Thursday, September 17, 2020

مان ڇا ڪريان

 ڪالهه کٿل واڻئي (واپاري) وانگر پراڻا پاٺڪ پئي ڦولهاريم ته نوٽ بوڪ جي ڪاپيءَ تي لکيل هي ڊائري هٿ اچي ويئي. خبر ناهي اوهان کي پسند به ايندي الاءِ نه! ان لاءِ اڳواٽ معذرت.

               

مان ڇا ڪريان

گل ڪٽوهر

اگسٽ 02، 2004

حسب عادت ڪاليج جي لئبرري ۾ ويٺي ڪوري ڪاڳر تي ابتييون سبتيون لڪيرون پئي پاتم ته منهنجو هڪ انتهائي پيارو دوست ۽ ڪيلگ اندر لنگهي آيو، اڪيلي ڪمري ۾ چرين واري حالت ۾ ڏسي کيس مون تي رحم اچي ويو ۽ نصيحت ڪيائين ته ”اڙي چريا هي ڇا پيو ڪرين؟ هاڻي ڇڏ انهن مشڪرين کي وري هليون آن ڪوئٽه جو سفرنامو لکڻ، ڀلا اڳيون اهو تو وارو لاهور جو سفرنامو شايع ٿيو آهي جو هي ٿيندو! خوامخواهه پنهنجو وقت نه وڃاءِ“. مون تي سندس ان داٻي نما نصيحت جو وڏو اثر ٿيو ۽ ساڳي وقت هڪ ٻئي دوست جي ڳالهه به دل تي تري آئي، جيڪا هن تڏهن ڪئي هئي جڏهن مسٽر ممتاز مفتيءَ جو ضخيم ڪتاب ”علی پور کا ایلی“ منھنجی مطالعي ھیٺ هيو. پياري پروفيسر چيو هو ته ”هي وري ڪهڙا ٿلها متارا بي ڪار ڪتاب ويٺو پڙهين، تون ڪامرس جو پروفيسر آهين، ڪجھ سڌر اڪائونٽنگ جو ڪو سٺو ڪتاب هٿ ڪري ان تي پرئڪٽس ڪر، هن مان ڇا ورندءَ“. ڳالهه سندس به سچ هئي، ڀلا علي پور ڪا ايلي، الک نگري، يا شهاب نامه جهڙا وڏا ٿلها ڪتاب پڙهڻ ڪنهن شريف ڪامرس جي پروفيسر جو ڪم ٿوروئي آهي. 

هاڻي اهو آزار مون سان رڳو ڪاليج ۾ ئي نه پر گھر ۾ پڻ آهي. ڪو وقت هو ته هندستاني فلمن ۽ ڪرڪيٽ راند ڏسڻ جو ازحد شوقين هوندوهئس پر تڏهن نه ته مون وٽ ڪو ٽي وي سيٽ هو نه ڪا وي سي آر يا وي سي پي خريد ڪرڻ جي سگھ هئي. هاڻي جڏهن گھر ۾ رنگين ٽي ويءَ سان گڏ ڪيبل جي سهولت به آهي پر منهنجا شوق مٽجي ويا آهن. هاڻي مون کي وڻن آرٽ موويز ۽ اهي به هلن ڇٺي ڇهه ماهي پر گھر جا باقي سمورا ڀاتي انهن کي مٿي جو سور ڪوٺيندا آهن، هاڻي فقير ڪري ته ڇا ڪري؟

ها گھر ۾ مليل وقت کي ان نموني لاڀائتو ڪري سگھجي ٿو ته  سمورن گھر ڀاتين کي ٽي وي سيٽ سامهون ويهاري گھر کي ٻوهاري وغيرهه ڏيان، ٿانو ڌوئان، يا ڪپڙن کي استري ڪري وقت جو زيان ٿيڻ کان بچايان، سچي ڳالهه هي آهي ته اهي ڪم ڪيئي دفعا اڳ ڪري به چڪو آهيان پر هاڻي اهڙن ڪمن ۾ هٿ وجھندي ڏکيائي ٿي محسوس ٿئي. 

پنهنجي ئي اندر مان وري سوال اٿيو، ”اهو ته ٿيو گھر ۾ مليل وقت کي زيان ٿيڻ کان بچائڻ، ڪاليج ۾ مليل وقت کي ڪيئن لاڀائتو ڪري سگھين ٿو؟“. مون پنهنجي اندر مان اٿيل ان سوال جو جواب به پاڻ ئي ڏنو؛ ”انهن يارن جي نقطئه نظر سان جاچبو ته واقعي مون ڪاليج جو وقت تمام گھڻو ان نموني به زيان ڪيو آهي ته ”سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم تان لطيف سائين جي ڪيترن ئي سرن تي ڪامياب ليڪچر پروگرام ڪرايا اٿم، ڪاليج کان ٻاهر وري سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو آهيان، سول سوسائٽي جي پروگرامن ۾ پڻ حصو ورتو اٿم هاڻي ان وڃايل وقت جي تلافي ته ممڪن ناهي باقي آئندهه لاءِ احتياط سو ڪري سگھجي ٿو پر مون لاءِ اهو ته هرگز ممڪن ناهي ته ڪاليج جي ڪامن روم ۾ ڀوڳ ٺڪاءُ، لطيفي بازي، جگت بازي، فرقيوارانه بحث مباحثن ۾ شريڪ ٿي سگھان، ڪامن روم جي ايرڪنڊيشن روم ۾ ويهندي ڪجھ وقت لاءِ ته جسماني سڪون ملندو آهي پر ٿوري ئي وقت ۾ الٽي اچڻ لڳندي آهي“

سو ڏاڍو مُنڌل آهيان، هاڻي اوهان ئي مون کي ٻڌايو ته ڇا ڪريان؟.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو