Saturday, March 21, 2015

ڪامريڊ ڊائريءَ جو ڇهون ورق


ڪامريڊ ڊائريءَ جو ڇهون ورق

01 اگسٽ 2002

ڪامريڊ اڄ پهرين تاريخ آهي، سڀاڻي پگھار ملڻ جي اميد آهي. ان لاءِ اڳواٽ ئي قرض جو وچور ڪالهه واري تاريخ م لکي ڇڏيو هوم. ڳچ سالن کان قرض ڪنهن ڄؤر جيان چنبڙيا پيا آهن. جيئن ٿڌ تيئن وڌ وانگر انهن ۾ وقت گذرڻ سان واڌ ئي ٿي آهي جڏهن ته انهن جي خاتمي جي ڪا حتمي تاريخ نه ٿي سُجھي. ڪي معاملا ته ڏاڍا ڏکيا ٿي پيا آهن ۽ انهن جي حل جو ڪو معقول رستو ته جهڙوڪر نظر ئي ڪونه پيو اچي. مثال طور ڇوڪرين جي تعليم آهي. خيرپور يا سکر ۾ جاءِ وٺي رهان به سهي ته پوءِ ڀلا ابي امان جو ڇا ٿيندو؟ اهي مون سان گڏ رهڻ لاءِ گھٽ تيار ٿيندا ۽ پوئتي سندن خيال رکڻ وارو به ڪو ڪونه رهندو! ٻيو ته ٺهيو کين مکيل ماني ملڻ جي اميد به گھٽ رهندي، جڏهن ته کين حياتيءَ جي ان ڏاڪي تي ائين بي يار و مددگار ڇڏڻ ڪميڻائپ وارو ڪم ليکبو. پر جيڪڏهن ڳوٺ وارو گھر نه ٿو ڇڏيان ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم ۽ تربيت وارو کنيل ڪم بنهه اونڌو ٿي پوندو ۽ منهنجي سالن جي محنت لڙهي ويندي ۽ منهنجي خاندان جو مستقبل جهڙوڪر انداهو ٿي پوندو. هنوقت وقت جي تقاضا آهي ته ڳوٺ جي ماڻهون مار ماحول مان جيترو جلدي ڇوٽڪارو ملي اوترو ئي چڱو آهي.

جاءِ لاءِ اڄ سائين لعل محمد  سولنگي صاحب (پرنسپل ڪاليج) سان ڪچهري ڪئي هئي سين. ڪچهري ۾ مسٽر نذير ڪلهوڙو پڻ ساڻ هيو. کيس ساڳي پراڻي اپيل ڪئي سين ته ڪواٽر جي عنايت ڪري. سائين جن ٻڌايو ته مرحوم بشير صاحب جو ڪواٽر ته مسٽر ارشاد منگي صاحب کي ڏنو پيو وڃي  جڏهن ته ان جو ڪواٽر مون کي وٺي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو، جڏهن ته اهو هنوقت زبون حالت ۾ آهي جنهن جي مرمت انتهائي ضروري آهي. سو هاري کان پيتو چڱو جي مصداق مون به کڻي ها ڪئي ته ڀلا اهوئي سهي ڪجھ ته ملي! ڏسون ته اهو ڪم ٿئي ٿو يانه؟ پر الائي ڇو دل ٿي چوي ته اهوڪم ٿيندو. هونئن به منهنجا ڪم وڃي آخر ۾ ٿيندا آهن. جيئن ٻڌان پيو ته پروموشن ۾ به آخري نالو منهنجو آهي. بهرحال اها به خوشيءَ جي ڳالهه  آهي ته نالو ته آهي. سو اميد اها آهي ته کڻي دير سان ئي سهي پر مولا ڪندو ته ڪم ٿي ويندو.

اڄ ڪاليج کلي آهي ۽ فقير نذير چواڻي ته پاڻ کڻائي اچي پهتا آهيون ۽ هي ٻه اکر به ڪاليج جي لئبرري ۾ ويٺو لکان.
گذريل مهيني جي 30 تاريخ  (30-07-2002) تي سچل آڊيٽوريم ۾ هڪ NGO طرفان سياست ۾ عورت جي ڪردار متعلق ڪرايل سيمينار ۾ هڪ عدد دونهي دار تقرير ڪئي هئم ۽ سياسي پارٽين جي بي وفائين، دغابازين ۽ حرفتن کي وائکو ڪيو هوم. ان لاءِ سوچيو هوم ته اهي جڏهن ڪجھ ڏين نه ٿا، عوام سان به سچا ناهن ته پوءِ سندن درگت اهڙين پروگرامن ۾ ڇونه ڪجي. بس اهو سوچي هڪ عدد جذباتي تقرير ٿي ويئي هئي. دوستن به ان کي ڏاڍو ساراهيو هو ۽ سمجھان ٿو ته بس اهي محض ساراهيندا ۽ پٺيءَ تي هٿ رکي واهه واهه ڪندا پر جڏهن به ڪو ڪم ڪار کين مليو يا ملڻ جي اميد ٿي ته ان ويل کين ياد به نه هونداسين. پر پوءِ به دل ۾ سوچون اهي هيون ته هنن يارن جي ونگار به وهي ٿا ڇڏيون ان ۾ ڪهڙو حرج آهي. هونئن به سڄي ڄمار ونگارون ئي ته وهندو رهيو آهيان. 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو