Wednesday, March 18, 2015

ڪامريڊ ڊائريءَ جو پنجون ورق


ڪامريڊ ڊائريءَ جو پنجون ورق

24 جولاءِ 2002 وقت 12.30 منجھند

اڄ پاڻ کي خوشنصيب ٿو ڀانيان ته سنڌ جي عظيم انقلابي بزرگ هستيءَ شاهه عنايت شهيد جي قدم گاهه تي ويهي هي ٻه اکر پيو لکان جنهن هن ڌرتيءَ تي مظلوم هارين جي حڪومت کي عملي نموني رائج ڪيو هو جڏهن اڃا ڪارل مارڪس ۽ اينجلس (هن ڌرتيءَ تي انساني برابريءَ واري نظام ڪميونزم ۽ سوشلزم جي نظرئي جا موجد) پيدا ئي ڪونه ٿيا هيا. هو صوفي هو، امن جو پانڌيئڙو، عام ماڻهن ۾ سک ۽ چين جو خواهشمند، سندس دلي آرزو هئي ته سنڌ جا صدين کان ستايل مسڪين مارو ماڻهون جلاد صفت وڏيرن جي خوني چنبن مان آزادي حاصل ڪن ۽ اهو ڪم هُن عملي طرح ڪري ڏيکاريو هو. پر افسوس ته هِن عظيم انسان کي قرآن شريف وچ تي آڻي ڌوڪو ڏئي شهيد ڪيو ويو هو ۽ ائين سنڌ اندر مظلوم هارين ۽ مذدورن جي حڪمراني وارو خواب اڃا تائين ساڀيان ٿي نه سگھيو آهي. انوقت جي ظالم انسانن اهو جيڪو ڪڌو ڪم ڪيو هو ته هرزماني ۾ ماڻهون مٿن لعنتون ٿا ڪن ۽ جڏهن ته هي اسان جو شهزادو (شاهه عنايت شهيد) ڪروڙن ماڻهن جي دلين ۾ ڌڙڪڻ جيان موجود آهي ۽ رهندو. ڪاش اڄ جا صوفي جيڪي ڀنگ، چرس، راڳ رنگ جي ڌنڌلي دنيا ۾ گم ٿي ويا آهن اهي هن عظيم هستيءَ جي ڏنل واٽ کي سمجھي  هن ڌرتيءَ تي سک وارو سماج قائم ڪن...سنڌ جا عظيم انسان توکي مون مسڪين جو سلام هجي.

25 جولاءِ 2002
ڪامريڊ رات ڪينجهر ڪناري هٽن ۾ رهيل هياسين. ڪالهه جيڪا هلا گلا ڪئي سين ان جو احوال خط جي صورت ۾ لکيو اٿم. سائين شاهنواز راڄپر کي خط لکندي ڪيڏو نه مزو پئي آيو، دل چاهيو پئي ته بس لکندو رهان لکندو رهان پر انوقت يار ناشتي لاءِ پهچي ويا هيا ۽ انهن جي سامهون ڪجهه لکڻ پنهنجي وس ۾ ناهي هوندو. رات به ننڊ اڌوري رهي، صبح کان وٺي فوڊ پوائزن جي حالت کي محسوس ڪندي ناشتي، مانجهاندي ۽ چاءِ پيئڻ کان پرهيز ڪندو پيو اچان.

27 جولاءِ 2002
ڪامريڊ تنهنجي درٻار ۾ حاضر آهيان.
هن وقت صبح جا ڏهه کن ٿيا آهن، تڙ، شيو ڪرڻ بعد ايميسيڊر هوٽل صدر ڪراچي جي ڪمري نمبر 288 جي بالڪونيءَ ۾اچي ويٺو آهيان. جبار ۽ نذير ڪلهوڙو صاحب به تيارين ۾ آهن، جڏهن ته ايوب مري ۽ خالق جتوئي هيٺ پٺاڻ جي هوٽل تي ويٺا آهن.

ڪالهه جيئي شاهه نوراني ۽ لاهوت لامڪان جو ڏاڍو اتساهيندرسفر ڪري آيا هياسين. اتي باقي ته سڀ ڪجھ ٻين پيرن جهڙو روائتي ماحول هيو پر جيڪا قدرتي خوبصورتي هئي، جبلن جي بيهڪ هئي ان ڏاڍو موهيو هو. ديو هيڪل جبل جيڪي ناز سان ڪنڌ کي اوچو ڪيون بيٺا آهن ۽ قدرتي طرح منجھن جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿي آهي اها به جيئن جو تيئن ڏسڻ ۾ آئي، اڀيون ڇڙهايون، ترڪڻا ڀٿر ۽ لاهوت لامڪان ۾ اونداهو حرامي حلالي وارو غار اورانگھڻ وارا مرحلا ٿڪائيندڙ به هيا ته موهيندڙ پڻ. سائين لعل محمد سولنگي ۽ سائين نوراحمد کهڙو صاحب آخري منزل تائين هلي نه سگھيا هيا باقي سمورا يار پورو ماڳ ڏسي آيا هياسين.

ڪامريڊ اڄ کان پوءِ پاڻ لاهوتي به ٿي ويا آهيون. ڪهڙي خبر ته وري حاجي ۽ زوار به سڏجون، انهن عظيم هستين جي چانئٺ چمي اچون ۽ ڪهڙي خبر ته زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو موڙ به اچي جو سئزرلينڊ جي حسين وادين، فرانس جي دل پئرس جي شانزا ليزا ۽ لنڊن جي ٽيمس نديءَ سان گڏ آمريڪا جي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتن جو واءُ سواءُ به وٺي اچان. اهڙو شل ڪو ڀاڳ ڦاٽي پوي ته پبلو پڪاسا ۽ مائيڪل اينجلو جا شاهڪار به اکين سان ڏسان ۽ اسپين جي بل فائٽنگ به ڏسڻ سان گڏ اتي مسلمانن جي آخري نشاني مسجد قرطبه جو ديدار به ڪري سگھان. خبر ناهي مستقبل ۾ ڇا آهي؟ اڃا ته محض ارمان ئي آهن جڏهن ته واڳ ڌڻيءَ جي وس آهي. هنن موڪلن ۾ اهو ته تصور به نه هو ته ڪو گھر کان ٻاهر نڪري به سگھندس. هن ٽوئر جو فيصلو به جهڙوڪر سيڪنڊن ۾ ڪيو هوم ۽ انهن ساعتن ۾ ڪيل ان فيصلي ڪري ڪيڏو نه آنند ورتو اٿم! سڄي سنڌ جي درگاهن سان گڏ بلوچستان جي جابلو ڀڙڀانگ علائقن ۾ پاڻي ڦڙي لاءِ واجهائيندڙ سڪل وڻن جي ٽارين کي ڏسڻ جو موقعو به حاصل ڪيو اٿم.

چوندا آهن ته جيڪڏهن ڪنهن کي پرکڻو هجي ته ان سان گڏ سفر ڪجي يا جيل گڏجي ڪاٽجي. ان نموني ڪاٿو پئجي ويندو آهي ته يار ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. منهنجا ڪي تمام ويجها، سٺا ۽ پرين پيارا دوست آهن جن جو مان دل سان قدر ڪندو آهيان ۽ آئندهه به ڪندو رهندس، هن ٽوئر ۾ کين پرکڻ جو پڻ موقعو ملي ويو آهي. جيئن ته مان تڪڙ ڪري گھران ڪپڙن جو ٿيلهو آڻي نه سگھيو هوم ۽ ٻه جوڙا پنهنجي هڪ دوست جي ٿيلهي ۾ رکيا هئم ته يار مون کي اڻ سڌي طرح اهو باور ڪرايو هو ته هاڻي ان عيوض مان سندس ٿيلهو کنيو هلان. نيٺ هڪ جاءِ ته ان جو اظهار ڪري منهنجا ڪپڙا ڪڍي اڇلي ڏنائين.

بس ۾ هلندي ڀوڳن ٺڪائن لاءِ سائين نذير ڪلهوڙي کي چاچو خدابخش خاصخيلي جو ملي ويو آهي ته سندس ڄڻ عيد ٿي ويئي آهي ۽ چاچي کي رت رئاريو اٿس. خاصخيلي صاحب کي جيڪر هٿ ۾ ڪو هٿيار هجي ته نذير تي هلائيندي ويرم ئي نه ڪري. بهرحال ڊگھن سفرن ۾ (اخلاق جي دائري اندر) ڀوڳ ٺڪائن، چهچٽن، راڳ رهاڻ، پتي راند ڪري سفر جي ڊيگهه ۽ ٿڪاوٽ کان توجهه هٽائي سگھبو آهي.
29 جولاءِ 2002
هاءِ ڪامريڊ
             ڪالهه ڳوٺ پهتاسين، دل ۾ خيال هو ته خوب آرام ڪبو پر اهو ارمان ان ڪري پورو نه ٿيو جو رات جو مڇر جام هيا جڏهن ته هوا به بنهه هلڪي هئي.  ڳوٺ جي بجليءَ وارو ٽرنسفارمر لڳ ڀڳ مهيني کان سڙيو پيو آهي. ٽرانسفارمر جي بحاليءَ لاءِ استاد مختيار وٽ چندو ته ڪڏهڪو جمع ڪرائي ڇڏيو هوسين پر خبر ناهي پوءِ به الائي ڇو اهو مسئلو اڃا تائين حل ٿي نه سگھيو آهي. صبح جو عبدالرشيد وارن جي اوطاق تي آرام ڪرڻ جي نيت سان ويو هوم پر افسوس ته سندن بجلي پڻ ڪاٽا ٿيل هئي. هنوقت سٺئي جي پل تي ويٺو آهيان پر سڪون هتي به ڪونهي.

ڪالهه اسان جي ٽرپ جيڪا پوري ٿي ان ۾ اسان ڪل سترهن ڄڻا هياسين جن ۾ پندرهن پروفيسر جڏهن ته هڪ عدد ڊرائيور سان گڏ هڪ عدد ڪيلنڊر به شامل هو. پروفيسر صاحبان ۾ لعل محمد سولنگي، نوراحمد کهڙو، ايوب مري، عبدالرحمان کهڙو، عبدالجبار سولنگي، عبدالخالق جتوئي، مشتاق ڦلپوٽو، خدابخش خاصخيلي، نذير ڪلهوڙو، مفتي نورحسن، راج ڪمار، شفقت جوکيو، ذالفقارسومرو، عبدالقادر چاچڙ ۽ راقم الحروف شامل هياسين. اسان جو اهو سفر 22 جولاءِ 2002 صبح جو سويل شروع ٿيو هو ۽ ان جي پڄاڻي ڪالهه يعني 28 جولاءِ 2002 صبح جو يارهين وڳي ٿي هئي.

شاهه پور جهانيان، مهدي سرڪار، اڏيري لعل جي درٻار، ڀٽ ڌڻي لطيف سائين سان گڏ شيخ اياز جي ابدي آرام گاهه، شاهه عنايت شهيد، شاهه ڪريم بلڙي وارو سان گڏ ڪينجهر، ٺٽي جي بادشاهي مسجد، مڪلي جو قبرستان، عبدالله شاهه اصحابي جي درگاهه، سي ويو، شاهه احمد نوراني، لاهوت لامڪان کان موٽندي همدرد يونيورسٽيءَ جو دؤرو ڪرڻ سان گڏ منگھو پير تي پاليل واڳوئن سان پڻ مکاميل ٿيا هياسين. واپسي واري سفر وقت ڄامشوري جي دل بهار هوائن ۾ چاءَ جو چسڪو وٺي سڌو سن جي سائين جي درٻار ۾ حاضري ڀري هئي سين ۽ بعد ۾ قلندر شهباز جي درٻار ۾ دعا جا هٿ کڻي واپس پنهنجي ماڳ اچي رسيا هياسين. 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو