Thursday, June 11, 2015

پروفيسر صغير احمد جو انٽرويو


پروفيسر صغير صاحب ۽ مان پراڻا دوست آهيون، يونيورسٽيءَ ۾ اسان جا شعبا ته کڻي الڳ الڳ هيا پر اسان جو گھڻو تڻو وقت گڏ گذرندو هو. يونيورسٽيءَ جي تعليم کان پوءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري صغير صاحب وڃي تعليم کاتي کي وسايو ته مون صحافت جي دنيا ۾ پير پاتا. پروفيسر صاحب کي پنهنجي مضمون تي ته مڪمل نموني عبور حاصل آهي ۽ ان سان گڏ ٻين سلهاڙيل علمن جو به کيس تمام سٺو ادراڪ آهي. پروفيسر صاحب ڏکئي قسم جا انسان آهن، تمام گھٽ سوشل آهن، الڳ تلڳ رهندا آهن، هن جي پنهنجي هڪ نرالي دنيا آهي، گھڻو وقت ڪتابن جي مطالعي يا ليپ ٽاپ تي انٽرنيٽ جي سرفنگ ۾ گذاريندا آهن. کڻي جواهي يارن دوستن سان ملڻ کي وقت جو زيان سمجھندا آهن پر پنهنجن شاگردن لاءِ اهي وڏا سخي آهن. کيس هڪ ملاقات ۾ سمجھڻ ممڪن ئي ناهي. هو ميل ملاقات وقت اجاين سجاين تڪلفات ڪرڻ بدران سچي ڳالهه منهن تي ڦهڪائي هڻندا آهن، اهي اگھاڙو سچ ڳالهائيندا آهن، سندس طنز ۾ زهر ڀريل هوندو آهي. گذريل هفتي سندس نمبر ملائي مون کانئس وقت ورتو هو.  پروگرام موجب اڄ پروفيسر صغير احمد صاحب  جي گھر (جنهن کي هو يتيم خانو به چوندو آهي) تي سندس انٽرويو لاءِ پهتم ته پروفيسر صاحب وڏي گرمجوشيءَ سان مليو ۽ ڪمري اندر پراڻي صوفي تي ويهڻ جو اشارو ڪندي ئي پڇيائون ته ”چانهن پيئندين؟“ مون نيم رضامنديءَ واري انداز ۾ وراڻيو ته ”چانهن جي ڪا خاص ضرورت ته محسوس نه ٿي ٿئي پر جي.....“ ان کان اڳ جو مان پنهنجي ڳالهه پوري ڪيان پروفيسرصاحب ڪاوڙندي چيو ته ”اها منافقي پاڻ وٽ رک سڌو سنئون ’ها‘ يا ’نه‘ وارو جواب ڏيندي تپ ٿو چڙهئي!“ ان کان اڳ جو مان ڪجھ وڌيڪ ڳالهايان پروفيسر صاحب پنهنجي ڪمري جي اولهائين پاسي جڙيل بورچي خاني ۾ هليو ويو ۽ ڪجھ دير ۾ جڏهن واپس موٽيو ته سندس هٿ ۾ هڪ ٽري هئي جنهن تي ٻه عدد چانهن جا مڳ رکيل هيا جن ۾ هڪ فل سائيز جو مخصوص مڳ هو جيڪو سندس پنهنجي لاءِ مختص ٿيل آهي، جڏهن ته ٻيو مناسب سائيز وارو منهنجي لاءِ هيو. چاءِ سان گڏ زيرا پلس بسڪوٽن جو هاف رول به پيل هو. چانهن جو مڳ ٽيبل تي رکي زيرا پلس جو هاف رول کوليندي اڌ بسڪٽ منهنجي حوالي ڪيائين باقي پاڻ چانهن جي مڳ ۾ ٻوڙي کائيندي مون ڏي ڏسندي چوڻ لڳو ته ”يار چانهن ۾ ٻوڙي بسڪٽ کائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي، تنهنجو ڇا خيال آهي؟“  ساڻس ها ۾ ها ملائيندي کيس ياد ڏياريم ته ”پروفيسر صاحب اڄ مان اوهان جو انٽرويو وٺڻ آيو آهيان“،  ”تون به ڪمال جو صحافي آهين، مان ڪهڙو سياستدان، عالم فاضل، اديب، دانشور يا ماهر تعليم آهيان يا مان ڪهڙو سقراط، بقراط، ارسطو يا مارڪس جي اولاد مان آهيان ته توکي تعليمي سڌارن، فلسفي جي منجھيل موضوعن، سياست جي لاهين چاڙهين يا سماجيات جي پيچيدهه روين متعلق متاثر ڪندڙ جواب ڏيئي سگھندس“  ٿوري ساهي بعد دوستاڻي انداز ۾ چيائين ته ”چڱو ڀلا پڇ مون کان تون ڇا ٿو ٻڌڻ چاهين؟“. مون سندس انٽرويو کي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ موبائيل جو وائيس رڪارڊر آن ڪري سندس سامهون ٽيبل تي رکندي پنهنجو پهريون سوال ڪيو؛ ”سائين ڪجھ پنهنجي ذات بابت ٻڌايو؟“ وراڻيائين ”مان ڪاليج ۾ اوڻويهين گريڊ تي ڪم ڪندڙ هڪ ٽڪي جو ماستر آهيان، مون کي منهنجا ڪليگ ٿڙيل، کسڪيل ۽ ايبنارمل سمجھندا آهن، ڪاليج اندر هڪ اڌ پيرڊ وٺڻ واري اداڪاري ڪري پوءِ پنهنجو پاڻ کي سٺو سرڪاري نوڪر ثابت ڪرڻ لاءِ باقي وقت ويهي مکيون ماريندو آهيان، بس ڏيک اهڙو ڏيندو آهيان ته جيڪر مان وڏو آڙيڪاپ هجان، ڪتابن پڙهڻ کان چڙ اٿم، جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ زيرو برابر آهي، گھڻو تڻو انهن تي تنقيد ڪرڻ منهنجو محبوب مشغلو آهي جن کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ چاهه هوندو آهي، بس شاگردن کي ڪوڙ بدوڙ پڙهائڻ لاءِ مجبورن ڪن ڪورس جي ڪتابن جي ورق گرداني ڪندو آهيان، ۽ پنهنجي مضمون جي گائيڊن مان نوٽس ٺاهي رکيا اٿم جيڪي شاگردن کي ڊڪٽيٽ ڪرائيندو آهيان، گھڻو تڻو يارن دوستن سان ننگي قسم جا ڀوڳ ٺڪاءُ ڪري پنهنجو پاڻ کي وڏو هيومرس ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، بنهه پتڪڙو، خسيس انسان آهيان پر اجايو سجايو ڏيک اهڙو ڏيندو آهيان ته جهڙوڪر مون جهڙو ٻيو هن دنيا ۾ نه پيدا ٿيو آهي نه پيدا ٿيندو، ڪلاس ۾ توڙي اسٽاف روم ۾ منهنجي ڪوشش اها هوندي آهي ته بس صرف مان ئي ڳالهايان ۽ شاگرد ۽ منهنجا ڪليگ منهنجي ”عظيم علم“ کان فيضياب ٿين، ٻين يارن دوستن جون ڳالهيون مون کي زهر لڳنديون آهن“.  هڪ ساهيءَ ۾ بنا فل اسٽاپ جي پروفيسر صاحب مون کي پنهنجو شاگرد سمجهي پورو ليڪچر ڏئي ويو. مون نماڻائي وارو انداز اپنائيندي کيس چيو ته ”سرڪار مان اوهان کي پنهنجي تعارف لاءِ چيو هو اوهان ته پنهنجي پوري اسٽاف جي دوستن جو تعارف طنزيه انداز ۾ پيا ڪرايو ٻيو ته ڀلا جي اوهان جو لاڳاپو ڪتابن سان نه هجي ها ته اوهان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڪيئن پاس ڪيو ها؟“ منهنجي اکين ۾ اکيون ملائيندي مون کان ئي سوال ڪيائين ته ”سچ ٻڌايانءِ يا اجايو زٽ هڻان؟“. مون کيس عرض ڪيو ته ”سائين سچ ئي ٻڌايو، جيڪڏهن ڪو اهڙو سچ جيڪو نقصانڪار هوندو ته ان کي آف دي رڪارڊ ڪري ڇڏيندا سين“  ”ها ته ٻڌ، ڊوگر جي جنرل ناليج، پنهنجي مضمون جي ڊڪشنري، ڪجھ پاڪستان اسٽڊي ۽ ڪجھ اسلاميات جا مخصوص سوال رٽي، ڪميشن جو اهو ميمبر جيڪو لاڳاپيل مضمون جو ايڪسپرٽ طور تي ويهندو آهي ان تائين اپروچ ڪري ساڻس معاملا سڌا ڪري امتحان پاس ڪيو هوم“. سندس سچي ۽ کري جواب مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين ته ”اهي ٺوڙها انٽرويو وٺندڙ پاڻ علم، عقل، سرت ۽ ساڃاهه کان ڪوهين ڏور رهندڙ آهن، اهي طوطي قسم جي اميدوارن کي پاس ڪندا آهن، جن کي ڪتابن ۽ انهن جي ليکڪن جا نالا ياد هجن، ڪي مخصوص واقعا ڪهڙي سن ۾ رونما ٿيا هيا انهن تي رٽو لڳل هجي، سندن نظرن ۾ اهي وڏا ڄاڻو هوندا آهن. گھڻو تڻو مقابلي وارا امتحان ڪنڊڪٽ ڪرڻ وارا نام نهاد ماهر ’تنقيدي سوچ رکي، تخليقي انداز ۾ سوچيندڙ ۽ مختلف لقائن ۽ واقعن جا تجزيا ڪري انهن مان صحيح نتيجا ڪڍندڙن کي ته گاهه ئي ناهن وجھندا“. منهنجو ٻيو سوال هو ته: ”سائين پاڪستان جي تعليمي ڪريڪيولم لاءِ اوهان ڇا چوندا؟“ سندس جواب هو ته ”اهو سڄو جو سڄو ڪوڙ بدوڙ تي جڙيل آهي، جنهن ۾ تاريخي واقعن جو ڪنڌ مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. تاريخ اندر ڪيئي واقعا اختلافي به هوندا آهن، پر جيئن ته انهن ڳالهين تي ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪي ڪندڙ ڪجھ ماڻهن ۽ ادارن جو مخصوص مؤقف آهي ته جيڪڏهن اوهان ان کان اختلاف رکيو ته جهڙوڪر پنهنجي پير تي ڪهاڙو هنيو“ مون کيس عرض ڪيو ته ”پروفيسر صاحب اوهان جي ڳالهه وضاحت طلب آهي؟“ وراڻيائين ته ”مثال طور تي پاڪستان ۽ هندستان ساڳي تاريخ، ساڳي وقت تي آزاد ٿيا هيا ته پوءِ اسان هڪ ڏينهن اڳ آزاد ڪيئن ٿياسين؟ پاڪستان جي آزاديءَ کان ترت پوءِ ڏهاڪن تائين ڪتابن ۾ اهو پڙهايو ويندو رهيو آهي ته قائد اعظم جھرڪ ۾ ڄائو هيو ۽ هاڻي؟ ٻيو ته ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪنهن ڀلجي ڪري به اهو لکيو آهي ته قائد اعظم اسمائيلي شيعو هيو، مسلم ليگ جي پاڪستان لاءِ هلايل تحريڪ ۾ احمدي فرقي سان تعلق رکندڙ اڳواڻ پڻ تمام گھڻو سرگرم هيا، اسان جي ڪنهن ڪتاب ۾ هن ملڪ جي عظيم سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام جو ڪٿي ذڪر ٿيل آهي،  اڄوڪي نسل کي اها خبر آهي ته بنگله ديش به هن ملڪ جو حصو هيو جنهن کي انوقت اوڀر پاڪستان چوندا هيا؟ هي جيڪو وفاق جو بي سرو رينگٽ ٿا هلائين جڏهن ته پاڪستان جي قرارداد جيڪا اڃا تائين مينار پاڪستان تي اڪريل آهي جنهن ۾ واضع لکيل آهي ته پاڪستان پنجن خودمختيار وحدتن جو ملڪ آهي ان تي ڪيترو عمل ٿيو آهي ۽ اهڙن سوالن اٿارڻ وارن کي غدار ڪوٺيو پيو وڃي!“ ٿوري ساهي پٽي وري پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين ته ”اوهان مون کي ڪنهن به ڪريڪيولم جي ڪتاب ۾ اهو هڪڙو جملو ڏيکاري سگھو ٿا ته پاڪستان ۽ هندستان جي آزاديءَ بعد جيڪي فساد ٿيا هيا ته انهن ۾ جيڪي لکين انسان قتل ٿيا هيا ته اهي رڳو مسلمان نه هيا، انهن ۾ هندو ۽ سک به هيا! ٿوري ساهي بعد پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين ته  ”اوهان ڪنهن به مقابلي جي امتحان ۾ اهو لکي يا جواب ڏئي پاس ٿي ڏيکاريو ته محمد بن قاسم هڪ جارح هيو، جيڪو هڪ ظالم حڪمران جو سپهه سالار هيو ۽ هتي مذهب جي آڙ وٺي ڦرلٽ ڪرڻ جي نيت ۽ ارادي سان آيل هو“ هاڻي سندس پارو چڙهندو پئي ويو مون موضوع کي مٽائيندي کانئس ٻيو سوال ڪيو ته ”سائين اوهان ماشاءَ الله اوڻويهن گريڊ ۾ پهتا آهيو، ان لاءِ اوهان کي وڏي جهد ڪرڻي پئي هوندي؟“ ٽيبل تي رکيل ٽسو پيپر سان پنهنجو منهن ۽ مٿو صاف ڪندي جواب ڏنائين ته؛ ”سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ بعد صرف بيوقوف انسان ڪم ڪندا آهن، سياڻا ماڻهون بس پنهنجي ڪرنٽ باس سان تعلقات سٺا رکندا آهن ۽ مون کي اهو فن بخوبي ايندو آهي“. اهو چئي ٽنگ ٽنگ تي رکي بچيل چاءِ جون سرڪيون ڀرڻ لڳو. سندس ان منجھائيندڙ جواب کان مان مطمئين ٿي نه سگھيو هوم کيس ان جي وضاحب لاءِ عرض رکيم، وراڻيائين ته ”ائين سمجھو ته ڪنهن سرڪاري محڪمي ۾ ڪو گڏهه ڀرتي ٿيو آهي، ڪجھ عرصو گذرڻ کان پوءِ اهو سينئر گڏهه ليکبو، ٿورو وڌيڪ وقت گذارڻ بعد اهو معزز گڏهه ٿي پوندو، هوريان هوريان سندس گريڊ پنهنجو پاڻ مٿي طرف سفر ڪندو رهندو ۽ سندس ذهني حالت ته اها ساڳي ڀرتي ٿيڻ واري وقت واري رهندي پر يار هڪ ڏينهن ويهين گريڊ تي وڃي دنگ ڪندو!“  کانئس نئون سوال ڪيم ”سائين اوهان پنهنجي ڪرنٽ باس سان سٺا تعلقات رکي ڄاڻو ٿا ته ان جي معرفت بورڊ ۾ ڊپوٽيشن ڪرائي اتي ڪا سڻڀي سيٽ ڇو ڪونه ٿا وٺو؟“  ”اهو ڪم منهنجي ڪرنٽ باس کان چڙهيل آهي ۽ ٻيو ته منهنجو ڪوبه ڀاءُ صوبائي يا وفاقي منسٽر ناهي“ سندس مختصرجواب هو. ” ڀلا کڻي ڪنهن ڪاليج جا پرنسپل ئي ٿيو؟“ مان صلاح واري انداز ۾ کانئس سوال ڪيو. ”مون وٽ لک روپيه بچت ناهي ان ڪري منهنجو اهو خواب به پورو نه ٿو ٿي سگھي“ وري الٽو جواب ڏنائين. سندس جوابن مان مون کي به مزو اچي رهيو هو کيس وڌيڪ ڇيڙڻ لاءِ ساڳي قسم جو ٻيو سوال به  پڇيم ”سائين ڀلا کڻي اي ڊي او يا ريجنل ڊائريڪٽر جي ڪرسي ئي سنڀاريو ها؟“ منهنجي سوال تي منهنجي اکين ۾ چتائي ڏسندي وراڻيائين ”مان اڃا تائين ذهني طرح ايترو ڪري نه سگھيو آهيان“. عجيب انسان هو مون کانئس ڇا پئي پڇيو ۽ هن وري ڪهڙا جواب پئي ڏنا. مون کي ته سندس ڏنل جوابن مان ڪوبه منطقي نه پئي لڳو. بهرحال پوءِ به مون دل نه هاري کانئس ٻيو سوال ڪيم ”ڀلا ڏيو خبر اوهان کي بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ته ڪمائي وارا سٺا ڪم ملندا هوندا؟“ ”يار توکي ڪو ٻيو سوال ڪرڻ ڪونه ٿو سجھي!“ مون تي ڪاوڙندي چوڻ لڳو ”ها ٻڌ اڃا منهنجو ضمير ۽ عزتِ نفس زندهه آهن ۽ جيستائين اهي نه مرندا مون کي بورڊ يا يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪيئن ملندا“  ”سائين مان اوهان کي سالن کان سڃاڻا اوهان کي ڪڏهن به پنهنجي استادن جي ايسوسئيشن جو عهديدار ڪونه ٿيندي ڏٺو اٿم ان جو ڪو خاص سبب؟“ منهنجو کانئس ٻيوسوال هو. پروفيسر صغير صاحب وري به پنهنجي مخصوص انداز ۾ وراڻيو ته ”ڇو ته مان علم دشمن ناهيان“. مون پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ هر شعبي سان واڳيل سوين انٽرويو ڪيا هيا پر پروفيسر صغير انهن سڀني کان الڳ ٿلڳ هو. هاڻي مان موضوع کي مٽائيندي کانئس پڇيم ته ”سائين اوهان هن سرڪاري ڪوارٽر ۾ سالن کان رهائش پذير آهيو، اوهان کي هتي پاڻي، بجلي ۽ گئس جون سهولتون ته مهيا آهن؟“ هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيائين ته ”بلڪل سهولتون آهن، نساسڪ وارا نلڪن ۾ پاڻيءَ بدران ماڻهن جو مٽ موڪليندا آهن، اهو پيئندو آهيان، بجلي جي ته خبر ناهي ته اها آهي به ناهي پر ان جا بل ڀرڻ ڪڏهن به ناهيان وساريندو، باقي رهي ڳالهه گئس جي ته جيتري گئس چلهي ۾ ايندي آهي ان کان ڪيئي دفعا وڌيڪ ڏهين روپين جا پڪوڙا کائي مان پاڻ پيدا ڪندو آهيان“ سندس هن جواب ته صفا حد ڪري ڇڏي هئي دل پئي چاهيو ته اٿي ڀڄي وڃان پر دل جھلي وري به کانئس سوال ڪيم ته ”اوهان کي ڪهڙو مشروب وڻندو آهي؟“ وراڻيائين ”بليڪ ليبل“،  ”سائين اهو شربت ڪٿي آهي اهو ته شراب آهي ۽ اهو اسان مسلمانن تي حرام آهي“ مان به ڪجھ ترش ٿي کيس تنبيهه ڪئي. ساڳي انداز ۾ وارڻيائين ”هونئن حرام...“ٿورو ساهي پٽي وري شروع ٿيو ”اهو جيڪو گٽرن جو پاڻي اسان کي پيئڻ لاءِ ملي ٿو اهو حلال آهي، هو جيڪي پئسه وٺي ڊگريون ڏيندا آهن، پوزيشنون ڏيندا آهن ۽ انهن پئسن مان حج ڪري ايندا آهن اهي حلال آهن، رشوت جا پئسا کيسي ۾ وجھي جاءِ نماز خريد ڪندا آهن اهو حلال آهي، هي جيڪو نياڻين جو وڪرو پيو ٿئي اهو حلال آهي، سرڪار پلاٽن تي قبضا ڪري انهن تي بنگلا جوڙائي انهن تي لکرايو ٿا ته هذا من فضل ربي اهو حلال آهي، رشوت تي نوڪريون ۽ پوسٽنگس پيون ٿين اهي سڀ حلال آهن، بس بليڪ ليبل حرام آهي؟ اهي افلاطوني ڳالهيون پاڻ وٽ رک“ ڇڙٻ ڏيندي وراڻيائين.
”پروفيسر صاحب اوهان ايترو تلخ ڇو آهيو؟“ وراڻيائين ”پنجهٺ سالن کان وٺي مون کي زهر پياريو اٿو ۽ هاڻي پڇو ٿا ته مان تلخ ڇو آهيان، ڪمال آهي“ سندس وري به ابتو جواب مليو هو.

”سنڌ جي استادن لاءِ ڪو پيغام“ منهنجو کانئس ٻيو سوال هو ”استادن کي گھرجي ته اهي استادي واري ڪرت ڇڏي ماسٽري ڪن“ مون حيرت مان سندس اکين ۾ نهاريندي کيس چيو ته ”گھٽ ۾ گھٽ اوهان ته استادن جي عزت ڪريو، دنيا وارا ته کين ماستر چئي سندن توهين ڪندا رهندا آهن پر مون کي اوهان مان اهڙي اميد صفا ڪونه هئي، ڀلا جي استاد استادي وارو ڪم نه ڪندا ته اسان جهڙا صحافي اچي ڪندا“ ساڳي ئي لهجي ۾ وراڻيائين ته ”مون توکي پهرين ئي چيو هو ته مون جهڙي ٿڙيل کان انٽرويو نه ڪر پر لڳي ٿو ته اڄ توکي ڪو ٻيو گراهڪ ڪونه پئي سجھيو ان ڪري مون وٽ هليو آئين، مون کي افسوس آهي ته تنهنجي سمجھ داني به دنيا وارن وانگي سوڙهي آهي ۽ منجھس سوچڻ سمجھڻ جا گڻ ڪجھ گھٽ ٿا نظر اچن، مان دعوا سان چوان ٿو ته منهنجي ڪيل ڳالهه کي تون سمجھي ئي نه سگھيو آهين“ مون تي ڊگھي تنقيد ڪرڻ بعد موضوع تي موٽندي وراڻيائين. ”مون چيو هو ته استادن کي استادي ڇڏي ماسٽري ڪرڻ گھرجي، هتي استادي معنى ٺڳي، ڪوڙ، فريب کان ڪم وٺڻ، پنهنجي فرضن کان نٽائڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ واري عمل کان پري رهڻ جا جواز گھڙڻ، ٻين تي الزام ڌري پنهنجو دفاع ڪرڻ وغيرهه ۽  مون انگريزيءَ واري ماسٽري (Mastery) جي ڳالهه ڪئي هئم، جنهن مان مراد اها آهي ته کيس پنهنجي ڪم تي پوري نموني دسترس حاصل هجي، هو پنهنجو پاڻ کي پڙهڻ پڙهائڻ، سکڻ سيکارڻ واري عمل سان سلهاڙي رکي ۽ تون منهنجي لفظ ماسٽريءَ کي پنهنجي عقل مطابق ماستري سمجھي ويٺين ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه“ .  

”بس ٿي ويو انٽرويو پورو يا اڃا ڪي سوال رهيل اٿئي؟ هاڻي ته شام به ٿي چڪي آهي ۽ چُڪيءَ کي چکڻ جي ويل اچي پهتي آهي، ڏي خبر ٿي وڃي هڪ اڌ دؤر“ منهنجي اکين ۾ اکيون ملائيندي شرارتي انداز ۾ پروفيسر صاحب صلاح ڪئي. مون سندس ٿورا مڃيندي کانئس موڪلائڻ لاءِ اٿي بيٺس، واپسيءَ ۾ پنهنجي گھر کان ٻاهر روڊ تائين الوداع چوڻ لاءِ مون سان گڏ هليو آيو. پريان هڪ سمارٽ نوجوان جي جڏهن مٿس نظر پئي ته هو تڪڙو تڪڙو اسان جي طرف آيو، اچڻ سان ئي مٺائيءَ جو دٻو پروفيسر صاحب جي هٿ ۾ ڏئي سندس هٿ چميندي چوڻ لڳو ته ”سائين اوهان جي گائيڊ لائين، ايسي رائٽنگ جا گُر، انٽرويو ڏيڻ جو هنر ايترو ته ڪم آيا جو پهرين ئي اٽيمپٽ ۾ مون سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري ورتو آهي ۽ مون کي پوليس وارو کاتو مليو آهي“ پروفيسر سندس پٺي ٺپيريندي چيو ته ”اهو سڀ ڪجھ تو پاڻ ڪيو آهي، ان ۾ منهنجي ڪابه ڪرامت شرامت ناهي، ها ٻڌ ايس ايس پي ٿي ڪري ائين نه ڪجانءِ ته سڀ کان پهرين مون کي اچي ٻڌين“ سندس چيل ڳالهه تي اسان ٽنهي گڏجي ٽهڪ ڏنو ۽ مان پروفيسر صاحب ۽ سندس شاگرد کي اتي ڇڏي پنهنجي اخباري دفتر طرف تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳس. 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو