Wednesday, September 30, 2020

ڪراچي ڊائري؛ ٽين وک

 ڪراچي سفر جي ڊائري جي ٽين وک

ڪراچيءَ جا جيڪي مختلف روپ ۽ رنگ آهن انهن ۾اسر ويل کان صبح تائين سانت واري ڪراچي به آهي جڏهن ان جا روڊ ويڪرا ٿي ويندا آهن، ويڪرن روڊن جي ڀرپاسي سيمنٽ جي بئنچن ۽ باغيچن جي پوکيل ڇٻر تي ڪيئي نڌڻڪا انسان آهليا نظر ايندا آهن بس اهو کن پلڪ جو قصو هوندو آهي جيئن ئي ستل ۽ آرامي ڪراچيءَ ۾ ڀاڄ پوندي آهي ۽ هر قسم جون گاڏيون ماڪوڙن وانگي ٻرن مان نڪري هڪ اڻ کٽ لائين جوڙي روڊن تي ڊوڙڻ لڳنديون آهن ته اهي روڊ سسي ايترا ته سوڙها ٿي پوندا آهن ته هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڏانهن لنگهي وڃڻ ئي مسئلو بڻجي پوندو آهي. مان جڏهن فريئر لئبرري ۽ هال کي آخر الوداع چئي عبدالله هارون روڊ تي چڙهيو هوم ته  اهي مهربان روڊ هيا ۽ مان هيس بس ڏيئي وٺي ڪجھ نوجوان سائيڪلسٽ گڏيا هيا جيڪي صبح جو سويل پنهنجي جسماني ساخت کي مضبوط بڻائڻ خاطر کليل روڊن تي لاابالي نموني ڊوڙي رهيا هيا. جيئن ته ان ڏينهن آچر هو ۽ آچر رات ڪراچيءَ جا ماڻهون دير تائين جاڳيل ئي رهندا آهن جو ٻئي ڏينهن تي کين ڪم ڪار سان وڃڻو ناهي هوندو. ان ڪري ان ڏينهن ڪراچي ٿوري دير سان جاڳندي آهي. اتي ئي مون کي ڪيئي پراڻيون عمارتون نظر آيون هيون جن مان هڪ ميٽرو پول هوٽل جي عمارت به هئي جيڪا هاڻي خالي ڪرائي ويئي آهي جنهن تي هاڻي ترقياتي ڪم هلي پيو. ميٽروپول هوٽل ڪراچي شهر جو هڪ حسين، چمڪندڙ ۽ روشن ستارو رهيو آهي. انگريزيءَ جي اکر وي اسٽائيل ۾ جڙيل ان جي عمارت جي چئني پاسي مصروف روڊ آهن. خدا ڪري اسان جي ماڻهن کي ڪو هوش اچي ۽ اهي ميٽرو پول جي عمارت جي نئين سر اڏاوت ۽ سجاوت ته ڀلي ڪن پر اهي سندس اصلي تاريخي حسن سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪن ته بهتر ٿيندو. اهڙي ڇيڙ ڇاڙ اسان جي هندو برادريءَ پاران سکر جي مصروف ترين غريب آباد علائقي گردوارا روڊ تي جڙيل حسين گردواري سان ڪئي ويئي آهي ۽ ان جي تاريخي سڃاڻپ واري حسين عمارت تي لوهي هٿوڙا هڻي برباد ڪري دڪان جوڙيا ويا آهن. مون اهوتاريخي هاڃو جڏهن سوشل ميڊيا تي ونڊيو هو ته منهنجا سيٺياڀائي مون تي ڪافي ڪاوڙيا هيا ۽ سابق قومپرست رهندڙ انهن هندو ڀائرن سان جڏهن پياري ستار زنگيجي ڪچهري ڪرائي هئي ته مون کي سندن ذهن کوکلا نظر آيا هيا، کين ان ڳالهه جي ذري به پرواهه نه پئي لڳي ته ڪن عمارتن جو حسن سندس اصليت ۾ هوندو آهي. کين انساني ڀلائيءَ جا انومان ته کڻي هيا پر کين پنهنجي سنڌي ثقافتي ورثي جي اهميت جو ڪو ٽڪو به احساس نه هئو. ڪراچي، حيدرآباد يا سکر هجي اسان جي بلڊرس کي گھرجي ته اهڙين پراڻين عمارتن جي نئين سر اڏاوت وقت يا انهن جي مرمت ڪرڻ وقت انهن جي اصلي حسن کي برباد نه ڪن. صدر ۽ ان جي آس پاس تمام گھڻيون عمارتون آڳاٽيون اڏاوتون ماضيءَ جي شاندار آرڪيٽيڪچر حسن جو شاهڪار آهن ۽ يادگار آهن. اهي عمارتون ڪراچيءَ جي اوج وارن خوشحال ڏهاڙن ۾ شهرين جي خوش ذوقيءَ جا شاهد آهن. اهي عمارتون اسان کي ٻڌائين ٿيون ته انهن ۾ رهندڙ ڪيڏا نه نفيس هيا، ڪيڏا نه حسن پرست هيا، ڪيڏا نه باذوق هيا جن کي پنهنجي گھرن جي بالڪونين، درن، درين ۽ ڇتين جو ڪيترو نه خيال هوندو هو. مان هاڻي تصوراتي دنيا ۾ جڏهن انهن عمارتن جون قطارون پنهنجي ذهن ۾ جوڙي ڪراچيءَ جي مختلف پاڙن جي رهائشن جو نقشو ٿو جوڙيا ته مون کي اڄ جي جديد يورپ جون مهانگيون ڪالونيون نظر ٿيون اچن. وڏا وڏا بنگلا، کليل ورانڊا، ورانڊن ۾ پوکيل گل ٻوٽا،  بنگلن جون خوبصورت بالڪونيون ۽ انهن ۾ پنهنجي خوبصورت ونين سان ويٺل خوش لباس انسان جن جي لاءِ ڪاٺ مان جڙيل خوبصورت ڪٻٽ جن ۾ ڪتاب ۽ ڪتابن سان گڏ گرامو فون، طبلا، هارمونيم، گٽار ۽ پڻ سهڻيون ميزون جن تي ڪافي، فروٽ، گل دستا، شراب جون  بوتلو، ڀريل جام نظر پيا اچن. سامهون واري عمارت تان ڪو ننڍڙو شهزادو وري ڪراچي اندر سدا گھلندڙ پربهار هوائڻ ۾ لغر اڏاري رهيو آهي، او هو ان کان ٻئي بنگلي تي ڪا ناري پنهنجي تازل ڌوتل ڪپڙن کي هوا ۾ ڇنڊڪو پئي ڏئي ته ڪپڙن سان گڏ سندس جسم مان پڻ پاڻي ڦڙا آس پاس خوشبوءِ ڦهلائڻ جو ڪم پيا ڪن. اڄ جڏهن انهن ڀرندڙ ۽ ڪنهن ڪراڙيءَ بيواهه جيان آسن ۽ اميدن کان خالي حسين عمارتن کي تخليقي حسن کان وانجھيل، بي ڊولين واپاري مقصدن لاءِ جڙندڙ عمارتن جي گھيري ۾ ڏسندو آهيان ته ائين لڳندو اٿم ته اهي معصوم ۽ حسين هرڻيون خونخوار بگھڙن جي بکايل ٽولن وچ ۾ اچي ڦاٿيون هجن. انهن نين عمارتن جي جڙت جو مقصد ماڻهن کي سهولت پهچائڻ يا کين لڀائڻ بدران وڌ کان وڌ ڦرلٽ جو عنصر نمايان هوندو آهي.  هاڻي ائين به ناهي ته سڀ نيون عمارتون بدصورت هجن انهن نين پلازائن ۾ ڪيئي نيون جڙيل شاندار، جاذب نظر ۽ خوبصورت اڏاوتون به آهن جيڪي جديد دنيا جي سمورين سهولتن سان سينگاريل آهن. ميٽرول پول جي پاسي ۾ هڪ ٻي وڏي شاندار عمارت آواري ٽاورس جي آهي. بهرام آواري جي دوستن جو اهو هوٽل ڪراچيءَ جي هڪ اوچيءَ ٽڪريءَ تي جڙيل آهي. ان عمارت جي چوٽيءَ تي رات جو ڊنر ۽ بوفي جو انتظام به ٿيل هوندو آهي. ان سان ڳنڍيل پنهنجي هڪ خوبصورت ياد ايندڙ دفعي اوهان سان ونڊيندم.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو