Sunday, March 15, 2015

ڪامريڊ ڊائريءَ جو ڇوٿون ورق 23 جولاءِ 2002 پيرڊائيز هوٽل حيدرآباد، روم نمبر 82، ٽائيم رات جو هڪ



ڪامريڊ ڊائريءَ جو ڇوٿون ورق

23 جولاءِ 2002

پيرڊائيز هوٽل حيدرآباد، روم نمبر 82، ٽائيم رات جو هڪ

            واهه ڙي منهنجي قسمت

 ڪامريڊ، اڄ مون کي خيرپور پريس ڪلب آڏو ناري جي دوستن سان گڏ گئس ڪمپنين جي سنڌ دشمن روين خلاف هڙتال ڪرڻي هئي جنهن لاءِ هڪ ڏينهن اڳ جناب حڪيم زنگيجو سان گڏ ان علائقي جو دؤرو به ڪري آيا هياسين ۽ بک هڙتال جو پروگرام طئي ڪيو هوسين. پر صبح جو سويل ميرحسن پروفيسر نذير ڪلهوڙي جو نياپو پهچايو هو ته سنگت ڪراچي ٽوئر لاءِ تيار آهي ۽ آءُ به جلدي صبح جو سويل 6.30 تي سکر پهچان ۽ جنهن ويل اهو نياپو مون تائين پهتو هو ته صبح جا ست وڄي چڪا هيا. پر پوءِ به دل ٻڌي منهن تي پاڻي لپ هڻي، ڪپڙن جا ٻه جوڙا ميڙي کڻي الله توهار ڪئي هئم ۽ سکر ڏانهن ويگن ۾ ويندي ٺيڙهيءَ پهتو هوم ته  يونيورسٽيءَ جي بس اتي اچي ڪن ڪڍيا هيا ۽ مون ويگن جي جان ڇڏي بس جي سيٽ والاري هئي ۽ ائين ڪٿان جو ڪٿان پهچي ويو هوس.

            هن دفعي اونهاري جي وئڪيشن ۾ ڪڪڙ بڻيو پورا ٻه مهينا گھر ويٺو هوم ۽ سواءِ سکر پگھار وٺڻ جي ڪيڏانهن به وڃي نه سگھيو هوم، ان جو سبب اهو نه هو ته ڪا اها منهنجي دلي خواهش هئي، آءُ ته اندريان سائيبريا جي پکين وانگي سدائين سفر لاءِ پيو سوچيندو آهيان، ان جو سبب هو سڃائي، ڀرڙ ڀينگ سڃائي، ان ڪري پنهنجي ٻر ۾ لڪو ويٺو هوس.  پر جيئن ئي يارن جو نياپو پهتو هو ته بي حيائيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي گھر واريءَ کان هڪ هزار جو نوٽ وٺي (جيڪي پئسه هن ٻڪري وڪڻي گل بهار ۽ مجيب وارن جي داخلا لاءِ ٽاري رکي ڇڏيا هيا) نڪري پيو هوس. هن ٽوئر جو شيڊول ته اڃا واضع نموني نه مليو آهي پر يارن جو چوڻ آهي ته جھوڪ شريف جي صوفي، انقلابي ۽ دنيا جي پهرين سوشلسٽ شهيد شاهه عنايت جي قدم بوسي ڪبي، ڪينجهر ڪنارا پيسبا، مڪلي جي وسيع ميدان ۾ شهر خموشان ۾ ابدي آرامي جوانن سان ملبو، ڪراچيءَ جي سامونڊي هوائڻ جو هڳاءُ وٺبو ۽ پڻ لاهوت لامڪان جي زيارت ڪبي. هن سڄي شيڊول ۾ مون لاءِ ٻه وڌيڪ اتساهيندڙ جايون آهن؛ هڪ جھوڪ شريف ۽ ٻيو لاهوت لامڪان. گھڻي وقت کان وٺي منهنجي اها دلي تمنا هئي انهن ماڳن تي وڃجي ۽ قسمت هي موقعو وڏي سهولت سان پيدا ڪري ڏنو آهي. مولا تنهنجا لک شڪرانا
.
اڄ سڀ کان پهريائين شاهه پور جهانيان جي درٻار ۾ ٻين ساداتن سان گڏ مهدي سائين جي زيارت به ڪئي سين. خبر ناهي ته هي اهو ساڳيو مهدي سائين آهي ڪي ٻيو جنهن جو هڪ گيت ڪاليج ۾ سائين ارشاد منگي صاحب سان گڏ جھونگاريندو رهيو آهيان ته؛
”شل واڳ وارين اسان تي مولا پنهنجو ڪرم ڪر،
مولا پنهنجو ڪرم ڪر، اي مالڪ توبهه تو در“.

شاهه پور جهانيا بعد شهنشاهه لطيف جي قدم بوسي ڪئي سين، جت مير عبدالحسين سانگي ۽ علامه محمد بن دائود پوٽي جن جون قبرون به ڳولهي لڌيون سين، جن تي قلن جي گلن جي ورکا ڪئي سين. بعد ۾ خيبر ڀرسان  اڏيري لعل جي درگاهه تي وياسين جتي اسان جي ڪجھ پروفيسرن وڏي وات اهو ڳالهيون پئي ڪيون ته هي ڪنهن هندوءَ جو وٿاڻ آهي، جنهن تي درگاهه جي نوجوان متولي کي ڏاڍي چڙ پئي لڳي ۽ هن زور ڏئي اها ڳالهه رد ڪندي چيو پئي ته اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي هي فقير مسلمان هيا جڏهن ته سندن هندو مريد تمام گھڻا آهن. فقير جي قبر ڀرسان هڪ پاسي مسجد ته ٻئي پاسي مندر جڙيل آهي. ان جاءِ جي اڏاوت هڪ قلعي وانگر آهي جنهن ۾ اهي سڀ قبرون ۽ زيارتون آهن. اتي مختلف جاين تي ڪتبا لڳل هيا جن تي زيارتن ۽ شين جو تعارف لکيل هو. مثال طور تي هڪ کٻڙ جي وڻ لاءَ لکيل هو ته اهو اڏيري لعل جي ڪرامت سان ڦٽي نڪتو آهي. درگاهه جو واءُ سواءُ وٺي درگاهه ٻاهريان گرائونڊ ۾ نوجوانن جي ڪرڪيٽ راند ڏسي وري اچي بس ۾ ويٺاسين ۽ شام جو اچي حيدرآباد پهتاسين. حيدرآباد ۾ هوٽل جا ڪمرا وٺي گھمڻ جو پروگرام هيو پر اهو عمل ۾ اچي نه سگھيو بس ڦليلي جي ڪناري جڙيل هوٽل ۾ اڌ ڪچو ۽ اڌ پڪو ٻڪر جو گوشت ۽ ڏندن ۾ ٺڪاءُ ڪڍندڙ نان کائي هوٽل تي موٽيا آهيون.


هوٽل تي موٽڻ بعد بالٽيءَ ۾ ڀڄايل ڪپڙن کي نپوڙي سڪائڻ لاءِ رکي ننڊ لاءِ سوچيم پئي ته ڪامريڊ سوچيم ته ننڊ کا افضل توسان ڪچهري آهي ۽ ائين هي ٻي ٽي اکر پيو لکان. هونئن سوچون ته تمام گھڻيون آهن ته جيڪر اهي سڀ يادون اتاري من هلڪوڪيان. مثال طور سوچيم پئي ته جيڪر ڪجھ ڏوڪڙن جهڙي ڪا شيءِ جيب ۾ هجي ها ڳوٺ ڏي ڪنهن نه ڪنهن ڏي ٽيلفون کڙڪائي حالي احوالي ٿيان ها ۽ ٿي سگھي پئي ته حيدرآباد مان ڪا خريداري پڻ ڪيان ها. هونئن منهنجا سفر ائين سدائين ڦَڪڙن وارا رهيا آهن، اهڙي حالت هوندي سفر جو مزو ته ماڻيندو آهيان پر جيڪي مزا پئسن جي کيسي ۾ هئڻ ڪري حاصل ڪري سگھجن ٿا اهي وٺي نه سگھيو آهيان.اڄ ته حالت صفا جري آهي، گھران ورتل هزار روپيه ته مفتي نورحسن کي ڏيڻا پيا هيا خرچ لاءِ باقي وڃي محض ٽيهه روپيه جيب ۾ بچيا هيا. اها حالت پنهنجي روم پارٽنر ۽ يار مسٽر نذير ڪلهوڙي صاحب کي ٻڌايم سندس چوڻ هو ته سندس حالت به مون کان ڪا گھڻي سٺي ناهي، سندس چوڻ مطابق ڪي سؤ ٻه وٽس خرچ پکي لاءِ آهن ان ڪري اوڌر ڏيڻ کان لاچاري ڏيکاريائين. پر سائين عبدالجبار سولنگي صاحب خالي هٿ نه موٽايو هو، هن مون کي هڪ سؤ روپيه اڌارا ڏنا هيا جيڪي کيسي ۾ رکي پنهنجو پاڻ کي خوشحال بڻايون پيو گھمان.  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو