Tuesday, March 10, 2015

منهنجي ڪامريڊ ڊائري




 ڪجھ سال اڳ تائين ڊائري لکڻ منهنجو محبوب مشغلو هوندو هو. پنهنجي اندر جا احساس، مايوسيون، ناڪاميون، خوشيون، ڪاميابيون سڀ ڊائريءَ جي ورقن تي اتاري من هلڪو ڪندو هوس. هاڻي سوچيان پيو ته احساس ٿو ٿئي ته اهو منهنجي لاءِ انتهائي ڪارائتو وندر هيو، جنهن کي اپنائڻ ڪري تمام گھڻي تڪليفن هوندي به پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏئي مايوسين مان نڪري ايندو هوس ۽ زندگيءَ ۾ مليل للڪارن کي منهن ڏئي ويندو هوس. ڊائري نه لکان ها ته شايد منجھي مري وڃان ها يا مايوسين، نااميدين جي اونداهي راهن ۾ ڪٿي ڀٽڪي ڪنهن نه ڪم جو رهجي وڃان ها.  2002ع ۾ مون سنڌ بار ڪائونسل جي ڊائري هٿ ڪئي هئي ۽ ان جا پنا ڪارا ڪندو هوس. ان زماني ۾ مون پنهنجي ڊائريءَ جو نالو ”ڪامريڊ“ رکيو هوم ۽ ڪچهريءَ واري انداز ۾ کيس مخاطب ٿي لکندو هوس، بلڪل ان نموني جيئن انگريزي فلم ”Cast Away“ جو مک ڪردار هوائي جهاز جي ڪريش ٿيڻ بعد سمنڊ جي ڪنهن اڄاتل ٻيٽ تي چار سال گذارڻ وقت پنهنجي فوٽ بال سان مخاطب ٿيندو هو. اڄ پنهنجي ان ڪامريڊ ڊائريءَ مان هڪ ورق (هڪ ئي ساهيءَ ۾ لکيل احساس) اوهان سان ونڊي رهيو آهيان. اوهان جيڪڏهن منهنجي ان ڪاوش ته ڪو ڪمينٽ ڪندو ته مون کي خوشي ٿيندي.

09  اپريل 2002ع  ڏينهن اڱارو

”ڪامريڊ زندگي الائي ته ڇا آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ڪجھ نه ڪجھ سمجھبو آهي ته ’آءُ به ڪجھ آهيان‘ پر اڪثر ڪري پنهنجي بي وقعت هئڻ  وارو زهريلوخيال ڏنگيندو رهندو آهي. الائي ته ڇو جڏهن ڪو چڱو ماڻهون منهنجي سامهون ٻئي ڪنهن چڱي ماڻهونءَ کي جائز مان ۽ شان ڏيندو آهي ته منهنجي اندر ۾ جهڙوڪر ساڙ ۽ حسد ٿيڻ لڳندو آهي ته؛ ڀلا آءُ ايترو ڇو نه ٿو ڀانئيو وڃان! جڏهن ته سبب به ڄاڻا ٿو ته انهي عمل ۾ انهن ماڻهن جو ته ڪو قصور ئي ناهي، هو ته اهو ٺيڪ ٿا ڪن. پران هوندي به سوچيندو آهيان ته آءُ به ته انسان آهيان، ڪنهن چڱي انسان کان عزت لهڻا ٿو ها اها ڳالهه به ٺيڪ آهي ته اهڙي عزت ۽ توقير لاءِ ضروري آهي ته ماڻهون پنهنجو پاڻ ۾ پڻ اهي گھربل لياقتون، قابليتون ۽ گڻ پيدا ڪري پر افسوس ته پنهنجي طبيعت ۾ اهڙين سڀاويڪ گڻن جي پيدا ٿيڻ جا پري پري تائين ڪي به امڪان نظر ڪونه پيا اچن.

ڪامريڊ ڪجھ ماڻهن جي ملڻ لاءِ من ماندو آهي، پر افسوس ته ساڻن ڳچ عرصي کان ڪو رابطو نه ئي ملاقات ٿي آهي. دل ساڻن ملڻ لاءِ ڏاڍي اٻاڻڪي ٿي پيئي آهي، ڪاش اهي هينئر جو هينئر ملي وڃن ۽ روح رچنديون ڪريون ته ڪيڏو نه سڪون اچي! هونئن ڪامريڊ سڪون جي ڳولها ۾ گذريل ڏينهن (6 اپريل) تي جهانپور گھوٽڪي ۾ سائين انور شاهه جي ميڙي تي ويو هوم. اهو ڏاڍو وڻندڙ ڏينهن هيو، ٿڌڙي هوا گھُلي رهي هئي ۽ مينهن ڦڙا به وقفي وقفي سان وسي رهيا هيا. پني عاقل جي ڀرسان پنهنجي زمين ۾ سائي ٻني تي نماز پڙهندڙ هاري ڪيڏو نه پيارو لڳو هو ۽ پوءِ جڏهن ويگن پني عاقل جي اسٽينڊ تي ساهي پٽي هئي ته اتي مدرسي ۽ مسجد قادريه حزب اسلامي تي نظر پئي هئي ۽ ان کان اڳ روڊ سان ڪيئي مدرسا نظر آيا هيا. پني عاقل مدرسي ڀرسان ئي هڪ هوٽل تي عابده پروين جي مڌر آواز ۾ سچل سائينءَ جو عارفاڻو ڪلام ”مين يار دي گھڙولي ڀردي“  هلي رهيو هو. اهو ته ڄڻ انهن مدرسن جي ملن ۽ مولوين کي جواب هو ته اوهان وٽ مدرسا آهن، دولت آهي، وسيلا آهن، فتوائن جا هٿيار آهن ۽ الائي ته ڇا ڇا آهي جڏهن ته ٻئي پاسي ڪجھ ٻول آهن، ڪجھ قول آهن، عشق جا اُلا آهن، انسانذات سان محبت جا جذبا آهن ان ڪري عام ماڻهن ۾ جيڪا قبوليت انهن فقيراڻن ٻولن کي آهي ان جو مقابلو اوهان ڪري نه ٿا سگھو. فرق صرف اهو آهي ته هڪ ڌر جو بنياد نفرت تي پيل آهي جڏهن ته ٻئي پاسي محبت جي مٺاس آهي ته ضرور ماڻهون محبت جو طرف کڻندا.

۽ پوءِ جڏهن ميلي ۾ پهتا هياسين ته ان ڏينهن ميلي جي آخري ڌمال هئي جڏهن ته تيز برسات ڪم صفا ڦٽائي ڇڏيو هو. فقير نذير، فقير غلام نبي ميراڻي ۽ نورمحمد ملڪ سان گڏجي ميلي ۾ زائرين لاءِ جڙيل لنگر کائڻ بعد چانهه جي سبيل به ڪئي هئي سين. فقير نذير وارن جو مرشد حضور بخش عرف حضورڻ سائين هڪ ڇپري ۾ پنهنجي مخصوص کٽ تي ويٺي پنهنجي ٽيپ رڪارڊر مان هندستان جي ڪنهن وڏي گوئي جو ڪلاسيڪل ڪلام پئي ٻڌو ۽  سائيجن ان جي ٻولن تي جھومي رهيا هيا ۽ هيٺ ويٺل ڪجھ ماڻهن ڏانهن نهاري گوئي کي داد ڏئي رهيا هيا. ٿوري وقت کان پوءِ ڏٺم ته سندس هٿ ۾ شراب جي شيشي هئي ان مان پاڻ به سرور پئي ورتائون ته هيٺ ويٺل ڪجھ هندو عقيدت مندن کي پڻ جام ڀري پئي پياريائون. سندس سيرانديءَ کان هڪ عدد سهڻو ڇوڪرو بيٺو هو ۽ پوءِ هڪ جام ٺاهي کيس به پياريو هيائين ۽ ان محفل هلندي هڪ ٻيو نوجوان ڇوڪرو  سندس ڀرسان آيو هو ته کيس ڳراٽڙيون پائي چميون پئي ورتائين ۽ باقي ماڻهون بشمول منهنجي هيٺ سندس سامهون خاموش ويٺا هياسين. مون ڏٺو پئي ته هيٺ ويٺل جهڙوڪر ڪجھ ڳولهي رهيا هجن، خبر ناهي کين ڪجھ مليو يا نه؟!
ٻاهريون ڪو آيو پئي ته سندس پيرن چمڻ کان سواءِ نه پئي ويو.

برسات وقفي وقفي سان ڪڙڪاٽ ڪندي وسي رهي هئي ان سان گڏ گھلندڙ تيز هوا ڪري ٿڌ تمام گھڻي وڌي ويئي هئي. ميلي ۾ پراڻو ڪامريڊ دوست ڊاڪٽر ڀيمن به گڏيو هو. سندس گول مٽول چهري ڪري کيس چيني ڪري سڏيندا هياسين. کيس به سوم رس جو واس ورتل پئي لڳو جو سندس چنجھيون اکيون وڌيڪ چنجھيون ٿي ويون هيون.

اتي مون هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي ته فقيرن وٽ منافقي ناهي، جي شراب ٿا پيئن ته سڀني جي سامهون، جيڪڏهن مرشد سهڻي ڇوڪري کان چميون پئي ورتيون ته اهي به کلم کلا، جڏهن ته زاهد سڏائيندڙ به اهو ڪم ڪندا آهن پر جڳ کان لڪي ڪري.  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو