Wednesday, September 30, 2020

 12 آڪٽوبر 2017ع جي ڏينهن تي شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ جي سينيٽ ۽ اڪيڊيمڪ ڪائونسل لاءِ اليڪشن ٿيندي جنهن ۾ يونيورسٽي سان گڏ ڪاليج سائيڊ جي ليڪڇررس ۽ پرنسپلس لاءِ پڻ ڪي جايون مخصوص ٿيل آهن.

مان گھڻي ڊيگهه کان پاسو ڪندي بس اهو لکندس ته اسان جي عزت وارن پروفيسرن ۽ پرنسپل صاحبان کي گھرجي ته پنهنجو قيمتي ووٽ سوچي سمجھي ڏين. هونئن اڪثر ڪري اسان جا دوست سوچڻ سمجھڻ بدران پنهنجو قيمتي ووٽ ڪن اڳواڻن جي آشيرواد تي اڇلي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ اسان جا اهي چونڊيل نمائندا اتي ڪوبه ٻوٽو ٻاري نه سگھندا آهن، جنهن ڪري ڪنهن به قسم جي مثبت تبديلي ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي ۽ اسان مان اڪثر دوست پوءِ اهو روئڻو پيا روئندا آهن  ته يونيورسٽي انتظاميه جو اسان جي ڪاليج سائيڊ جي دوستن سان  رويو انصاف ڀريو ناهي. 

مون اڳ به اها ڳالهه لکي هئي ۽ مون اها ڳالهه پنهنجي پرين پيارن دوستن سان روبرو به ڪئي هئي ته دوستو ڏيو خبر هي جيڪي اوهان اڪيڊيمڪ ڪائونسل ۽ سينيٽ ۾ جن دوستن کي ووٽ ڏياريندا آهيو ته انهن جي چونڊ لاءِ اوهان ڪي معيار به مقرر ڪندا آهيو يا نه؟ منهنجي پرين پياري جو اهو چوڻ هو ته ڪوبه معيار ناهي هوندو اسين جنهن کي وڻون ان کي چونڊرائيندا آهيون. ان جو ٻيو مطلب ته اڪيڊيمڪ ڪائونسل ۾ چونڊيل نمائندا ڀلي ته ڪريڪيولم جي الف بي کان به واقف نه هجن، کين نصاب، انهن جي اهميت، انهن ۾ واڌارن ۽ سڌارن جي ڀلي سڌ نه هجي پر اهي جيئن ته ڪن اڳواڻ دوستن به قابل قبول آهن ان ڪري کين چونڊرائبو رهيو آهي. ان کان سواءِ هو جيڪو اعلى ترين ادارو سينيٽ آهي ان ۾ پڻ جيڪڏهن اسان جا نمائندا اکيون ٻوٽي ويٺل هوندا ۽ ڪنهن به قسم جي جائز مطالبي کي پيش ڪرڻ ۽ مڃرائڻ جي قابل نه هوندا ته پوءِ اهو ئي حشر ٿيندو جيڪو اسان اکئين ڏسون پيا.

تازو سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ سکر ريجن جي ڪاليج پرنسپلس جو جيڪو اجلاس ٿيو هو ته اهو اسان جي اڳواڻن پاران يونيورسٽي انتظاميه معاملن کي ڊيل نه ڪري سگھڻ ۽ پنهنجي ناڪامي جو کليل اظهار هو. اسان جي اڳواڻن اسان کي اهو ٻڌايو هو ته يونيورسٽي جي چار ارب بجيٽ مان ٻه ارب ڪاليج سائيڊ ڏئي پئي (مون کي انهن انگن اکرن جي صحت جي ڪا خبر چار ناهي ته صحيح آهن يا غلط پر جيئين ته اهي لفظ سکر ريجن جي سپلا جي صدر صاحب جا هيا ان ڪري انهن کي غلط به نه ٿو چئي سگھجي) پر افسوس ته ايڏي وڏي ڪنريبيوشن کان پوءِ به اسان کي ملي ڇا ٿو؟ 

اسان جي اڳواڻن عزت واري وي سي صاحبه سان ٿيل سندن ميٽنگس جي منٽس جا حوالا به ڏنا پر انهن منٽس تي عمل نه ٿيو ته اها غير تسلي بخش ڪارڪردگي ڪنهن جي کاتي ۾ وجھجھي؟ رڳو يونيورسٽي انتظاميه جي يا ان ۾ اسان جي تنظيم جي سينٽ ۾ چونڊيل نمائندن جو به ڪو قصور آهي؟

هاڻي جڏهن هڪ دفعو وري اهو عمل ٿي رهيو آهي ته مون کي انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي تنظيم سپلا (جيڪا اقتدار ۾ آهي) انهن دوستن ڪي ماڻهون (جن کي مان ذاتي طرح سڃاڻا) ته اهڙا نامينيٽ ڪيا آهن جن جو تعلق نه ته تعليم سان نه وري تعليمي سڌاري سان آهي...افسوس صد افسوس

جيئن ته جيڪي اڪيڊيمڪ ڪائونسل ۽ سينيٽ لاءِ نامينيٽ ڪيل (ٻنهي گروپن) اڪثر دوستن متعلق مون کي ڪا خاص ڄاڻ ناهي ان ڪري انهن لاءِ ته مان ڪجھ چوڻ يا لکڻ جهڙو ناهيان پر ڊاڪٽر پروفيسر عبدالقادر چاچڙ صاحب پرنسپل گورنمنٽ ڊگري ڪاليج گھُوٽڪي هڪ انتهائي اهل اميدوار آهي. هي مان ان ڪري نه ٿو لکان ته ڊاڪٽر صاحب منهنجو دوست آهي (دوست ته سڀئي آهن) يا مان هِن يا هُن گروپ جي نمائندگي ٿو ڪريان پر هي ڳالهه مان ميرٽ کي سامهون رکي لکي آهيئ

چاچڙ صاحب پي ايڇ ڊي هولڊر آهن

چاچڙ صاحب سمنڊ جي تري ۾ ٻڏندڙ ڪاليج کي آسمان جي بلندين تي اچي پهچايو آهي

ڊاڪٽر صاحب وٽ اها جرئت آهي ته ڪنهن جي به اڳيان ۽ ڪنهن کي به بنا هٻڪ ۽ ڊپ ڊاءَ جي سچ چئي ڏي

ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ هڪ بهترين ليکڪ پڻ آهن

اهي سنڌي جريدي شريعت جا ايڊيٽر پڻ آهن

انتهائي ملنسار ۽ قرباني جي جذبي سان ٽمٽار آهن 

ان ڪري مان تعليم دوست، سپلا دوست، ادارن جي بحالي جو درد رکندڙ پرنسپل دوستن کي گذارش ڪندس ته اوهان پنهنجو هڪ قيمتي ووٽ ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ کي ضرور ڏجو باقي جنهن کي  به مناسب سمجھو ڏئي ڇڏجو.

اميرگل ڪٽوهر 

پرنسپل 

گورنمنٽ ڄام ممتاز حسين ڏهر ڊگري ڪاليج اوٻاوڙو

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو