاءِ مليل سلپ گڏائي موڪلي ڏيان. هاڻي مون لاءِ مسئلو هي هو ته انٽري ٽيسٽ واري سلپ ته پياري دوست سائين مورخان مهر جي فرزند مسٽر جميل مهر (جميل اتي لسانيات ۾ ماسٽرس پيو ڪري)  قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد وارن کان وٺي ڇڏي هئي.  هاڻي سوچيان پيو ته اسلام آباد پهچي اها سلپ وصول ڪري بمع درخواست جي صاحب موصوف کي TCS ڪري موڪلي ڏيندس، ڇوته اسان جو پرنسپل صاحب نام نهاد قاعدن قانونن جي سخت پوئيواري ڪندڙ آفيسرن منجھان هڪ آهن. جن کي مان وري لڪير جو فقير سمجھندو آهيان. سندس رويو اهڙو آهي جهڙوڪر اسين سندس ذاتي ملازم هجون. سرڪاري محڪمن ۾ گھڻو تڻو اهڙا عملدار ئي مقرر آهن جن جو سمورو وقت ۽ سڄي توانائي ڪاغذن جي پيٽ ڀرڻ ۾ زيان ٿي ويندي آهي ۽ عملي نموني جيڪو ڪم واقعي به سرانجام ٿيڻ گھرجي ان جو ڪو نالو نشان به ناهي ملندو. ساڳيو حال اسان جي پرنسپل صاحب جو آهي هو پنهنجي اصلي ڪم يعني شاگرن جي سکڻ ۽ سيکارڻ واري عمل کان ڪوهين پري/ٿڙيل ۽ پاسيرو آهي. سندس سڄو وقت هِن يا هُن فائيل، فيون اڳاڙڻ، داخلا يا امتحاني ڪاپين تي صحيح ڪرڻ، واسطيدار يا غير واسطيدار شاگردن ۽ ماڻهن جي فون ڪالن کي اٽينڊ ڪرڻ جهڙن ڪلرڪي ٽائيپ ڪمن ۾ گذري ويندو آهي. ڪاش اسان جا پرنسپل اهو ڪم ڪلرڪن جي حوالي ڪري پنهنجي توانائين کي انهن Non Productive engagements  مان ڇڏائي سمورو ڌيان ڪلاسن، شاگردن جي حاضري وڌائڻ، کين سکڻ ۽ سيکارڻ واري پاسي تي لڳائين ته اسان جي ادارن کي چارچنڊ لڳي پون...پر الائي ڇو جڏهن به ڪو پروفيسر پرنسپل جي ڪرسي تي ويهندو آهي ته بس هو پنهنجو پاڻ کي ئي عقل ڪل سمجھڻ جي غلط فهميءَ واري ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪرائڻ لڳندو آهي. ۽ ان جو سمورو نزلو وري ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ساٿين تي ڪرندو آهي.  بس اسان جهڙن لاءِ اهو محاورو برمحل آهي ته “نوڪري ڪي تي نخرا ڪي”.

اسان جي پرنسپل صاحبان جن کي اهو احساس هئڻ گھرجي ته ادارن ۾ وئڪيشن ڪو فيشن ناهي هوندو. اهو موسمي حالتن کان بچڻ سان گڏ استادن کي ريڪريئيشن (تازو توانو ٿيڻ جو موقعو) ڏيڻ جو بهانو به هوندو آهي. استاد جيڪي سڄو سال ساڳيو ڪم ڪندي ڪندي بور ٿي پوندا آهن، ٿڪجي پوندا آهن ته اهي انهن مليل موڪلن ۾ سيرتفريح ڪري وري نئين سر تازا توانا بڻجي پنهنجي ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. هاڻي جڏهن سياري جون موڪلون آهن جيڪي مان ڪنهن به ٽئين اداري جي چاڪري ڪندي زيان ڪرڻ نه ٿو چاهيان ته ان ۾ ڪهڙي اربع خطا ٿي ٿئي؟؟!!! افسوس ته سڄي ڪيريئر ۾ هڪ به پرنسپل اهڙو ڪونه مليو جيڪو وزنري هجي، جيڪو حقيقي معنى ۾ تعليمي اڳوڻيءَ واريون خصوصيتيون رکندڙ هجي، هاڻي ڪاليجي تعليم سڌري به ته ڌوڙ سڌري؟؟؟!!!

اسٽيشن تي بيٺي بيٺي هڪ همراهه گڏيو جنهن پنجابڪي لهجي ۾ اردو ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته “هاڻي پاڪستان ريلوي جو نظام تمام گھڻو درست ٿي ويو آهي” روهڙي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي بيٺل هڪ ريل ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته “هو ڏسو ملت ايڪسپريس پنهنجي پوري پوري ٽائيم تي پهتي آهي”. مون کيس وراڻيو ته تون سؤ سيڪڙو سچو آهين ريلن جو ٽائيم ته بلڪل ٺيڪ ٿي ويو آهي پر اسان واري تيزگام ليٽ آهي، جنهن جو رائيٽ ٽائيم ته رات جا ساڍا ٻارنهن هيو پر اجھو اها هاڻي ڏيڍ وڳي پئي اچي. مون کيس خاطري ڪرائي ته ان ۾ ريلوي جي نظام جو ڪو قصور نه آهي دراصل اهو منهنجي قسمت جو چڪر آهي، مان جنهن به ٽرين ۾ سفر ڪندو آهيان ته اها دير سان ايندي آهي” جڏهن ڳالهه مون پوري ڪئي ته يار حيران نگاهن سان مون کي تڪيندي پري هليو ويو، شايد سمجھيو هوندائين ته مان صفا ڪو ٿڙيل قسم جو انسان آهيان.

هاڻي اسين پنهنجين بوگين ۾ اچي ويٺا آهيون. گاڏيءَ کان ٻاهر ٿڌ ناقابل برداشت آهي اندر موسم انتهائي خوشگوار لڳي پئي آهي. مان هي سٽون لکندي سمجھان پيو ته اميد ته اسان جو هي سفر آرام سان گذري ويندو  ۽ ٿڌ اسان کي تنگ ڪري نه سگھندي. مون دل ئي دل ۾ نعرو لڳايو “ٽيڪنالوجي زندهه آباد”. ڪاش اسان جي ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس جو نظام درست هجي ته ٿڌ يا گرمي اسان جو ڇا بگاڙي سگھنديون!!! نظام جي درستگيءَ جي شرط تي اسين هزارين ڪم ڪري وٺنداسين، جيڪي موسمن جي سختي ڪري، سرانجام ڏيڻ کان قاصر آهيون. ڪاش اسان جا حڪمران به ائين ئي مون وانگي سوچين ته ملڪ تڪڙو ترقيءَ جي پٽڙيءَ تي تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳي....پر زميني حقيقتون هي آهن ته گھرن ۾ ايندڙ گئس جي نڙگھٽ ٿيل آهي جڏهن ته بجلي جهڙي آهي تهڙي ناهي، ها بس گاٽي ڀڳا بل آهن جيڪي گرمين ۽ سردين کان بچيل ماڻهن جي رهيل سهيل ساهه کي ڪڍڻ لاءِ ڪافي آهن.

هن دفعي سفر ۾ لطيفي روايت کي برقرار رکندي گئبريل گارشيا مارڪيز جو ڪتاب “اڪيلائيءَ جا سؤ سال” ساڻ کنيو آيو آهيان. هن ڪتاب جو ترجمو مراد علي مرزا جو ڪيل آهي. 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو