Wednesday, September 23, 2020

ڪراچي ڊائري قسط پهرين

 ڪراچي ڊائري

قسط پھرين

10 سيپٽمبر 2018ع جي ڏينهن تي سيد سردار شاهه صاحب، سنڌ جي تعليم لاءِ چونڊيل نئين وزير سموري سنڌ جي ڪاليج پرنسپلس جو هڪ سيمينار اسڪائوٽ هال نزد سنڌ اسمبلي جي رکايو هو جنهن ۾ مون به شرڪت ڪئي هئي. ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ به مان، اسان جي پياري نويد ڪٽوهر کي چين روانو ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيا هياسين. هت ڪراچي ياترا جي انهن يادگيرين کي سراسري نموني قلم بند ڪيو هوم انهن کي ونڊيان ٿو. 

2018/9/9

قلندري هوٽل ڪينٽ ريلوي اسٽيشن ڪراچي

هنوقت ڪراچيءَ جي موسم خوشگوار آهي، ٿورو جھڙ آهي ۽ تيز هوا گھلي رهي آهي. سکر کان ڪراچي تائين سکر ايڪسپريس جي لوئر اي سي ۾ ڪنهن قدر آسائتو سفر رهيو. ڪنهن قدر ان ڪري ته رات جو دير سان جڏهن ايرڪنڊيشن ڪري ماحول تمام گھڻو ٿڌو ٿي ويو هو ته مون وٽ ان کان بچاءُ لاءِ هڪ ننڍڙو مفلر جهڙو اجرڪ هو ۽ ان سان پير پئي ڍڪيم ته سينو ۽ مٿو نه پئي ڍڪجي سگھيا ۽ جڏهن مٿو پئي ڍڪيم ته پير جهڙو برف ٿيو پئي ويا. اسان جي ريلن يا بسن وارن ۾ اهو ٽڪي جو به احساس ناهي ته ايرڪنڊيشن جي معنى رڳو ٿڌ ناهي پر ان جي معنى اها هئڻ گھرجي ته جڏهن ٿڌ هجي ته ماحول ۾ گرمائش ڏجي ۽ جڏهن گرمي هجي ته ٿڌڙي هوا جون لهرون ڏجن. پر مون اڪثر مشاهدو ڪيو آهي ته خاص ڪري ايرڪنڊيشن ڪوچ سروس سياري ۾ پڻ ايرڪنڊيشن هلائي ماڻهن کي قلفي بڻائي رکندا آهن، مون جهڙي ڪنهن بي افعالي، گرم ڪپڙو کڻي نه ايندڙ لاءِ ته اهو سفر ڪنهن آزار کان گھٽ ناهي هوندو. بهرحال سکر ايڪسپريس وارو سفر ايڏو شديد نه هيو ته برداشت ڪري نه سگھان ها. ڪالهه سکر ايڪسپريس جي ٽڪيٽ پاڪ ريلوي ۾ ڪم ڪندڙ، نثري نظمن جي ڀلوڙ شاعر، اديب ۽ ڀائرن جهڙي دوست حبيب ساجد بوڪ ڪرائي ڏني هئي ۽ ڊي ايس ريلوي آفيس، سکر ريلوي اسٽيشن ۽ ايوب گيٽ واري ٽڪنڊي تي جڙيل هوٽل تي چانهه پيئڻ کان هڪ اهڙي بيماريءَ جو ذڪرڪري انڪار ڪيو هو جيڪا کيس ٿيڻ نه گھربي هئي. اڳ جڏهن به کيس سٺي چانهه ملندي هئي ته پنهنجي مخصوص انداز ان جي هن نموني تعريف ڪندا هيا ته “چانهه بهترين پر ٿورڙي هئي”. 

سکر ايڪسپريس ۾ رات جو سوچيو هوم ته صبح جو سويل اٿي ريل جي باٿ روم ۾ ڏندڻ ۽ شيو ڪندس، ڇو ته سمورين ايندڙ ويندڙ گاڏين ۾ پاڻيءَ جو بندوبست حيدرآباد يا ڪوٽڙيءَ ۾ ڪيو ويندو آهي، پر جڏهن باٿ روم ۾ پهتس ته ۽ اتي لوئر اي سي ۾ نام نهاد معزز مسافرن پاران ڪيل گند ڏٺم ته ڏندڻ ۽ شيوُ ڪرڻ تي بعد جا مسئلا هيا پيٽ جو بار هلڪو ڪرڻ تان ئي ارواح کڄي ويو. نرگسيت جي مرض ۾ مبتلا هن بي افعالن ماڻهن کي ڇا چئجي جن جي ڳالهه ڳالهه ۾ مذهبي فرمان هوندا آهن ۽ عمل زيرو، اسلام صفائيءَ کي اڌ ايمان جو درجو ٿو ڏئي جيڪو اسان ۾ بلڪل ناهي. منهن تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي منهن ڀيلو ڪري واپس وريم ۽ پوءِ سوچيم ته اڄوڪي ڏينهن تي جيڪڏهن ڏندڻ نه ڪيم، ڏاڙهي ڪونه ڪوڙيم ۽ تڙ نه ڪيم ته ڪو آسمان ٽٽي ڪونه پوندو ۽ ٻيو ته ماڻهن جي سمنڊ ڪراچيءَ ۾ هر ماڻهو کي ايترا ته خفا آهن جو هو ٻين ماڻهن جي ايترين ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي ڌيان ئي ناهي ڌريندو بس ڏيئي وٺي اهو ٿيندو آهي ته ماڻهو نفسياتي طرح پنهنجو پاڻ مطمئين رهندو آهي.

هن دفعي ڪراچي ياترا سرڪاري سڏ تي ڪئي اٿم.سڀاڻي 10 سيپٽمبر 2018ع تي تعليم جي نئين وزير سنڌ جي سمورن ڪاليجن جي پرنسپلس جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي آهي ۽ مان به ان ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هتي پهتو آهيان. هتي هڪ ڏينهن اڳ ۾ آيو آهيان ته ان جو سبب هي آهي ته آچر موڪل جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن تي ٿورو گھڻو گھمي ڦري سگھان، صدر ۾ پراڻن ڪتابن جي آچر بازار جو چڪر هڻا، ڪا فلم وغيره ڏسان. سو سوچيو اٿم ته ڪينٽ کان صدر تائين پيرين پنڌ شروع ٿو ڪيان، هونئن به اڄوڪو ڏينهن مون کي ڪو ڪم ڪار ناهي بس وقت گذارڻو آهي. حقيقت هي آهي ته ڪراچيءَ شهر ۾ مون تمام گھڻو پنڌ ڪيو آهي. تين هٽيءَ کان صدر، صدر کان ٽاور،ٽاور، کان کاردار، ميٺا در، بولٽن مارڪيٽ جھونا مارڪيٽ، نيپئر روڊ کان لي مارڪيٽ، لي مارڪيٽ کان چاڪيواڙهه، ميران ناڪه، بڪرا پڙي ۽ اتان وري صدر، سنڌ سيڪريٽريٽ، هاءِ ڪورٽ، سٽي ڪورٽ، لائيٽ هائوس، پاڪستان چوڪ، اردو بازار، صدر کان ڪلفٽن، سٽي ريلوي ڪالوني کان صدر، ڪينٽ اسٽيشن، گرين ٽائون کان شاهراهه فيصل، پي آءِ اي ڪالوني، ملير کان حاجي رحيم جوکيو ڳوٺ، فيڊريل ڪيپيٽل ايريا سان گڏ فيڊريل بي ايريا جو سمورو جهان، جهڙوڪر مُڪه چوڪ، عائشه منزل، نصير آباد، انچولي، نارٿ ناظم آباد تائين ويندي منهنجي قدمن جا نشان ملندا. انهن رولهڙن ڪري ڪراچي جو نقشو منهنجي ذهن جي ياداشت واري خاني ۾ ان نموني فٽ ٿيل آهي جهڙوڪر خيرپور ۽ سکر هجن. ڪراچي مون کي مهربان ۽ پنهنجي گھر ۾ هئڻ واري احساس وانگر لڳندو آهي.. مون کي حيدرآباد ڏکيو لڳندو آهي، اتي گھمندي ڀلجي پوندو آهيان ڇوته اتي پيرين پنڌ گھٽ ڪيو اٿم.

هنوقت هي لفظ قلندري هوٽل تي ويٺو لکان جنهن تي گراهڪن جي اڪثريت سنڌي ماڻهن جي رهندي آهي ۽ هن هوٽل جي مالڪ لاءِ مون ٻڌو آهي ته اهو ڪو هندو سيٺ آهي پر دخل تي ڪي پٺاڻ مولوي صاحبان ويٺل آهن، بيرا هندڪو ڳالهائيندڙ ڪنهن ڏور ڏيهه جا رهواسي آهن پر هڪڙي ڳالهه مڃڻ جي آهي ته ڪينٽ تي سمورن هوٽلن مان کاڌي جو معيار قلندري هوٽل جو سٺو ۽ معياري آهي. دنيا ۾ هوٽلنگ جو تمام وڏو ڪاروبار آهي. اسلام آباد ۾ ڌاٻا هوٽلن کان وٺي ڪراچي جي جھوپڙا هوٽلن تائين ۽ هاءِ وي تي جڙيل لائين جي هوٽلن کان وٺي فائيو اسٽار هوٽلن ۽ بار بي ڪيو،فاسٽ فوڊ تائين انهن جو هڪ پنهنجو وڏو جهان آهي. هوٽلن جو ڪاروبار ڪندڙ ڪنگلا ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن، پٺاڻ برادري ته ان ڪاروبار ۾ گھڙيو ناهي پر ڪنهن تمام وڏي بکئي حملي آوار وانگر ڪاهه ڪئي اٿن!! ڪجھ ڏينهن اڳ گورنمنٽ ڄام ممتاز ڏهر ڊگري ڪاليج جي سڀ کان سمارٽ ۽ نوجوان ليڪچرار جناب شاهنواز سومري هڪ قصو ٻڌايو هو ته سندن هڪ ذاتي فليٽ جوهر واري علائقي ۾ آهي، هوبه ڪا پراپرٽي جي خريد فروخت جي سلسلي ۾ ڀرپاسي جي ريئل اسٽيٽ جي دڪان تي ويٺا هيا ته بظاهر هڪ سادو نسوار وات ۾ وڌل پٺاڻ هڪ خالي دڪان جي خريداريءَ لاءِ وٽن پهتو. ريئل اسٽيٽ هلائيندڙ سندس ظاهري وظع قطع کي ڏسندي سمجھي ويو ته هي ڪو دڪان خريد ڪرڻ جي قابل ئي ناهي سو کيس پڄائڻ لاءِ دڪان جي قيمت تمام گھڻي يعني ڏيڍ ڪروڙ ٻڌائي. پٺاڻ ڪجھ دير سوچ ۾ گم ٿي ويو ۽ سندس جواب “مجھے منظور ہے” ريئل اسٽيٽ هلائيندڙ جا هوش اڏاري ڇڏيا. ان کيس پنهنجي پاسي ۾ ويهاري کانئس پڇيو ته “خان صاحب اتنے مہنگے دکان میں تم کیا  کاروبار کروگے” پٺاڻ جي جواب کيس ۽ اسان سمورن ويٺلن کي صفا پنڊ پهڻ ڪري رکيو جنهن چيو هو ته “ہم اس میں چائے کا دکان کھولے گا”. اندازو لڳايو ته ڏيڍ ڪروڙ جي دڪان خريد ڪري ماڻهو چانهه جو هوٽل پيا کولين، اهي ڪي چريا ناهن يا وٽن ڪو پئسو گھڻو ناهي پر حقيقت ۾ ان ڌنڌي ۾ ڪمائي آهي ڪمائي... جڏهن شهرن سان گڏ روڊ به ستل هوندا آهن ته انوقت پٺاڻ پنهنجي هوٽلن کي کوليندا آهن ۽ پوءِ سڄو ڏينهن ميلي وانگر هوندو آهي، جتي هزارين ماڻهو ايندا ۽ ويندا رهندا آهن ته هو ڪنهن جري سپاهي وانگر پنهنجي مورچي تي اٽل بيٺل نظر ايندا آهن، شام کان پوءِ جھونجھڙڪي جو جڏهن شهر جا رستا ٿڪجي پوندا آهن، ماڻهو جيڪي اڪيچار ڪم ڪري پنهنجن پيارن سان چند گھڙيون اڌ ڪوپ چانهه تي ڪچهريءَ جا خواهشمند هوندا آهن ته اهي ساڳيا پٺاڻ اڌ رات کان پوءِ به جاڳيل رهندا آهن ۽ پنهنجو ڌنڌو هلائيندا آهن. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جي نوجوانن کي بس سرڪاري نوڪري گھرجي، ڀلي پٽيوالي هجي، چوڪيداري هجي، سويپر جي هجي پر هجي نوڪري ۽ شهرن ۾ به ڪو هلڪو ڦلڪو ڌنڌو ڪرڻ بدران وري اسان جا نوجوان ڪندا بيراگيري، سڄي عمر پيا پراون هوٽلن تي مانيون، چانهيون ڏيندا ۽ ٿانو کڻندا ۽ ڌوئيندا رهندا. ڪراچي اندر رهندڙ سنڌي نوجوانن کي گھرجي ته هي سرڪاري يا خانگي نوڪرين ڪرڻ واري پنهنجي سوچ کي لغام ڏئي بنا دير پنهنجا ڪي ننڍا وڏا ڪاروبار شروع ڪن، مون کي يقين آهي ته اهي ڏهن سالن جهڙي مختصر عرصي اندر ڏهن ٻين کي روزگار ڏيئي سگھڻ جهڙا ٿي ويندا ۽ ڏينهون ڏينهن سندن بئنڪ بيلنس وڌندو رهندو. قلندري هوٽل کان اٿي جڏهن بمبئي هوٽل واري پاسي کان لنگھيم ته مون کي اتي پنهنجو پرين پيارو ممتاز ويسر ياد اچي ويو. ممتاز ويسر هڪ اهڙو مسافر هو جنهن کي سفر ڪرڻ کان سواءِ ننڍ ڪونه ايندي هئي. ڪراچي ته سندس ٻيو گھر هو. جيستائين سندس پٽ اشفاق ويسر کي نوڪري نه ملي هئي ۽ هن ڊفينس ۾ فليٽ نه ورتو هو تيستائين سندس ٺڪاڻو بمبئي هوٽل جي ڀرسان هڪ هوٽل جو مخصوص ڪمرو هو. مان ڪراچي پهچندي کيس ڪال ڪندو هوس پوءِ جيئن اڪثر هو اتي ئي هوندو هو ته انهن هوٽلن جي ڀرسان جڙيل پل جي پاڇي ۾ هڪ رياستيءَ جي مانڊڻي نما هوٽل تان کير پتي چانهه پيئندا هياسين. ممتاز جيڪو صبح جو اٿڻ  سان کير پتي چانهه سان گڏ ڪاوش، عبرت ۽ ڊان به خريد ڪندو هو. وٽس درخواستن جو ڍير هوندو هو ائين لڳندو هو ته کيس ڪا تمام گھڻي تڪڙ آهي ۽ هو پنهنجا ڪم جلدي جلدي اڪلائڻ ٿو گھري، سندس ڪم ته ڪجھ ٿيا گھڻا رهجي ويا پر هو خود هڪ ياد بڻجي ويو آهي. جڏهن به نواب شاهه واري روڊ تان سوئي گئس واري چئو دڳي، ڪينٽ اسٽيشن، بدر ڪمرشل جا ايريا گھمندو آهيان ته مون کي سندس ياد ايندي آهي. کلڻو، ملڻو، بي ضرر، يارن دوستن تي ساهه ڏيندڙ ممتاز ويسر ناهي ته بيچ لگزري يا آرٽس ڪائونسل ۾ مچندڙ ميلن ۾ وڃڻ تان منهنجو ارواح ئي جهڙوڪر کڄي ويو آهي. ممتاز کي ساريندي دل اداس ٿي ويئي هئي پر منهنجا قدم برابر هلي رهيا هيا ۽ هلندي هلندي مون کي هڪ ويران عمارت نظر آئي، جنهن جي ٻنهي وڏن لوهي دروازن تي وڏا ڪلف لڳل هيا ۽ ڀت تي ڪنڊن وارون تارون وڇايل هيون ۽ جنهن تي ٻاهريان لکيل هو ته “هي حڪومت انڊيا جي ملڪيت آهي”. هي اها عمارت هئي جتي ڪنهن وقت هندستان جو ايمبيسيڊر ويهندو هو ۽ سنڌ وارن کي هندستان جي ويزا لاءِ اسلام جا چڪر ڪاٽڻا ڪونه پوندا هيا. خبر ناهي ڪهڙن سببن ڪري پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ کان اها سهولت کسي ويئي. ان کان ٿورڙو اڳيان هڪ نئون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ پلازهه زم زم ٽاور جڙيو آهي جنهن ۾ اڃا انساني آبادي جا ڪي آثار نه هيا پر وسيع ايريا ۾ خوبصورت عمارت سازي ٿيل هئي ان جي مک دروازي تي هڪ پراڻي دئور جي وڏي پيجارو بيٺل هئي جنهن هيٺيان هڪ زخمي ڪتو پنهنجي زخمن کي زبان سان چٽي علاج ڪري رهيو هو ۽ پاسي ۾ هڪ رڪشا بيهاري ان جو ڊرائيور ڪنهن پنهنجي يار دوست سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو. اهو ڏسي خوشي ٿي ته ڪي سنڌي ته آهن جيڪي هن وڏي ملڪ جهڙي شهر ۾ ڪاروبار اهو کڻي رڪشا هلائڻ وارو آهي ڪن ته ٿا.ان کان ٿورڙو اڳيان وسيع ايريا ۾ هڪ وسيع محلات جنهن جي ڀتين تي پڻ ڪنڊن وارون تارون وڇايل هيون ۽ ان عمارت سان لڳ جيڪو رستو هو اهو بند هو، عمارت جي سامهون پوليس پڪٽون قائم هيون. مان سمجھي ويس ته اها پڻ ڪنهن ملڪ جي ايمبيسي هوندي پر حيرت جهڙي ڳالهه اها هئي نه ته ان عمارت تي ڪو جھنڊو لڳل هو نه ئي ان جي در تي سڃاڻپ طور ڪنهن ملڪ جو نالو لکيل هو، مان سوچڻ لڳو هوم ته ڪيڏي نه سلامتي آهي مملڪت خداداد پاڪستان ۾!!؟؟

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو