Wednesday, June 10, 2015

کاهوڙي انسان هادي بخش ڀٽ


محض جسماني بيهڪ، رنگ، قد ڪاٺ کي پيمانو بڻائي دنيا اندر سونهن جو جو ڪاٿو لڳائينداسين ته تمام ٿورا حسين انسان ئي اسان کي ملي سگھندا. حقيقت ۾ سونهن جي پرک جا ڪيئي اهڃاڻ آهن: لکاري، سريلي آواز جو مالڪ، دل کي ڇهندڙ شاعري ڪندڙ، ڊانسر، اداڪار ۽ اداڪارائون، مصور، عالم، ڏاها، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي عبور رکندڙ، سماجي ۽ سياسي پرچارڪ، فلسفي وغيره کي دنيا جي حسين انسانن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. منهنجي خيال ۾ حسين ماڻهن جي پرک جو هڪ اهم اهڃاڻ هي به آهي ته اهو ماڻهون جيڪو ٻين پاڻ جهڙن انسانن سان پنهنجائپ وارا، رواداريءَ وارا، برابريءَ وارا رويا رکي ٿو، اهو جيڪو ٻين جي تڪليفن تي پاڻ تڙپي اٿي ٿو ، اهو جيڪو چاهي ٿو ته هن ڌرتيءَ جي گولي تي ڪوبه بکيو، ڏکيو نه رهي، فطرت پاران مليل سمورن وسيلن تي سڀني ساهوارن جو حق آهي ۽ کين اهو ملڻ گھرجي ۽ پنهنجن اهڙن سوچن تي پاڻ عملي نموني هلندي ٻين کي پڻ ساڳين گسن تي هلڻ جا ڏس پتا ڏئي ٿو.

غريب گھراڻي ۾ جنم ورتل سائين هادي بخش ڀٽ اهڙن انسانن منجھاران هڪ آهن. شاگرديءَ واري دؤر کان وٺي وڪالت جي اوج وارن ڏهاڙن تائين هو جهيڙيندو رهيو آهي، ڪڏهن ڀلجي به ورچي ناهي ويٺو. جو دم غافل سو دم ڪافر جيان هاديءَ پنهنجي زندگيءَ جي هر گھڙي کي ڪو نانءُ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، لاشڪ هي شخص پوري ڄمار سنڌ وطن ۽ پوري دنيا جي مظلوم ماڻهن لاءِ بنا ساهيءَ جي وڙهندو رهيو آهي. مون اڪثر مشاهدو ڪيو آهي ته اسان جا ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا ماڻهون چڱائيءَ جي ڪمن کان پري رهڻ جا ڪيئي سبب گھڙي دوستن کي مطمئين ڪرڻ ۽ پنهنجي دل کي آٿت ڏيڻ جون ڪوڙيون ڪوششون ڪندا رهندا آهن: مثال طور غربت، اڻهوند، مثبت ماحول جونه هئڻ وغيره. ان قسم جي يارن جو خيال هوندو آهي ته کين کارائي پياري، مچي مواڙ ڪرائي اسٽيج سينگاري، وڏي پروٽوڪول ۽ عزت وَ احترام سان عرض ڪجي ته بابلا هاڻ اچي وارو وڄاءِ!   انهن جي ڀيٽ ۾ جيڪي اندران ۽ ٻاهريان سچا انسان هوندا آهن اهي ڪو جواز گھڙڻ بنا خاموشيءَ سان ظلم خلاف پنهنجي وس ۽ وت آهر دونهڙيون دکايو پيا هلندا آهن. جيڪڏهن غربت جي ڳالهه ڪجي ته پوءِ اسان جي سٿ ۾ هادي بخش ڀٽ کان وڌيڪ غريب ڪير هوندو؟ مان ڪنهن حد تائين هادي بخش ڀٽ جي زندگيءَ ۾ مليل دکن دردن جو ساکي آهيان. هڪ غريب گڏهه گاڏو هلائيندڙ مذدور جي گھر ۾ پيدا ٿي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي، پوري ايمانداري ۽ سچائيءَ سان اڳتي وڌڻ ڪا مشڪري ناهي هوندي. پري کان بيهي تماشو ڏسڻ ۽ ڪمينٽري ڪرڻ سولي ڳالهه آهي پر آرهڙ جي ڏينهن ۾ ڏامر هاريل روڊن تي ننگي پير هلڻ جي سنگيني جو ادارڪ ته صرف ۽ صرف راهي کي هوندو آهي ۽ هادي جي گھر کان جيڪي به چارا نڪرن ٿا ان قسم جا ئي آهن. جيڪڏهن ڪنهن به يار دوست کي هن کاهوڙي ۽ جاکوڙيءَ دوست جي جدوجهد جي ساک وٺڻي هجي ته هو سکر جي روڊن، رستن، چوراهن، ايرڪنڊيشن هوٽلن جي هلندڙ چويارين کان وٺي سينٽرل جيل جي اونداهين ڪال ڪوٺڙين کان وڃي پڇي کيس وافر انداز ۾ جواب ملي ويندا. زماني جي ستم ظريفين، غربت جي اوکين راهن تي هلندي به هو شانت رهيو آهي ۽ چاليهن سالن جي رفاقت ۾ مون ڪڏهن به سائين هادي بخش ڀٽ کي شڪايت ڪندي نه ٻڌو آهي. ڪڏهن ڀلجي به هُن دوستن يا نجي محفلن ۾ ان قسم جو ذڪر ناهي ڪيو. ڊاڪٽر ممتاز ڀٽ جهڙي محبتي انسان جي وڇوڙي کيس ڪيترو تڙپايو هوندو اها خبر ته کيس ئي هوندي، مٽن مائٽن، ڀائرن ۽ پٽن جي اجاين سجاين ڦڏن ڦرڙن کي جنهن نموني هاديءَ منهن ڏنو آهي اهو ڪنهن مون جهڙي عام ماڻهون جي وس جي ڳالهه ناهي. هادي ٻاهريون جيترو شانت نظر ايندو آهي اندر سندس اوتروئي زّخمي آهي. ڳوڙها اکين جا هجن يا دل مان ڳڙندڙ رت ڦڙا، هادي ڀٽ انهن کي پنهنجي وجود جو حصو سمجھي پنهنجي سيني تي ئي سٺو آهي، کيس دل جو دؤرا ۽ شگر جي بيماري ڪا هروڀرو ته ناهي لڳي! پر سمورين بيمارين، اهنجاين، مشڪلاتن، رڪاوٽن هوندي به هادي بخش ڀٽ جيڪو وچن ويڙهيچن سان ڪيو هو، پنهنجي نينهن جو ناتو پنهنجي ماروئڙن سان جوڙيو هو ته انهن ڪنڊن ڀريل رستي تي هلندو رهي ٿو، پير پٿون، دامن تار تار ٿيندي ڪڏهن به پنهنجي ان فيصلي تي پڇتايو نه ئي ڪا شڪايت ڪئي اٿس. هو سدائين چوندو رهندو آهي ته؛
جي لوڻ لڱين لاهين، چيري چيري چم،
مون ڪر اڳ نه ڪيو اهڙو ڪوجھو ڪم،
جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنهوارن سين.

 هادي بخش ڀٽ ۾ جيڪي انيڪ خوبيون آهن انهن مان هڪ هيءَ به آهي ته هو ڪوشش ڪري هردوست جي ڏک يا سک، خوشي توڙي غمي وارن ساعتن ۾ ساڻن ساٿ نڀائيندو رهندو آهي. عوامي ڀلائي جي هر پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ ۾ ڪوبه عار محسوس ناهي ڪندو. هادي پنهنجي حياتي ۾ذاتي لالچ، لوڀ کي پاسيرو رکي سچائيءَ ۽ خلوص سان سنڌي ماڻهن ۽ سڄي انسانذات سان محبت جا هوڪا ڏيندو رهيو آهي. ڪي خوبيون ماڻهون عالم قسم جي انسانن سان گڏ رهڻ ڪري اپنائيندو آهي. ان معاملي ۾ هادي بخش ڀٽ وڏو خوشنصيب انسان رهيو آهي. سکر ۾ رهندي سندس لاڳاپا عظيم ڪوي شيخ اياز سان رهيا، رشيد ڀٽيءَ جي ته هو جهڙوڪر گھر جو ڀاتي هيو، نظام بلوچ جهڙي ارڏي انسان ۽ ڪامياب وڪيل جو هو اسسٽنٽ ٿي رهيو، محترم رسول بخش پليجي صاحب سان نه رڳو سندس سياسي وابستگيون رهيون پر وڪالت جا پهريان سبق به هادي سائين پليجي صاحب کان سکيا، حيدرآباد ۾ رهندي هادي سنڌ جي وڏي ڏاهي ۽ استاد سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي انتهائي ويجھو رهيو.

هادي بخش ڀٽ اسان جي سماج اندر هڪ مثالي ماڻهون آهي، جنهن تي دوستن کي ڳالهائڻ گھرجي ته جيئن هِن جهڙن ٻين غريبيءَ ۽ مسڪينيءَ جي ڀنور ۾ ڦاٿل نوجوانن کي اتساهه ملي سگھي ۽ اهي سمجھي سگھن ته: جيڪڏهن جذبو ۽ جنون هجي ته ڪابه ڳالهه ناممڪن ناهي، انسان پنهنجي تي اچي ته هر ڪم سرانجام ڏئي سگھي ٿو. ائين نه هجي ها ته گڏهه گاڏي کان ڪوري ڪار تائين، نئين پنڊ جي ڳلين کان ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي صدارت تائين وارو سفر ممڪن ئي نه هجي ها.

منهنجو سکر سان ناتو چاليهارو سالن کان مٿي تي محيط آهي، هي هڪ بي وفا شهر آهي، جتي ماڻهن جو ڪال آهي. سائين حڪيم زنگيجو سنڌ جي ڪن شهرن لاءَ چوندو آهي ته اهي ڪوفي جا شهر آهن، جت مظلومن جي داد رسي لاءِ ڪوبه ناهي ايندو، گھڻا تڻا ٻين جي دانهن ڪوڪن کي ٻڌڻ بدران ڪنن ۾ چيچون وجھي منهن ٻئي پاسي ڪري رمندا رهندا آهن. هو سکر کي به انهن ۾ ڳڻائيندو آهي. منهنجا ڪيئي ڏسڻا واسڻا ڪليگ آهن، جن سان ڏهاڪن کان گڏ ڪم پيو ڪيان، مون ڪيئي قربانيون انهن جي لاءِ ڏنيون هونديون پر افسوس ته انهن مان چند محبوب دوستن کي ڇڏي باقي جيڪي مليا سي سڀ واپاري هيا نج پچ، اندران ٻاهران بي حس، خود غرض واپاري، پنهنجي ذات لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ. ها اهڙي شهر جي انهن گندگين وچ ۾ ڪنول گل جهڙو پاڪ، معصوم، بي ضرر ۽ دوستيءَ جي ناتي کي پنهنجو ايمان سمجھي نڀائيندڙ هادي بخش جو ملڻ ڪنهن معجزي کان گھٽ نه هيو. اسان جي دوستي جو ڪچو ڌاڳو ته کڻي سياسي راهن تي هلڻ واري ساڳي قافلي ۾ رهندي جڙيو هو پر اڳتي هلي ڪري اهو اهڙن سڀني مامرن کان مٿاهين سطح تائين پهچي ويو جنهن ڪري اسان جي ناتن ۾ جيڪا سڳند ڀري سرهاڻ آهي اها اڄ به سلامت آهي ۽ اميد ته اها تا حياتي قائم رهندي.


هادي بخش جي زندگيءَ جو مون مٿي رڳو هڪ پهلو بيان ڪيو آهي ته هُن ڪيئن نه جهد ڪري پنهنجي لاءِ هڪ عزت ڀريو مقام جوڙيو آهي پر حقيقت ۾ هادي بخش جي زندگيءَ جا ڪيئي انڊلٺي رنگ آهن جن کي ڪنهن هڪ اڌ مقالي ۾ سمائڻ ممڪن ئي ناهي. هادي بخش ڀٽ سکر جي پهرين صف ۾ ويٺل بهترين وڪيل آهي، هو هڪ ڪامياب سياستدان آهي، تمام سٺو مقرر، بهترين لکاري ۽ ترجمي نگار، سماجي ڪم ڪندڙ انسان آهي، سول سوسائٽيءَ جو پرچارڪ آهي. هو ڇا ڇا نه آهي؟ هڪ پوري انجمن آهي. بهتر ته ائين ٿيندو ته هادي پنهنجي زندگيءَ جي انهن لاهين چاڙهين تي پاڻ به قلم کڻي ته جيئن تاريخي حقيقتون هميشهه لاءِ تاريخ جو حصو بڻجي سگھن. 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو