Tuesday, September 22, 2020

گل بھار ھڪ سلڇڻو نوجوان


 

گل بهار ڪٽوهر جيڪو رت جي رشتي ۾ ته منهنجو وڏو پٽ آهي پر ساڻس منهنجو علمي ڳانڊاپو گھرو آهي. ايم بي اي، ايم اي سوشيالاجي، ايم ايڊ ڪندڙ گل بهار کي ڪتابن سان بي انتها پيار آهي. ڪتابن جي مطالعي جو نتيجو ئي آهي ته هو ڳچ عرصي کان مختلف سنڌي اخبارن ۾ سماجي، معاشرتي، مذهبي ڪالم لکندو پيو اچي. هاڻي وٽس سندس ڪالمن جو ايترو ته ذخيرو گڏ ٿي ويو آهي جو جيڪڏهن هو ان کي گڏ ڪري ڇپائي ته مڪمل ٻہ ٽي ڪتاب ٿي سگھن ٿا. ڪالمن لکڻ کان سواءِ گل بهار شاعري تي پڻ طبع آزمائي ڪندو رهندو آهي ۽ سندس شاعريءَ جا ڪيئي اسم مختلف فنڪار ڳائي به چڪا آهن. اين سي ايڇ ڊي خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ پروگرام مينيجر (تعليم) واري نوڪري کي ايمانداري سان سرانجام ڏيندي سندس چيلهه چٻي ٿي ويئي آهي. اين سي ايڇ ڊي جي حصي ۾ سرڪار اهي اسڪول رکيا آهن جيڪي هڪ ته اهڙين جاين تي آهن جتي ڪو وڃڻ به گوارا ناهي ڪندو ۽ ٻيو ته اسڪولن اندر  ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت (بجلي، فرنيچر، ليٽرين، بائونڊري، ڪلاس رومس) موجود ناهي هوندي پر پوءِ به سندس جيڪا ٽيم آهي انهن جي اندر ۾ ڪو الڪو آهي، ڪو انهن جي اندر ۾ ڪو جذبو آهي، جنون آهي ۽ اهو آهي ته سنڌ جي تعليم کي سنوارڻو آهي،  غريبن جي ٻارڙن کي پڙهائڻو آهي، ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به نموني سو گل بهار ۽ سندس ٽيم ان معاملي ۾ سؤ سيڪڙو ڪامياب آهي. حالانڪه ائين ناهي ته اين سي ايڇ ڊي جا اسڪول برباد آهن پر ان ۾ ڪم ڪندڙ جيڪي نوجوان آهن انهن جو ڪيريئر به سالن کان هوا ۾ لڙڪيل آهي.  اين سي ايڇ ڊيءَ جا سمورا ملازم بي عزتي جي حد تائين گھٽ پگھار ۽ سهولتن تي ڪم پيا ڪن. مون کي خبر آهي ته گل بهار ڪيئن زندگي پيو گذاري. شايد کيس مسڪين ماڻهن جي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ وارو ثواب پيو ملي ته سندس ٻار به تعليم پيا حاصل ڪن هونئن اقتصادي طرح سندس حالت ڏاڍي وگرگون آهي. 

گل بهار ۾ ڪنهن به اداري کي هلائڻ واريون سموريون اڳواڻي واريون صلاحيتيون به اتم موجود آهن. اين سي ايڇ ڊي جي سؤ کن ملازمن جي ٽيم کي ڪاميابي سان ڪم وٺڻ، انهن کي سرگرم رکڻ، انهن جي مانيٽرنگ ڪرڻ، انهن جي مدد ڪرڻ سان گڏ اداري اندر ويهي رپورٽون لکڻ ڪو عام نوجوان ڪري سگھڻ کان قاصر آهي. گل بهار ٽيم توڙي اڪيلائي ۾ ڪم ڪرڻ جو ماهر آهي. سنڌي، انگريزي، اردو ۾ ڪمپوزنگ سان گڏ ايم ايس آفيس جي ورڊ    ، ايڪسل، پي پي ٽي آپشن تي عبور رکندڙ گل بهار ڪم ڪري ڪري پنهنجي مٿي جا وار ته وڃائي چڪو آهي پر سندس مهانڊي تي نه ته ڪا ٿڪاوٽ آهي، نه مايوسي آهي، هو ڪم ڪرڻ واري معاملي ۾ اڄ به ٽين ايجر واري طاقت رکي ٿو. اڄ سندس ڄم جو سڀاويڪ ڏهاڙو آهي، مان کيس مبارڪون ڏيندي سندس ڪامياب، خوشحال ۽ وڏي ڄمار جون دعا ٿو گهران. شل گل بهار پنهنجي سهڻي سڀاءُ سان سهڻي سنڌ ۾ سڳند ورهائيندو رهي. آمين.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو