Monday, June 6, 2016

معذوري مجبوري ناهي


مارچ 2013ع ۾ مون هڪ ٽريننگ ضلع شڪارپور جي شهر لکيءَ ۾ ڪرائي هئي. 28 مردن ۽ عورتن تي مشتمل ان گروپ ۾ هڪ نوربانو به هئي. هوءَ ٻارهن ٻارن جي ماءُ هئي. سندس چوڻ هو ته هن هڪ پنهنجي ڇوڪري کي اسڪول ۾ داخلا وٺرائي هئي پر سندس ان پٽ پڙهڻ واري ڪم سان ٽڪي جي به دلچسپي نه ڏيکاري  سندس چوڻ هو ته ”ان ڪري مون کيس موٽر مڪينڪ جي دڪان تي ڇڏيو جتي هاڻي اهو سٺو ڪم ڪار سکي چڪو آهي“.  هن پنهنجو داستان اڳتي وڌائيندي ٻڌايو ته  ”منهنجو هڪ ٻيو پٽ پوليو جي مرض ڪري معذور آهي، پر هو ڏاڍي همٿ وارو آهي ۽ وڏي شوق ۽ چاهه سان درزڪو ڪم سکيائين، هاڻي کيس پنهنجو دڪان آهي جتي پاڻ به ڪم ڪندو آهي ته ڪجھ ٻيا ڪاريگر پڻ اتي ڪم ڪندا آهن ۽ سندس سٺي ڪمائي آهي. کيس پنهنجي ڌنڌي ۾ ڀڙ ڏسي ويجھي هڪ مائٽ ساڻس مٽي ڪئي ۽ هاڻي کيس ٽي نياڻيون آهن جڏهن ته ڇوٿون ڇوڪرو سندس گھرواريءَ جي پيٽ ۾ آهي“.  هن پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته ”ان منهنجي پٽ وٽ ڪن ادارن جا ماڻهون آيا جيڪي معذور ماڻهن جي مدد ڪندا آهن ۽ هنن کيس به مدد جي آڇ ڪئي پر منهنجي پٽ اهو چئي کانئن ڪجھ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته کيس الله تعالى سڀ ڪجھ عطا ڪري ڇڏيو آهي اوهين ڀلي مون جهڙي ڪنهن ٻئي معذور جي مدد ڪريو جيڪو ڪمائي جي لائق نه هجي“.

ان سکيا هلندي مون سکيا وٺندڙ دوستن سان گڏجي لکيءَ جو چڪر هنيو هو. شهر جي هڪ چوڪ تي عاشق سولنگي جو درزڪو دڪان آهي. اسين ان تي چڙهي ساڻس سندس ڪاروباري سرگرمين جهڙوڪر موڙي، هنرمندي، آمدني متعلق سوال ڪري رهيا هياسين ته هن پنهنجي ڪاريگرن جو تعارف ڪرايو. سندس چئن ڪاريگرن مان ٻه پوليو جي مرض جا ماريل معذور هيا جڏهن ته ٻه ڪاريگر گونگا ۽ ٻوڙا هيا.

مان سنڌ اندر جڏهن به پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل بي روزگار نوجوانن کي روزگار خاص ڪري سرڪاري نوڪريءَ لاءِ ٽڪي پيسي جي سياستدانن، وڏيرن، ڪامورن جي درن تي ڌڪا کائيندي ڏسندو آهيان ته مون کي نوربانو جو معذور ڇوڪرو ۽ عاشق سولنگيءَ جا چار معذور ڪاريگر ياد اچي ويندا آهن. همٿ، توجهه ۽ جذبو هجي ته ماڻهون جسماني معذوري يا رڪاوٽن کي ٿڏي عزت ۽ وقار واري زندگي گذاري سگھي ٿو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو