Sunday, May 31, 2015

۽ هاڻي بائيو ميٽرڪ ٽيڪنالاجي شاگردن جي حاضري لاءِ


دوستو اوهان کي ياد هوندو ته ڪجھ عرصو اڳ مون ڪاليج جي اسٽاف روم ۾ اها ڳالهه ڪئي هئي ته اسان کي پنهنجن ادارن اندر داخلائون انساني وسيلن (Human Resource)  ۽ مادي وسيلن (Infrastructure)  کي ڏسي ڪرڻ گھرجن. صرف اهي شاگرد ڇنڊي ڇاڻي داخلا لاءِ اهل قرار ڏجن جيڪي واقعي به علم جي حاصلات جو حقيقي درد رکندڙ هجن. انڌا ڌند داخلا پاليسي سمجھ کان بنهه ٻاهر آهي. جڏهن شاگرد اکين سان ڏسندا آهن ته هي جيڪي ٿورا شاگرد  پڙهڻ لاءِ ڪلاس وٺن ٿا ۽ باقي تمام وڏي اڪثريت گھر ويٺي آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن جوبه امتحاني فارم رد ٿيو ناهي ٿيو ته اهي به گھر ويهي رهندا آهن. جڏهن اسان وٽ ٻه سؤ شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ استاد ۽ ڪلاس روم آهن ته پوءِ ان جي جاءِ تي اسان پندرهن سؤ داخلائون آخر ڪار ڇو ٿا ڪيون ۽ سون تي سهاڳ اهو ته داخلا فارم تي کانئن قسم نامون به وٺندا آهيون ته جيڪڏهن سندن ڪلاس روم جي حاضري 75 سيڪڙو نه هوندي ته سندن امتحاني فارم ڀرجي نه سگھندا. مون اڳ به عرض ڪيو هو هاڻي به چوان ٿو ته ڪو مهربان دوست مون کي گذريل پنجن سالن جا انگ اکر ڏيندو ته ڪيترن شاگردن جي حاضري گھٽ هئڻ ڪري سندن فارم نه ڀريا ويا؟ افسوس ته منهنجي اهڙي راءِ تي منهنجا ڪجھ پرين پيارا تمام گھڻو ڏمرجي پيا هيا ۽ مون کي گھٽ وڌ ڳالهايو هو ۽ فرمايو هو ته منهنجو دماغ خراب آهي ۽ جي اسان جي ڪاليجن اندر ائين ڪيو ته پوءِ ڪاليج ئي بند ٿي ويندا ۽ اسان جون نوڪريون تيل ٿي وينديون! هاڻي جڏهن حڪومت بائيو ميٽرڪ واري ٽيڪنالاجيءَ کي شاگردن جي حاضريءَ لاءِ به استعمال ڪرڻ جو پئي سوچي ته منهنجي انهن دوستن جي راءِ ڪهڙي آهي؟ ساڳي نموني جيڪي به اچن، جيترا به اچن کين داخلا ڏئي ڇڏجي؟ يا داخلائن لاءِ به ڪا پاليسي جوڙجي؟


ان معاملي ۾ حڪومت کي به سوچڻ جي ضرورت آهي ته اها زميني حالتن کي مد نظر رکي ڪري فيصلا ڪري، هروڀرو جي سختي، دڙڪي دهمان سان ڪجھ سڌارو ته ٿي سگھي ٿو پر ان عمل سان ڪي تمام سٺا نتيجا حاصل ٿي نه سگھندا. مثال طور جيڪڏهن ڪاليج پنهنجي انفرا اسٽڪچر ۽ هيومن ريسورس کي سامهون رکي داخلائون کڻي ڏين ته پوءِ تمام وڏي اڪثريت داخلائن کان محروم رهجي ويندي. ان لاءِ ضروري آهي ته يا ته نوان تعليمي اداري کولجن جيئن سڀني پڙهڻ واري خواهش رکندڙن کي داخلا ملي سگھي يا وري جيڪي ادارا اڳ ئي ڪم ڪن پيا ته انهن جي مادي ۽ انساني وسيلن کي وڌائجي. بنا اڳوٽ تياري، سوچ ويچار، زميني حالتن جي چڪاس جي خالي بائيو ميٽرڪ ٽيڪنالاجي کي ٿاڦڻ سان ويتر افراتفري جو ماحول پيدا ٿيندو. سنڌ جي تعليم اڳ ئي تمام گھڻي پوئتي پيل آهي ۽ گھڻو تڻو ان جو هيڻو حال حڪومتي پاليسين ڪري ٿيو آهي، اهي پاليسيون جيڪي ڪن سياسي ماڻهن يا ڪامورن پاران پوائنٽون اسڪور ڪرڻ لاءِ نافذ ڪيون ويون هيون. 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو