Tuesday, June 14, 2016

اجتماعي خود ڪشي ڏانهن ويندڙ سماج


آمريڪا جي شهر اورلينڊو جي هڪ هم جنس پرستن جي ڪلب ۾ فائرنگ ڪندي 49 انسانن کان هن جهان ۾ رهڻ جو حق کسيندڙ پاڻ به هم جنس پرست ئي نڪتو. تازو جيڪا تحقيق ٿي آهي جنهن ۾ سندس هم جنس پرستيءَ جا پڪا ثبوت سامهون آيا آهن. ڪلب جي ميمبرن، سندس اڳوڻي گھر واري، سندس والد ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. 

http://www.sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130403976&Issue=NP_HYD&Date=20160615

فائرنگ جا محرق کڻي ڪهڙا به هجن پر اهو انسانيت خلاف هڪ انتهائي سنگين جرم هو جيڪو متين نالي افغان نوجوان ڪيو هو. ان جا اثر سالن تائين رهندا جنهن ۾ خاص ڪري مغرب ۾ رهندڙ مسلمان ڪميونٽيءَ کي تمام گھڻيون مشڪلاتون پيش اينديون.

مون کي ان خوني حملي سخت دلي صدمو ته رسايو ئي هيو پر ان کان وڌيڪ صدمو اسان جي غير ذميوار اردو ميڊيا جو رهيو. جماعت اسلامي جي امت اخبار ته سڀ ليڪا لتاڙي ويئي ۽ ان انسانيت خلاف عظيم جرم جي مذمت ته رهي هڪ پاسي پر هن پنهنجي ليڊنگ خبر اها هنئي ته افغان نوجوان 50 آمريڪين کي ڀنڃي ڇڏيو.




جهڙوڪر اهي ڪي تتر يا ڪڪڙ هيا. اردو ميڊيا جي ان نموني جي روئي مان اهو تاثرٿو ملي ته جهڙوڪر اهو حملو بي راهه روي جي شڪار آمريڪن کي راهه راست آڻڻ لاءِ ضروري هو ۽ اهي جيڪي مري ويا اهي جهنم رسيد ٿيا ۽ حملو ڪندڙ غازي صلاح الدين جهڙو هيرو هيو.  

 ٻيو جيڪو مون کي افسوس ٿيو ته اسان جي سوشل ميڊيا تي به هن خبر ڪا گھڻي پذيرائي حاصل نه ڪئي. ائين پئي محسوس ٿيو ته مذهبي شدت پسند گروپن سان گڏ نام نهاد لبرل پڻ جهڙوڪر ان خوني حملي تي ناراض ناهن ٿيا. ڪنهن به غلط ڪم ڪار يا واقعي جي مذمت نه ڪرڻ به ان واقعي جي حمايت ئي ليکي ويندي. 

هاڻي سڀني کي اها خبر پئجي ويئي آهي ته جنهن حملو ڪيو هو ان جو پنهنجو به ساڳي وهنوار ۾ مڪمل نموني ڪارو منهن هيو. اسان جا ماڻهون ۽ ميڊيا وارا بنا ڪنهن اڳواٽ تصديق جي غير ذميواراڻو رويو اختيار ڪندي خبرن ۾ سنسي پيدا ڪري اخبار جو وڪرو ته وڌائيندا آهن پر سندن اهڙي عمل جا عام ماڻهن جي دماغن تي انتهائي غلط اثر پوندا آهن ۽ اهي به هابرڊ قسم جي نفسيات جا مريض ٿي ويندا آهن. هتي رڳو پرنٽ ميڊيا جو مسئلو ناهي هتي ته هڪ کان هڪ ناٽڪي ٽي وي چينلس تي دين جا عالم ٿيو ويٺا آهن ۽ سندن من ۾ جيڪو گند آهي ان کي اوڳاڇي، ٽي وي ڏسندڙ سامعين جو مٿو به پيا ڦيرين. اسان جو معاشرو حقيقي معنى ۾ هڪ وڏي نفسياتي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. هر ماڻهون جي هٿ ۾ لٺ آهي، هر ماڻهون تبليغي آهي، هر ماڻهون مومن ۽ جهادي آهي پر انهن مان 95 سيڪڙو ماڻهون پاڻ انهن ڳالهين کان ڪوهين ڏور آهن. بس سندن اهو مطالبو آهي ته سماج اندر رهندڙ باقي سمورا ماڻهون ائين ئي ڪن جيئن اهي حڪم جاري ڪن ٿا. هت فيس بوڪ تي ڪجھ منهنجا پرين پيارا آهن جيڪي حاڪمانه انداز سان مون کي چوندا آهن ته تون هي ڇو لکيو تو هن ڦوٽو کي شيعر ڇو ڪيو تو هي تبصرو غلط ڪيو وغيرهه.

هونئن به اسان جي مسلم دنيا اندر خدائي فوجدار هئڻ جو انتهائي شدت پسند، انتهائي غلط، انتهائي غير اسلامي، انتهائي نقصانڪار ۽ انتهائي مجرماڻو عمل شروع ٿي ويو آهي.  ڪي مخصوص ماڻهون ٻين ڪن انسانن کي قتل ڪن ٿا، مٿن حملو ڪن ٿا، سندن گھر ساڙين ٿا، زندهه جلائي ڇڏين ٿا رڳو ان ڪري ته کين شڪ هوندو آهي ته اهو فرد يا اهو گروهه ڪو ڏوهه ٿو ڪري يا انهن مٿان اهڙي ڏوهه ڪرڻ جو کين شڪ هوندو آهي يا اهي مٿن اهو الزام ڌري خوني ڪاروايون ڪري پنهنجي انسان دشمن ڪارواين تي پردو رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

اجتماعي خودڪشيءَ ڏانهن ويندڙ هن سماج لاءِ بس دعا ئي ڪري سگھان ٿو. 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو