Tuesday, September 22, 2020

بي ڪام آنرس جو پھريون ڪلاس، سنڌ يونيورسٽي شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور

 





هي ان زماني جي ڳالھ آھي جڏھن سنڌ يونيورسٽيءَ پاران خيرپور ۾ شاھ عبداللطيف ڪيمپس قائم ڪئي ويئي هئي ۽ ڪجھ سالن کان بعد ڪيمپس ۾ شام جو ايم ڪام جا ڪلاس هلايا ويندا هيا. اهو 1981ع وارو سال هيو تہ ڪيمپس ۾ ٽن سالن تي ٻڌل بي ڪام آنرس جا ڪلاس شروع ڪيا ويا هيا. ان پهرين ڪوهرٽ ۾ خوش قسمتيءَ سان مان بہ شامل هيس ۽ مون سان گڏ ڦوٽوئن ۾ نظر ايندڙ هي ٻہ موتيءَ داڻن جهڙا محبوب دوست عبدل سبحان سولنگي ۽ پيارو غلام سرور ڪيريو بہ شامل هيا.
غلام سرور ڪيريو سان تہ منهنجو ڪنهن نہ نموني رابطو رهندو آيو آهي پر پياري سبحان سان چاليهن سالن کان بعد ملاقات ٿي آهي. چاليھ سال تمام گهڻو وقت آهي، ان وقت اسان سڀني جي الهڙ جواني هئي ۽ مستي ۽ سرمستيءَ هوندي هئي ۽ هاڻي لڳ ڀڳ اسان سڀني جا ٻار وڏا ٿي چڪا آهن، سندن شاديون ٿي ويون آهن ۽ اهي گهر ٻارن وارا ٿي ويا آهن. مون جيئن تہ مئٽرڪ بعد ڪيترائي تعليمي ڪيريئر وارا سال زيان ڪيا هيا ۽ جڏهن ڪيمپس ۾ داخلا ورتي هئم تہ گهڻن ٽڻن کان عمر ۾ وڏو هيم ان ڪري مون پنهنجي سرڪاري سروس پوري ڪري رٽائرڊ منٽ وٺي ڇڏي آهي پر اسان جي ان ڪوهرٽ جا ڪيترا ساٿي اڃا نوڪرين ۾ آهن. جيئن عبدل سبحان سولنگي نيشنل بئنڪ ۾ آفيسر آهي ۽ غلام سرور ڪيريو ريونيو ڊپارٽمينٽ ۾ تپيدار جي ڊيوٽي پيا ڏين.
ايترا پراڻا يونيورسٽي جا ڪلاس فيلو جڏهن گڏبا آهن تہ يادگيرين جا ڪيئي دفتر کلي پوندا آهن جنهن ۾ اڪثريت مرڪڻ، ٽهڪن جي هوندي آهي ۽ اسان بہ پنهنجي ان دئور کي ياد ڪري دل کولي کليا هياسين. هن ننڍڙي محفل ۾ ڪوشش ڪري سمورن ياد ۽ وسري ويل ڪلاس فيلوز کي نالو وٺي ياد ڪيوسين. جن ۾ غلام سرور ڇڄڙو، هدايت شر، بهادر شر، اي ڊي شاهاڻي، ممتاز جوڻيجو، قادر ڌاريجو، امتياز سولنگي، وڏيرو بخشل خان سولنگي، نادر خواجہ، سڪندر خاصخيلي، مختيار حاجاڻو، مرحوم غوث بخش سهتو، شبير جمالي، مجيد شر ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
اسان اهو بہ فيصلو ڪيو تہ پهرين مرحلي ۾ آس پاس ۾ رهندڙ دوستن جي ڪا ڪچهري رکي ماني بہ کائجي تہ مستقبل ۾ ڪنهن وڏي ري يونين لاءِ رٿابندي پڻ ڪجي.
مون هن ڪچهريءَ جون ڪجھ جهلڪيون رڪارڊ ڪري ڇڏيون اٿم جن کي جلد پنهنجي يوٽيوب چينل تي رکندس.
اسان جي هن بيج جو ڪوبہ دوست منهنجي هي تحرير پڙهي تہ اهو هن منهنجي اسٽيٽس تي تبصرو ڪري اطلاع ڏي ۽ پڻ ٻين دوستن کي بہ مينشن ڪري.
پنهنجي هن گروپ ۾ شامل سڀ سنگتي (هڪ ٻن کي ڇڏي) وڏين وڏين پوسٽن تي پهتا آهن، جن پنهنجين پنهنجين فيلڊس ۾ پنهنجي علمي قابليت ۽ عمل سان پاڻ مڃايو آهي ۽ ماشاءَﷲ خوشحال زندگي پيا گذارين. هن مرحلي تي پاڻ تي بہ فرض ٿئي ٿو تہ پاڻ پنهنجي معاشري يا ايندڙ نسل کي اڃا وڌيڪ بهتر شيءِ ڪهڙي ڏئي سگهون ٿا. منهنجي خيال ۾ تہ هاڻي اسان سڀني کي ان آئيڊيا تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو