Sunday, June 7, 2015

ڪتاب جي حرمت ۽ اسان سنڌي؟؟!!




مان ڪراچي جڏهن به ويندو آهيان ته ڪوشش ڪري ٻن جاين تي چڪر ضرور هڻندو آهيان. ڊفينس جي آچر بازار ۽ صدر ۾ آچر ڏينهن پراڻن ڪتابن جي لڳندڙ مارڪيٽ. انهن جاين تي ٿوري خريداري سان گڏ تمام گھڻو گھمندو آهيان ۽ اتي مون کي دلي سڪون ملندو آهي. دل چاهيندي آهي ته بس اهو سڄو ڏينهن اتي گذاري ڇڏجي.

آچر بازار ۾ اولهه جي ملڪن مان گھرايل انيڪ قسم جون شيون رکيو وينديون آهن جن ۾ پراڻا جوتا، پراڻا ڪوپ ساسر، ڪاٺ جو ٺهيل مورتيون، ڪپڙا، ٿيلها، اليڪٽرانڪ جو وکر، ڇا ڇا نه هوندو آهي اتي ۽ صدر جي آچر بازار جي ڊگھي گھٽي جي ٻنهي پاسن تي سٿيل قسمين قسمين ڪتاب، رسالا انهن ڪتابن جي ورق گرداني ڪندڙ ڪتابن جهڙا پوڙها ڪتابن جا شوقين ۽ پوءَ جڏهن ٿڪجي پوندو آهيان ته پرئين ڇيڙي تي پٺاڻ جي هوٽل جي کير پتي چانهن وٺي وري واپسي ساڳي گھٽيءَ مان ئي ڪندو آهيان. گھڻو گھڻو اڳ ان ماڳ تي منهنجون نظرون سوشلسٽ لٽريچر کي ڳولهيندي نه ٿڪبيون  هيون، ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست جي ڀڃ ڊاهه ڪري اهو سياسي ماحول ئي نه رهيو ۽ هاڻي اهو ادب جهڙوڪر ڪٻاڙخاني جي زينت بڻجي ويو آهي ۽ منهنجو پڙهڻ وارو شوق به ڦيرو کائي چڪو آهي. هاڻي به ادبي، سياسي ڪتاب پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن پر خاص ڪري 2004ع کان پوءَ جيئن ئي تعليم جي شعبي ۾ سکيا ڏيندر استاد وارو گس ورتو اٿم ته هاڻي تعليمي ادب سان واڳيل ڪتاب وڻندا اٿم .

سال کن اڳ جي ڳالهه آهي ته صدر بازار جي ان پراڻي ڪتابن واري آچر بازار ۾ گھمي رهيو هوس ته منهنجي نظر شيخ اياز جي لکيل ڪتاب ”ڪٿي ته ڀڇبو ٿڪ مسافر“ تي پيئي. ڪتاب جو پهريون پنو اٿلايم ته سفيد خالي پني ته شيخ اياز جا هٿ اکر لکيل هيا ”خلوص ۽ محبت سان يوسف شاهين لاءِ. شيخ اياز. 6 اپريل 95ع“ مٿان پين سان بدر ابڙو به لکيل هو. يوسف شاهين سنڌ جو اهو ساڃهوند رهيو آهي جنهن روزانه ”برسات“ اخبار ڪڍي سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز کي گذارش ڪئي هئي ته سندس ان اخبار جو ايڊيٽر ٿين. سائين شيخ اياز سندس ان آڇ کي قبول ڪندي برسات لاءِ ڪيئي ايڊيٽوريل لکيا هيا جيڪي پڻ پنهنجو مٽ پاڻ هيا. شيخ اياز انهن اصول پرست انسانن منجهاران هڪ هيو ته جڏهن اخبار لاءِ ايڊيٽوريل لکندو هو ته ان جي آخر ۾ پنهنجي نالي جا پهريان اکر به لکي ڇڏيندو هو. اهو ته ڄڻ ائين هو ته شيخ اياز انهن لکيل لفظن، راين، تنقيدن يا گفتن جي ذميواري اخبار جي مالڪ تي رکڻ بدران پاڻ کڻندو هو. اخبار جي مالڪ ۽ اخبار جو ايڊيٽر ٿيڻ ساکي آهي ته يوسف شاهين ۽ شيخ اياز ۾ ڪيتري نه ويجھڙائي هئ. پر جڏهن شيخ اياز جو پنهنجي هٿ اکرن سان ارپيل ڪتاب روڊ تي پيل ڏٺم ته سوچن جي صحرا ۾ ڪٿي وڃائجي ويس. سوچيم ته يا خدا هي ڇا مامرو آهي. سنڌ جي يگاني شاعر جو ڪتاب ۽ اهو پنهنجي پرين پياري دوست کي هٿ اکرن سان ارپيل ۽ اهو ڪتاب پراڻن ڪتابن جي هن مارڪيٽ تائين ڪيئن پهتو؟ ڇا يوسف شاهين انهن ڪتابن کي پنهنجي گھر ۾ اجايو سمجھي گھٽين ۾ هوڪا ڏيندڙ گھورڙين کي وڪڻي ڇڏيو يا هي ڪتاب يوسف شاهين جي هٿن تائين پهچڻ کان اڳ ئي ائين هِتي هُتي رُلي اچي ڪتابن جي ڪٻاڙخاني پهتو؟  مون کي انهن سوالن مان ڪوبه جواب سمجھ ۾ ڪونه پئي آيو ۽ مون اهو ڪتاب بنا ڪنهن ڇڏ ڇوٽ جي ڪتاب وڪڻندڙ کان خريد ڪري پنهنجي ننڍڙي لئبرريءَ ۾ اڳ خريد ڪيل ان ساڳي ڪتاب جي ڀرسان رکي ڇڏيم ۽ سوچيم ته جيڪا بي حرمتي اسان جي عظيم شاعر جي هٿ اکر لکيل ڪتاب جي مان محسوس ڪيان ٿو ته اهو ڪو ٻيو نه ڪري سگھي.  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو