Wednesday, September 30, 2020

ڪراچي ڊائري؛ وري يادگيرين ورايو اسان کي

 ڪراچي ڊائري...

وري يادگيرين ورايو اسان کي  

ميٽرو پول ڪراس ڪندي سامهون آواري ٽاور تي نظر پئي ۽ مان ماضيءَ جي جھروڪن ۾ هليو ويس. هڪ رات جو ان هوٽل جي ڇت تي تنهن وقت جي ايم پي اي ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سيد قائم علي شاهه صاحب سان گڏ آيو هوم،  اهو وقت هو جڏهن سنڌ جو وڏو وزير هاڻوڪي وزير اعلى جو پيءَ سائين عبدالله شاهه جن هيا ۽ مان سيد قائم علي شاهه صاحب جو “منشي” (پرائيويٽ سيڪريٽري) هئس. منشين کي به حساب ڪتاب ته ڏيڻ گھرجي نه؟ ان کان اڳ جو مان خاڪ ٿي وڃان ۽ منهنجي گناهن ثوابن جي ڪنهن کي ڄاڻ ئي نه رهي سو هي ننڍڙي لکڻي منهنجي ڪيل “گناهن” جو حساب ڪتاب آهي. هونئن هن خطي جي عظيم لکاريءَ سعادت حسين منٽوءَ ڪيڏو نه سچ چيو هو ته “اسان کي گذارڻ لاءِ ڪتن واري زندگي ملي آهي پر حساب ڪتاب انسانن وارو ڏيڻو پوندو”.

بهرحال ڇا ته منظر هو، مٿي تمام مٿي آسمان تي چنڊُ ۽ تارا جلوا گر هيا، هوٽل جي ڇت حسين ماڻهن سان ڀريل هئي، پاسي ۾ دنيا جهان جا کاڌا، فروٽ، مشروبات، مٺيون شيون رکيل هيون، جيڪا شيءِ ۽ جيتري اوهان کي وڻي حاصل ڪري کائو پيئو، ڪنڊ وٽ سازندن سان گڏ ڪلاڪار مڌم سرن ۾ ڪي گيت، غزل ڳائي رهيا هيا هيٺ ڪراچيءَ جي روڊن تي گاڏين جو قطارون ائين وهي رهيو هيون جهڙوڪر اهي رستا نه پر سون جا وهندڙ درياءُ هجن ۽ سمنڊ جي ڇولين مان اٿندڙ لوڻياٺيون هوائون جسم کي ڇهن پيون ته ماڻهوءَ جو من مهڪي پئي اٿيو. 

ان منظر کان ڪجھ مهينا اڳ جي ڳالهه آهي ته هڪ دفعي سيد قائم علي شاهه اسان جي مائٽن جي ڳوٺ بُگري خيرپور ۾ حاجي غلام ڪٽوهر جي ڳوٺ دعوت تي اچڻو هو، مرحوم حاجي غلام محمد ڪٽوهر الله کين جنت نصيب ڪري زميندار ته هيا پر صفا اڻ پڙهيل هيا ۽ کين اسٽيج تي ڳالهائڻ يا تقرير جو فن ٿورڙو گھٽ ايندو هو ۽ کين پنهنجي پروگرامن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اسان جهڙين واتڙين ڪامريڊن جي گھرج هروقت رهندي هئي ۽ ان پروگرام ۾ پڻ مون کي سمورو پروگرام هلائڻ جي “اسائنمنٽ” ڏني ويئي هئي. مون پروگرام لطيف، اياز، استاد بخاري جي شعرن سان ته سينگاريو هو پر هر ڳالهائيندڙ جي ڳالهين ۾ وزن وجھڻ يا گھٽ وڌائي جي پورائي لاءِ ڪجھ نه ڪجھ پنهنجي پاران به چئي رهيو هوس. منهنجي ان “لفاظي” مان متاثر ٿي سيد قائم علي شاهه صاحب هڪ تمام غلط فيصلو ڪيو هو ته هنن منهنجي پوسٽنگ سي ايم هائوس سنڌ ۾ بحيثيت ڊپٽي سيڪريٽري جي ڪرائي پاڻ سان پرائيويٽ سيڪريٽري ڪري رکيو هو. سائين جن مون کي ان عهدي لاءِ چونڊيو هو ته ان جو سبب وري ان تقريب کان اڳ جو هڪ واقعو هو. پاور پاليٽڪس ۾ اختلاف رڳو مخالف پارٽين سان ناهن ٿيندا پر پارٽي اندر ويٺل به هڪ ٻئي جون ٽنگو پيا ڇڪيندا آهن ۽ ساڳيو عمل سائين عبدالله شاهه ۽ سائين قائم علي شاهه وچ ۾ سرد جنگ جي صورت ۾ هلندڙ هيو. سائين قائم علي شاهه صاحب سان گڏ ڪم ڪندڙ سندس پرائيويٽ سيڪريٽري لطيف مغل شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار ٿيڻ جي ڪوششن ۾ اهو بيان ڏئي ويٺو هو ته “سيد عبدالله شاهه ته ضياالحق جي ريفرينڊم جو حمايتي هو” بس سندس اهو چوڻ هو جنهن تي محترمه بي نظيرڀٽو صاحبه تمام گھڻي ڪاوڙجي پئي هئي ۽ سندس اهو بيان آيو هو ته “اهو لطيف مغل ڪير ٿيندو آهي منهنجي نامينيٽ ڪيل وزير اعلى خلاف بيان ڏيڻ وارو”! اهڙي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سائين قائم علي شاهه لطيف مغل نالي ڪنهن به ماڻهو کي سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ سائين جن کي ان جي خال ڀرڻ لاءِ ڪو ڪم وارو ماڻهو گھربل هو ۽ ان نموني اهو ڪڻو منهنجي نالي نڪتو هو. سائين قائم علي شاهه صاحب جي ان منشي گيريءَ ۾ مون کي جيڪي انتهائي “عياشي” جا موقعا ميسر آيا هيا انهن ۾ هڪ اهو آواري ٽاورس وارو پروگرام به هو. هونئن اهي منهنجي زندگيءَ جا تمام گھڻا ڏکيا ڏينهن هيا. جن جي هلڪي جھلڪ اڳتي هلي ڏيندس. 

منهنجي اندر جيڪي سٺيون يا خراب عادتون رهيون آهن انهن مان ڪجھ هي آهن ته؛ ڪنهن سان ڌوڪو نه ڪرڻ، ڪنهن جي به ڦرلٽ نه ڪرڻ، سبز باغ ڏيکاري اٻوجھ ماڻهن جو جھڳو جھڻ ڪري پنهنجو ڀڀ نه ڀرڻ وغيره ۽ اهي عادتون مون ڪامريڊن جي صحبت ۾ رهندي اپنايون هيون. 

اها ته منهنجي خوش قسمتي هئي ته مون کي سٽي ريلوي ڪالوني ۾ پياري دوست گلشير اوڏ جي فليٽ ۾ سائين خالد راڄپر ۽ سائين خادم ٻرڙي صاحب سان بنا ڪنهن ڪرائي جي رهڻ جي سهولت ملي ويئي هئي. هي ٻيو موقعو هو ته مان اتي رهائش اختيار ڪئي هئي. ان کان اڳ 1991ع جڏهن مان نئون نئون ليڪچرار ٿيو هوس ۽ منهنجي پوسٽنگ ميمڻ ڳوٺ جي ڊگري ڪاليج ۾ هئي ته انوقت به ڪجھ عرصو گلشير اوڏ سان ساڳي فليٽ ۾ رهيو هوس. اسان جو اهو فليٽ ٿرڊ فلور تي واقع هو. اسان جي فليٽ جي سامهون واري فليٽ ۾ ڪو ڪشميري رهندو هو جيڪو پڻ ريلوي جو ننڍو ملازم هو ۽ جنهن کي ڌڻ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو هو جن جي نڪن مان سدائين گوبو پيو وهندو هو. گلشير جي فليٽ ۾ سندس وڏي لائوڊ واري ڊيڪ رکيل هوندي هئي ۽ تنهن زماني ۾ عاشقي فلم جا گانا تمام گھڻا مشهور ٿيا هيا جن ۾ هڪ ڪلام هو ته “هان اڪ صنم چاهئي عاشقي ڪي لئي”  هلائيندا هياسين سامهون واري فليٽ جي گرائونڊ فلور جي صحن ۾ رهندڙ ٽي چار ڀينرون نڪري اينديون هيون ۽ اسين پنهنجي فليٽ جي درين ۾ وڏين تصويرن جيان ٽنگجي بيهي رهندا هياسين. انهن ڀينرن ۾ هڪ قد جي ڇوٽي ۽ منڊڙي به هئي جنهن جي لاءِ خالد راڄپر اڳ ئي اعلان ڪري ڇڏيو هو ته “ادا اها منڊڙي منهنجي ڀيڻ اٿو”. انهن فليٽن ۾ رهندي هڪ ٻي عياشي به ٿيندي هئي ڀرسان ڪو پير جو مزار هو جنهن تي هر خميس جي رات دير تائين وڏن لائوڊن مان پيا واعظ هلندا هيا ۽ سماع جو خاص انتظام هوندو هو. قلندر شهباز جي ميلي واري مهيني ۾ ته اها خانگاهه پوري مهيني لاءِ آباد رهندي هئي ۽ رات ڏينهن پورو مهينو انهن ڪن ڦاڙ لائوڊن مان ڪالوني جا رهواسي چاهيندي نه چاهيندي فيض حاصل ڪندا هيا. منهنجا هي ٻئي سهڻا ۽ سلڇڻا يار ۽ پارٽنر خالد ۽ خادم ڪينٽ اسٽيشن تي پارسل ۾ ملازم هيا. پارسل ۾ ڪم ڪرڻ انوقت اهڙو ئي “سڻڀو” هو جيئن ڪنهن زماني ۾ ضلع ٽيڪس تي “منشي گيري” هوندي هئي. اها ضلع ٽيڪس واري منشي گيري به مون خوب ڪئي. ضلع ٽيڪس خيرپور وارن جو هڪ ناڪو سينٽرل جيل سکر جي ڀرسان هوندو هو، جتي مون زندگي جا ڪي حسين پل گذاريا هيا ۽ ڪڏهن موقعو مليو ته انهن کي به قلم بند ڪبو. حقيقت اها آهي ته منشي گيري منهنجي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. مان اڄ واضع ٿو ڪيان ته مون سيد قائم علي شاهه جي منشي گيريءَ ڪئي آهي ۽ مون کي اتي گھاريل ڏينهن تي به فخر آهي. مون اتي پنهنجو ڪم ڪيو هو، مون پنهنجي روزي روٽي حلال ڪئي هئي، مون اتي ويهي ٻڌ ڇوڙ وارو وهنوار نه ڪيو هو، نه نوڪرين جو وڪرو ڪيو هوم ۽ نه ئي ڪن پلاٽن تيي قبضا ڪيا هئم. سائين جن جي منشي گيريءَ جي عيوض مون کيس رڳو پنهنجي پڦاٽ فيض علي ڪٽوهر جي نوڪريءَ لاءِ پرزور گذارش ڪئي هئي ۽ افسوس ته سائين جن مون کي ان لائق به نه سمجھيو هو ته منهنجي اها اڪيلي خواهش پوري ڪن ها،. بس مِٺي به ماٺ ته مُٺي ماٺ وانگر اها سرڪاري “منشي” گيري منهنجي ڳچي ۾ پيل هئي جيڪا مون کي هرحالت ۾ نڀائڻي هئي. مان واضع ڪندو هلان ته مان سيد قائم علي شاهه صاحب جن جو ذاتي، سياسي ملازم يا واٺو ڪونه هئس، مان ته سرڪاري ملازم هوس. جنهن کي ڪاليج مان کڻي بنگلي تي ويهاريو ويو هو سوبه پنهنجي خرچ تي. مون جيئن مٿي لکيو آهي ته اهي منهنجا زندگيءَ جا انتهائي ڏکيا ڏينهن هيا. گھڻو تڻو منهنجا کيسا خالي هوندا هيا ۽ مون وٽ ايترو به پئسو ڪونه هوندو هو ته ضروري ڪمن ڪارين لاءِ ڪنهن پي سي او تان ڪا لوڪل ڪال ڪري سگھان. مون منهنجن پيارن پارٽنرن خالد راڄپر ۽ خادم ٻرڙي جن کي تمام گھڻو تنگ ڪري رکيو هو ۽ سندن پاران فليٽ ۾ لڳل پي ٽي سي ايل فون تي ڪالون ڪندو هوس ۽ پوءِ جڏهن ڳرا بل اچڻ لڳا ته دوستن فون تي اهو نوٽيس هڻي ڇڏيو هو ته “ادا هي ذاتي فون آهي ڪا پي سي او ناهي”. سندن ڳالهه سئو نه پر ٻه سئو سيڪڙو صحيح هئي. انوقت مون کي مشڪل سان پائڻ لاءِ ڪي ٻه ٽي جوڙا ڪپڙن جا هوندا هيا جيڪي مان پاڻ ڌوئي پاڻ ئي استري ڪري پائيندو هوس. منهنجا روم ميٽ خالد ۽ خادم پرين پيارا هڪ ڌڪ سان گھٽ ۾ گھٽ پنج ڇهه جوڙا ڪپڙن جا وٺي سبرائي کڻي ايندا هيا ۽ جڏهن مان پنهنجي حيرت جو اظهار ڪندو هوس  ته يار چوندا هيا ته “بس چار ڇا ڪيون اهي ويهه پنجويهه جوڙا ئي ته وڃي مس بچيا آهن”! هو صبح سان رڪشا ڪرائي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي ويندا هيا ۽ مان پبلڪ ٽرانسپورٽ جي مني بسن ۾ ڌڪا کائيندي سائين قائم علي شاهه جي ڊفينس واري بنگلي تي پهچندو هوس. هڪ دفعي ڪپڙن کي استري پئي ڪيم ته فليٽ ۾ منهنجا ٻه پرين پيارا ڪليگ پروفيسر نوراحمد سومرو ۽ پروفيسر پرويز احمد منگي مون سان ملڻ آيا هيا. مان انوقت ٽوال کي گوڏ طور استعمال ڪندي ڪپڙا استري ڪري رهيو هوس ته انهن مان ڪنهن کي ڪيمرا هٿ ۾ هئي ۽ انهن منهنجي ان حالت ۾ پڪچر ورتي هئي ۽ اها تصوير بعد ۾ مون کي تحفي طور ڏني هئائون جنهن کي مون “زندگيءَ جي ننگي تصوير” جو عنوان ڏئي پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکيو آهي. صبح کان شام تائين ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ پارٽي جي ڪمن ڪارين سان رهندي اڪثر منجھد جي ماني به نصيب ڪونه ٿيندي هئي ۽ شام جو ٺوٺ جيڏي زبان ڪڍي سهڪندو فليٽ تي ورندو هوس ته خالد ٻرڙو منهنجي خسته حالت ڏسي رحم کائي چوندو هو ته “اچي ويا آهيو ڊپٽي سيڪريٽري صاحب”. مون وٽ ڏيڻ لاءِ ڪوبه جواب نه هوندو هو. سائين قائم علي شاهه صاحب کي مون ڪيئي ڀيرا چيو ته “قبلا منهنجي اقتصادي مدد ڪريو، مان تمام گھڻي ڏکي حياتي پيو گذاريان” پر سائين جن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندا هيا. جڏهن اهي سور مان پنهنجي تمام پرين پياري سائين شاڪر شاهه صاحب سان اوريا هيا جيڪو انوقت اڃا پ پ پ ۾ هيو ته موصوف چيو هو ته “جيڪڏهن سائين مون کي چئي ته مان اوهان کي هر مهيني پنهنجي رائلٽي جي ٺيڪي مان پنج هزار روپيا ڏيندس” ۽ پوءِ اها ڳالهه طئي به ٿي هئي پر اهي پنج هزار روپيا رڳو مون کي هڪ دفعو مليا هيا، ٻئي دفعي موڪليل اهي پئسا رستي مان ئي ڪو مير صاحب اڏاري ڇڏيا هيا. مان ته اڃا تائين خالد راڄپر کان ڇهه سئو، خادم ٻرڙي کان هڪ سئو ۽ يونس کورکاڻي کان ورتل هڪ هزار به موٽائي نه سگھيو آهيان. 

ہم کہاں کے دانا تھے کس ہنر میں یکتا تھے                                                                                                                                                      بے سبب ہوا غالبؔ دشمن آسماں اپنا.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو