Saturday, June 11, 2016

واڪا ڪرڻ مون وس: عورتن تي تشدد بند ڪريو



11/06/2016
ٻه ٽي ڏينهن اڳ هڪ خبر پڙهي هر اک آلي ٿي ويئي هئي ته هڪ ڇوڪريءَ نالي زينت کي سندس بي رحم ماءُ پسند جي پرڻي تي زندهه ساڙي ماري ڇڏيو هو. تازي خبر مطابق لاهور جي رهائشي پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺيءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو سندن ڏوهه به بس اهوئي هو ته انهن پسند جي شاديءَ وارو گناهه ڪيو هو. سنڌ جي ٿر واري علائقن ۾ ڪولهي، ڀيل، مينگھواڙ عورتن ۽ ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائيءَ بعد قتلن جون ڪيئي وارڌاتون رپورٽ ٿي چڪيون آهن. اڃا اهي خبرون پئي پڙهيم هڪ ٻي خبر دل ۽ دماغ تي بم وانگي ڦاٽ کاڌو. ملڪ جي مشهور ليکڪه ۽ سوشل ورڪر ۽ عورتن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪندڙ ماروي سرمد کي هڪ ٽي وي شو ۾ هڪ مولانا پاران گاريون ڏنيون ويون. بقول ماروي سرمد جي ته مولانا کيس رنڊي ڪوٺيو ۽ اهو به چيو ته هو سنديس ۽ سنديس ماءُ جي شلوار لهرائي ڇڏيندو ۽ مٿس الرون ڪيون. ٽي وي انتظاميه جي محافظن بعد ۾ ڪاوڙيل مولوي صاحب کي گھر روانو ڪري ڇڏيو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي شيراني صاحب پاران عورتن جي هڏن نه ٽٽڻ جي حد تائين تشدد کي جائز قرار ڏنو ويو. قومي اسمبليءَ جي فلور تان ملڪ جي وزير دفاع مسٽر خواجه آصف پاران تحريڪ انصاف جي عورت ميمبر شيرين مزاريءَ کي ٽريڪٽر جي ٽرالي سان ڀيٽ ڏيڻ ۽ پنهنجي ان ڳالهه کي صحيح سمجهندي ڪنهن به قسم جي معذرت ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ وارن واقعن کي نظر ۾ رکي اهو جائز نموني چئي سگھجي ٿو ته پاڪستان عورتن لاءِ ته جهنم بڻجندو پيو وڃي جڏهن ته سندن حقن جي پاماليءَ جي حوالي سان جنت جهڙي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هتي جنهن کي وڻي اهو عورتن جي خلاف ڳالهائي سگھي ٿو، پنهنجي مردانگي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ عورتن کي مارڪٽ ڪري سگھي ٿو، غيرت جي آڙ وٺي ڪنهن به نياڻي کي گولين جو پروڻ ڪري ٻن مهينن ۾ ضمانت تي آزاد ٿي پاءُ تيل مڇن کي هڻي گھمي سگھي ٿو.  پاڪستان اندر عورتن جي جذبن سان گڏ سندن جسمن کي آڙاهن ۾ ساڙڻ ڪا وڏي ڳالهه ته نه رهي آهي. اهڙن خونخوار، خوفناڪ مامرن تي عام ماڻهونءَ کان وٺي سرڪاري ڪارندن، سياستدانن، فوجي جرنيلن يا عالم دين جي دعويداري ڪندڙن مان ڪنهن جي به غيرت جي رڳ نه ٿي ڦڙڪي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جو ڌاريو دهشت گرد ڪنهن ڌارئي ملڪ جي ڊرون حملي ۾ اسان جي ”مقدس سرزمين“ تي مارجي ٿو وڃي ته ٿرٿلو ٿو مچي وڃي پر ملڪ اندر عورتن سان روزانه مهاڀارين لڙاين تي اسين سڀ اٺ پکيءَ وانگي واريءَ ۾ منهن وجھي پيا هلون.  

منهنجي خيال ۾ ته اهڙا معاشرا ڌوڙ اڳتي وڌندا جن جي اڌ آبادي کي انسان ئي نه سمجھيو وڃي. جن جي ڪٿي به عزت نفس سلامت نه هجي. ٿر جي پوئتي پيل علائقن کان وٺي لاهور جي پوش محلن، ٽي وي ٽاڪ شوز کان وٺي قومي اسمبلي جي فلور تائين، مسجدن، مدرسن کان وٺي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي مهندارن وٽ به انهن جي حيثيت ڪنهن جانور جيتري هجي. ضروت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن سان متڀيد وارن قانونن کي هڪدم ختم ڪري عورتن جي حقن جي حفاظت لاءِ ڪي نوان، ترقي پسند، سيڪيولر خيالن تي ٻڌل قانون پاس ڪري ملڪ جي اڌ آباديءَ کي مڪمل تحفظ ڏنو وڃي. واڪا ڪرڻ مون وس....   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو