Thursday, September 24, 2020

 ڪراچي ڊائري قسط ٻي...

جڏهن فريئر هال ۽ لئبرري وٽ پهتو هوم ته اڃا اتي جي حساب سان سويل ڀرو هيو، لئبرري جي باغيچي ۾ هر بئنچ تي ڪونه ڪو بي گھر آهليو پيو هو، پاسي ۾ ٻار فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ راند سان گڏ ڦوٽوگرافي ڪري رهيا هيا. هن لئبرري جي صحن ۾ پڻ آچر ڏينهن پراڻن ڪتابن جي نمائش لڳندي آهي ان لاءِ ٽينٽ ته لڳائي ويئي هئي ۽ ڪاٺ جون ميزون مزدائن تان لهي رهيون هيون پر اڃا انهن مٿان ڪتاب سجايا ڪونه ويا هيا. انوقت منهنجي سامهون ڪو خدا جو بندو باغيچي ۾ رهندڙ ڪبوترن، ڪانون، ڪٻرين، جھرڪين جي خاندانن کي داڻو ڏيئي رهيو هو. هي ڪراچي به عجيب آهي جتي ماڻهو پکين کي داڻو پاڻو ڏيندا آهن پر ساڳيو داڻو پاڻي انسانن کان کسي وٺندا آهن.

هن خوبصورت، تاريخي عمارت اندر ته مان ڪڏهن به ناهيان ويو پر ان لئبرريءَ جي باغيچي سان منهنجون ڪيئي يادون جڙيل آهن. ڪو وقت هو ته هن لئبرري جي بلڪل سامهون آمريڪن ڪائونسل وارن جي آفيس هوندي هئي جيڪا ميريئٽ هوٽل سان لڳ هئي ۽ انهن جي بلڪل پوئين پاسي وزيراعلى هائوس جڙيل آهي مظبوط حفاظتي اپائن خاطر اهو آمريڪن ڪائونسل خانو هاڻي مائي ڪولاچي روڊ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. هي انوقت جي ڳالهه آهي جڏهن اها آمريڪن ايمبيسي اتي ئي هئي ۽ ان جي دروازي تي وڏو دهشت گرد حملو ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪيئي فرانسيسي مارجي ويا هيا. انوقت اها لئبرري ۽ اهو باغيچو عام ماڻهن لاءِ بند ڪيو ويو هيو ته جيئن آمريڪي ڪائونسل خاني تي ڪو ٻيو دهشت گرد حملو نه ٿي سگھي پر انوقت اسان کي ان مامري جي خبر نه هئي ۽ جيئن اڄوڪي ڏينهن تي اٺ بي مهار وانگر لڏندو لمندو هت پهتو آهيان ان دئور ۾ پڻ پنهنجي پياري دوست عزير سومري سان گڏ ساڳي نموني ۽ ساڳي روٽ سان پنڌ ڪندي ان باغيچي ۾ پهچي ڦوٽوگرافي جي شروعات ئي مس ڪئي هئم ۽ مون ان لئبرري جي هڪ تصوير ئي مس ورتي هئي ته هيڪڙ ٻيڪڙ بئنچن تي ويٺل ماڻهن مان هڪ اتان اٿي اچي اسان سان مليو هو. هن اسان کي پنهنجو تعارف ڪرائڻ لاءِ چيو ۽ جواب ۾ مون کيس ٻڌايو هو ته مان ڪاليج ۾ پروفيسر آهيان جنهن تي هن چيو هو ته “مجھے یقین ہے کہ آپ شریف شہری ہیں، یہ ایریا  عام  لوگوں کے لئے بند کیا گیا ہے،  تو آپ کی حفاظت کے لئے ضروی ہے کہ آپ جلد سے جلد یہاں سے  چلے جائیں، یہ   جو آپ دیکھ رہے ہیں لوگ بیٹھے ہوئے ہیں سب کسی نہ کسی ایجنسی کے لوگ ہیں، آپ کے پکچر لینے سے پہلے آپ کی دس پکچرس نکل  چکی ہوں گی” سندس اهڙي خوفناڪ منظر ڪشي بعد اسان جو ساهه صفا سڪي ويو هو ۽ مون کيس چيو هو ته “اسان مان هٿ ڪڍ ۽ پوءِ اسان جو ڀڄڻ ڏس” ، هو جيڪو ضيا هيو نه ان دنيا جهان جا ڏچا اسان ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ سرڪڻ ڦاهي جيان ڦٽ ڪري ڇڏيا هيا. هو پاڻ ته آسمان جي وسعتن ۾ باهه ۾ جلي ڪوئلو ٿي ويو هو پر اسان ماڻهن لاءِ سندس ٻاريل باهه اڳ جيان اڄ به ٻري رهي آهي ۽ ان جي تپش ان ڏينهن پڻ اسان باغيچي ۾ محسوس ڪئي هئي، ان کان اڳ جو اسان ان باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي وڃو ها بنا دير اتان پنهنجا پير ڊاهي اچي زينب مارڪيٽ جي گارمينٽس جي دڪانن تان ونڊو شاپنگ ڪرڻ لڳا هياسين. شڪر آهي رب جو هاڻي هي لئبرري ۽ باغيچو عام ماڻهن جي لاءِ کليل آهي جتي زندگيءَ جا سمورا رنگ پنهنجي پوري رعنائين سان ظاهر ٿيندا آهن. هتي جوان، پڪا پوڙها، جوڙا هر قسم جا ماڻهو اچي آسيس وٺندا آهن. هڪ خوبصورت عمارت، ناياب وڻن جون ٿڌڙيون ڇائون، ڦوهارا هجن ته انسان ته انسان پکي به اچي اتي سڪون حاصل ڪندا آهن. جت ڪتاب هجن، گل هجن، سهڻا انسان ۽ پکي هجن ته ڌرتيءَ تي ان کان وڌيڪ جنت ڪهڙي هوندي!

هڪ ٻئي دفعي جي ڳالهه آهي اهو به آچر جو ڏينهن هيو. مون اها رٿا جوڙي هئي فريئر هال واري پراڻن ڪتابن جي نمائش کي ڏسي پوءِ صدر واري بازار ۾ ويندس سو جڏهن ڪلاڪ ڏيڍ ڪتابن جي جانچ جونچ مان واندو ٿيس ته باغيچي کي گھمڻ ۾ لڳي ويس. اتي ڀرسان ئي آرٽسٽيڪل انداز سان خوبصورت پاڻيءِ جا ڦوهارا لڳل هيا جن ۾ ننڍڙا ننڍڙ بت جوڙيل هيا اهي ڏسي رهيو هوس ته اتي ئي هڪ جينز پاتل نوجوان به ساڳين شين کي ڏسي رهيو هو ته ان سان عليڪ سليڪ ٿيڻ بعد تعارف ٿيو. هن ٻڌايو ته هو شاگرد آهي ۽ ڪٿي ڪو ڪم ڪار به ڪري پيو، مون کيس ٻڌايو ته مان پروفيسر آهيان. هو مون سان وڏي احترام سان پيش آيو ۽ مون کان منهنجي عمر ۽ صحت جي ڇڱ ڀلائيءَ متعلق سوال ڪري رهيو هو. اسان ۾ هڪ قسم جي واقفيت ٿي ويئي، سندس خواهش تي مان کيس پنهنجو موبائيل جو نمبر ڏنو ۽ هن منهنجي نمبر تي ڪال ڪئي ته مان به سندس نالو سيو ڪري ڇڏيو هو. مون کان بعد ۾ هُن پڇيو ته هاڻي اوهان ڪيڏانهن ويندا مون کيس چيو ته مان هاڻي صدر جي پراڻن ڪتابن واري بازار ويندس ته هن مون کي چيو ته هو به ان پاسي ويندو جيڪڏهن مان چاهيان ته ساڻس گڏ هلي سگھان ٿو. مون کي ڀلا وري ڪهڙو اعتراض ٿي سگھيو پئي سو سندس موٽر سائيڪل تي ويهي رهيس. مون کي اهو محسوس ٿيو ته هو ٿورو پوئتي کسڪي آيو هو مان اڃا ٿورو پوئتي هليو ويس ته هو وري به پوئتي سرڪي آيو ۽ وضاحت ڪيائين ته سندس موٽر سائيڪل جي سيٽ ٿوري ٽيڙي آهي ان ڪري هو پوئتي ٿي ڪري بائيڪ کي ٿو هلائي. جيئن تيئن صدر پهچي مان ساڻس موڪلائي صدر جي آچر بازار ۾ پراڻن ڪتابن مان پنهنجي پسند جا ڪتاب ڳولهڻ کي لڳي ويس ته ٿوري دير ۾ سندس ڪال آئي ۽ هاڻي هو کلي ڳالهائي رهيو هو ۽ هُن مون کا پڇيو ته “ڇا مون کي ڇوڪري بازيءَ جو شوق آهي؟” انوقت مون کي احساس ٿيو هو ته سندس موٽر سائيڪل بدران ڪا ٻي شيءِ ٽيڙي هئي  مون کيس ٺڙٺپ جواب ڏنو ۽ کيس چيو ته مون کي افسوس آهي ته مان اوهان جي “معصوم” خواهشن کي پورو ڪرڻ جي لائق ناهيان ۽ ائين منهنجي کانئس جان ڇٽي. مون ڪيئي وڏي عمر جا ان قسم جا “موالي” ڏٺا آهن جيڪي پنهنجي زمين جي آبياريءَ لاءِ پريشان هوندا آهن. ننڍي وهي ۾ پاليل اهي شوق عمر جي آخري حصي ۾ ماڻهو لاءِ خواريءَ جو سامان بڻجي پوندا آهن. ڇوڪري بازيءَ جو وهنوار پياري پاڪستان ۽ سنڌ ۾ خيرن سان چوٽ چڙهيل آهي. اسڪول، مدرسا انهن جا خاص اڏا آهن. اهو اسان جي سماج جو هڪ منافقاڻو اميج آهي. اسين اخلاقيات جا وڏا مبلغ ته آهيون پر دنيا جي باٿ روم جيئن ته هاڻي خانگي ناهي رهي جتي اسين سڀ ننگا بيٺا آهيون پنهنجي سمورين بدعمالين سان گڏ، اتان سڀ خبرون پوري ثبوت سان مليو وڃن. اتفاق سان آغا قيوم جو “اگھاڙو سچ” اڄ ڪالهه منهنجي مطالع هيٺ آهي جنهن ۾ اسان جي سماج جي اصلي تصوير لفظن ۾ چٽيل آهي. هي ڪهڙي قسم جو سچو انسان آهي جنهن سڀ کان اول پنهنجا سڀ عيب ثواب ظاهر ڪيا، جنهن ٻڌايو ته ڪيئن هڪڙي استاد تيرهن سالن جي عمر ۾ کيس ان راهه سان لڳايو ۽ پوء اهو عمل کان عادت کان وڌي سندس عضوو ٿي پيو هو  ته هن ڪنهن سخي جيان پنهنجو جسم هر ڪنهن جي حوالي ڪيو ۽ جيڪي کانئس فيضياب ٿيا يا جيڪي پاڻ اهڙي لذت حاصل ڪري ويا سڀني جو اڇو ڇٺو رکي ويو آهي هي آغا قيوم جي ڪتاب ۾ ڪيئي اسان جا اديب، دانشور، ملان مولوي، قومپرست، ترقي پسند الف اگھاڙا ٿي بيٺا نچن. جيئن ته اسان جو سماج منافق سماج آهي جنهن ۾ اسين سڀئي گناهه ڪري پنهنجو پاڻ کي آب زم زم مان ڌوتل ظاهر ڪندا آهيون ان ڪري هن سماج اندر رهندڙ منهنجا نيڪو ڪار ننڍڙن معصومن جي زوري زنا ۽ قتل وارن وارڌاتن کي ٻنجو ڏيڻ يا گھٽ ڪرڻ واري منهنجي ان تجويز ته جسم فروشيءَ کي قانوني بڻايو مون سان ڪڏهن متفق ٿيا نه ڪڏهن ٿيندا، ڀلي قيامتون گذري وڃن پر اسان کي ڏيکاءُ اهڙو ڏيڻو آهي ته اسين عظيم آهيون. 

دوستو معاف ڪجو مان پنهنجي سفر جي ساروڻين ۾ جذبات جي وهڪري ۾ وهي اوهان کي هن ڪنٽروورشل بحث ۾ اجايو گھلي ويو هوم، باقي پوءِ ڇا ٿيو ان جو احوال سڀاڻي واري قسط ۾ پڙهندا....

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو