Tuesday, June 28, 2016

خوابن جي ساڀيان لاءِ ڪيل هڪ ننڍڙي سفر جي ڪٿا


جن جي من ۾ خواب هوندا آهن اهي خواب کين ننڊ ڪرڻ، آرام ڪرڻ، ٿانيڪو ٿي هڪ جاءِ تي ويهي رهڻ ناهن ڏيندا. 24 جون 2016ع تي سائين صدر پنهور ڪراچي جي گلشن حديد کان روهڙي اچي پهتو هو. صدر پنهور کي پنهنجي خواب جي ساڀيان لاءِ سنڌ جي سرحدي شهر تنگواڻيءَ وڃڻ جي اڻ تڻ هئي. ساڳيون سوچون سائين حڪيم زنگيجي، سائين بشير سميجي سميت منهنجيون به هيون. صبح جو سويل پوڻين اٺين وڳي صدر ۽ سائين حڪيم کي کڻي زيرو پوائنٽ سکر وٽ مقرر ٽائيم يعني پوري اٺين وڳي پهتا هياسين ته بشير سميجي حيرت جو اظهار ڪيو هو ۽ سندس چوڻ هو ته ”يار اوهان ته ٽائيم جي پابنديءَ جي سلسلي ۾ انگريزن کي به مات ڏئي ويا آهيو.“ سندس حيرت ان ڪري به جائز هئي ڇوته ملڪ خداداد پاڪستان ۾ محفلن، دعوتن، شادين مرادين، پروگرامن ۾ دير سان پهچڻ عام ۽ هلي چلي ڳالهه آهي. ڪنهن محفل ۾ مهمان خاص يا صدارت ڪندڙ ماڻهون جيتري دير ڪندو ماڻهون سندس قد ڪاٺ اوترو ئي وڏو سمجھندا. حالانڪه اها شرم جهڙي ڳالهه ڳڻڻ کپي ته سوين ۽ ڪڏهن ته هزارين ماڻهون محض هڪ ماڻهون جي انتظار ۾ هوندا آهن ته ڌڱاڻو خان اچي ته ڀير تي ڏوڪو لڳي. سائين حڪيم زنگيجو ۽ سائين صدر پنهور جن جو چوڻ هو ته ”ڀلي ڪو ٻيو ٽائيم جي پابندي ڪري يا نه ڪري پر پاڻ کي هر حالت ۾ اهو نئون ٽرينڊ متعارف ڪرائڻ گھرجي“ اهڙن خيالن تي بحث ڪندي اسان جو قافلو روان دوان هو.

 سکر جي شور کان ٻاهر نڪري جڏهن سکر شڪارپور روڊ تي پير رکيا هياسين ته مون صدر کي ٻڌايو هو ته ”هن روڊ جي ٻنهي پاسي قبائيلي سوچڻ جي آبياري ڪئي ويئي آهي ۽ ڪڏهن ته هي علائقا سنڌ جا وانا ۽ وزيرستان سمجهيا ويندا هيا“. جهانو خان، لکي شهر ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ تعليم تباهه آهي، امن جي پکي کي ڪهي ان جا تڪا ٺاهي سردارن کائي ڇڏيا آهن، صحت جو سهولتون ناپيد آهن، پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ماڻهن کي ميلن جو سفر ڪرڻو پوندو آهي پر وڏا وڏا محرابي گيٽ سردارن جي عظمت جي گواهي ڏيڻ لاءِ جوڙيا ويا آهن. ”ڪاش ڪو راحيل شريف جهڙو ماڻهون اچي هنن سردارن جي لاک لاهي“ صدر پنهنجي راءِ ڏني. مون کيس وراڻيو ته ”يار هي جيترا مڙس ماڻهون نظر اچن پيا اوترا ناهن هنن لاءِ تڪ جو ايس ايڇ او ئي ڪافي آهي جيڪڏهن کيس مڪمل ايڪشن ڪرڻ جا اختيار ڏنا وڃن ته اهي کين رات وچ ۾ پنهنجي اوقات ڏيکاري سگھن ٿا.“ 

 ڳالهين مان ڳالهيون به هليون پئي سفر به جاري هو. جڏهن اسان جو هي قافلو شڪارپور باءِ پاس روڊ کي ڇڏي ڪنڌڪوٽ ڏانهن مڙيو هو ته اتان کان وٺي خانپور تائين وارو روڊ ”هاضميدار“ هو. ياد رهي ته مان جھاڪن، کڏن کوٻن سان ڀريل روڊن کي هاضميدار روڊ چوندو آهيان. هونئن نيشنل هاوي اٿارٽيءَ پاران جڙيل شاندار روڊن کي ڇڏي اوهان شڪارپور، جيڪب آباد، ٺل، لاڙڪاڻو، وارهه يا سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ هليا ويندا ته اوهان کي اهڙا ئي منظر ڏسڻ لاءِ ملندا. سنڌ اندر ترقي رڳو چونڊيل ”عوامي نمائندن“ ڪئي آهي باقي عام ماڻهون، شهر، وستيون ۽ واهڻ ويراني ۽ بربادي جا شاهڪار نمونا بڻجي رهجي ويا آهن. اسان جڏهن جھاڪن جون ڳالهيون پئي ڪيون ته حڪيم اهو ٻڌائي اسان مٿان وڄ ڪيرائي وڌي هئي ته ”سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ جتي ويم جون سهولتون ناپيد آهن ڳور هارين عورتن، جن جا ڏينهن پورا ٿيڻ وارا هوندا آهن، کي بيل گاڏين تي چاڙهي هر ڪاهيل زمين ۾ گھمايو ويندو آهي.“ اهو ٻڌي اسين سڀ اهڙا ته خاموش ٿي ويا هياسين جهڙوڪر اسان کي نانگ سنگھي ويو هجي. 


غوثپور شهر کان تنگواڻي لاڙي ڏانهن ويندڙ سمورور رستو گند جو ڍير هيو جنهن کي شهر جي گھٽي چوڻ ڪنهن به صورت مناسب نه هو. صاف نظر پئي آيو ته دڪاندار، گراهڪ گند ڪچرو وچ روڊ تي ڦٽي ڪندا آهن، جنهن جي صفائي ڪڏهن به ناهي ٿيندي، اهو منظر ڏسي ائين پئي لڳو ته اسين تاريخ کان اڳ جي ڪنهن فلم جو سين پيا ڏسون!


سنڌ جي سورن جي هڪ تصوير اسان کي ٿورو اڳيان به نظر آئي جڏهن ٻه ننڍڙا پيرين اگھاڙا ٻار ڏاند گاڏيءَ ۾ ڏاندن جي جاءِ تي ڍڪيل هيا ۽ ان کي ڇڪي رهيا هيا، جڏهن ته هڪ ننڍڙو ٻار ۽ هڪ عمر جو وڏو نوجوان گاڏي تي سوار هيا. اسان کي ان منظر صفا منجھائي وڌو هو. سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ان کي ڪهڙو عنوان ڏيون. موهن جي دڙي مان جيڪا بيل گاڏي اسان کي ملي هئي سنڌ وارا اڃا تائين ان تي گذارو پيا ڪن! دنيا ڪٿي پهتي آهي ۽ اسان اڃا ڪٿي پيا بانبڙا پايون. ڇا ايڪويهن صدي جيڪا ٽيڪنالاجيءَ جي صدي آهي ان ۾ اسان ان نموني دنيا وارن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلي سگھنداسين؟ ڇا اسان جا معصوم ٻار ائين پيرين اگھاڙا هوندا؟ ڇا اسان کين ائين ئي جانورن وانگي استعمال ڪندا رهنداسين؟ ڇا تعليم، صحت، امن امان وارو ماحول، روزگار جا ذريعا اسان کين مهيا ڪري ڏئي سگھنداسين؟ منهنجي خيال ۾ ته ساڃهوندن ۽ خاص ڪري سنڌ اندر ترقي پسند سياست ڪندڙن لاءِ اهي سوال وڏي للڪار رکن ٿا. هي جيڪي اقتدار جا بکيا سياستدان آهن انهن مان عام ماڻهون جي ڀلائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي. سنڌ جي پيڙيل طبقي ۽ خاص ڪري مڊل ڪلاس ۽ هيٺين مڊل ڪلاس مان علم، ڄاڻ، عقل، ايمان، احساس، همٿ رکندڙ انسانن کي اڳتي اچڻو پوندو. هونئن به تاريخ ۾ حق پنندي ڪونه ملندا آهن ۽ ويڙهه سواءِ ٻي ڪا راهه به ته نه سُجھي. جڏهن اسان اهي ارمان پئي پچايا ته حڪيم زنگيجي اسان جي زخمي دل تي هي ڳالهه چئي پهو رکيو هو ته ”ها اسان جو هي سفر به ته ان سلسلي جي هڪ ڪڙي ئي ته آهي.“ 

روڊ جي ٻنهي پاسي ڪٿي ڪٿي پاڻيءَ جا وڏا تلاءَ هيا پر گھڻا تلاءُ اڃا پاڻيءَ کان بلڪل خالي به هيا. اهي تلاءُ مڇيءَ جي پيداوار ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن. مقامي دوست ٻڌايو پئي ته هتي جنهن وٽ به ڪجھ ٻنيءَ جا ٻارا آهن ته وٽس مڇيءَ جو ننڍو يا وڏو تلاءُ ضرور هوندو. سندس اهو به چوڻ هو ته مڇيءَ واري ڪاروبار ۾ سٺو منافعو آهي.  روڊ جي ٻنهي پاسي کان سارين جو رونبو جاري هو. رونبي واري ڪم ۾ گھڻائي عورتن جي هئي. مون اتي هڪ سوال اٿاريو هو ته ”يارو اسان جي ڌرتيءَ جا مرد، ٻار، ٻڍا، عورتون سڀ رات ڏينهن محنت واري ڪم ۾ جٽيل آهن پر پوءِ به کين اٽي جي سير جي حاصلات لاءِ پريشان رهڻو ٿو پوي،  آخر ان جو سبب ڪهڙو آهي؟“ منهنجي ان ڳالهه تي هڪ ڊگھو بحث ڇڙي پيو هو. بشير سميجي ٻڌايو ته هو ڳوٺ ويو هو جتي هن پنهنجي هڪ مائٽ کان پڇا ڪئي ته ”ڏي خبر تو وٽ ڪهڙي ۽ گھڻي ملڪيت آهي؟“  سندس جواب تي سندس مائٽ ٻڌايو ته ”خدا جو شڪر آهي کيس پنهنجو ٻني ٻارو آهي جنهن تي پاڻ پوکائي ڪندو آهي.“  وڌيڪ تفصيل اهو ٻڌايائين ته سندس بچت بس اهي ڪڻڪ جو ان آهي جيڪو ٻارهن مهينا گھر جا ڀاتي کائيندا آهن. بشير کيس چيو ته ” مان اوهان کان تمام گھڻو غريب آهيان پر اوهان کان منهنجي حياتي سٺي ٿي گذري؛ منهنجا ٻار سٺن اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، شهر ۾ رهندي اسان جي گھر جي جيڪڏهن بجلي هلي به ويندي آهي ته يو پي ايس ڪري بلب ۽ پنکا بند ناهن ٿيندا“. عين انوقت سامهون مينهون پئي ويون ۽ سائين حڪيم زنگيجي چيو ته ”جهڙي تهڙي مينهن جي قيمت به لک کان گھٽ ناهي ۽ جنهن ڀاڳئي وٽ ڏهه ويهه مينهون هجن ته اهو ڪهڙي نموني غريب آهي؟“ ڳالهه سندس غور طلب هئي. بشير چيو ته ”اهو سڄو معاملو مس مينيجمنٽ جو آهي“ جڏهن ته منهنجي راءِ هئي ته ”انهن ڳالهين سان گڏ جيڪو ماڻهون پيداوار ڪري ٿو ان کي صحيح اگھ به ڪونه ٿا ملن“ ۽  گڏيل راءِ اها هئي ته ان جو هڪ وڏي ۾ وڏو سبب ته محنت جو استحصال پڻ آهي. اسان جا ماروئڙا جيڪي چانور هت پوکين ٿا ڪراچيءَ جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾انهن مان اڌ پاءُ بريانيءَ جي پليٽ جي قيمت ڇهه ست سئو کان گھٽ ناهي جڏهن ته ڪڙميءَ کي ته پوري مڻ جا ست سئو مليا ته ڄڻ ڇيهه ٿي ويو. منهنجي راءِ اها به هئي ته ”اسان جي سرندي وارن توڙي غريب ۽ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي جن وٽ ڪو زمين جو ٽڪرو ناهي يا جن کي اتي ڪا ملڪيت وغيره به ناهي انهن کي شهرن جو رخ ڪرڻ گھرجي. شهرن ۾ صحت، تعليم، روزگار، امن امان جون سهولتون گھڻيون ته ناهن پر پوءِ به ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾ جھجھيون آهن. اتي پهچڻ سان کين غلاميءَ واري جاگيرداري، قبائلي نظام مان به آجبو ملي ويندو ته هوريان هوريان اهي پنهنجو پاڻ کي نئين ماحول ۾ ايڊجسٽ ڪري ويندا.“ صدر سائين احتجاجي نموني اعتراض اٿاريو هو ته ”سائين ان نموني ته اسان جي پيرن هيٺيان زمين نڪري ويندي“ مون جواب ۾ کيس چيو هو ته ”مون ڳالهه بي زمين ۽ ڪنهن به ملڪيت کان وانجھيل ماڻهن جي ڪئي آهي، اهي جيڪڏهن ڳوٺن ۾ رهن يا شهرن ۾ زمين جي مالڪي واري معاملي سان سندن ڪوبه سروڪار ناهي ۽ ٻيو ته سنڌي ماڻهن جو شهرن ۾ اچي رهڻ سان شهرن جي مالڪي مظبوط ٿيندي جنهن جي اڄ شديد ضرورت آهي ۽ جيڪي ماڻهون شهر ۽ ٻهراڙي ۾ رهڻ جو خرچ برداشت ڪري سگھن ٿا ۽ اهي اڳ ئي ائين ڪن پيا. سرندي وارن وڏيرن، پيرن، ميرن، جاگيردارن، سياستدانن مان ڪهڙو آهي جنهن کي ويجھي شهر يا ڪراچي، سکر، حيدرآباد يا ويندي اسلام آباد ۾ رهائش نه هجي؟“  اسان جون ڳالهيون هلي رهيون هيون، ڪار به پنهنجي رفتار سان روڊ تي ڊوڙي رهي هئي، پاسي وارا ڳوٺن جا منظر پويان ڀڄي رهيا هيا ۽ وقت کي ته ڪو بريڪ ئي ناهي هوندو. 

اسان تنگواڻيءَ ۾ دوستن کي ڏهين وڳي جو ٽائيم ڏنو هو ۽ پوري وقت تي اتي پهتا هياسين ته مقامي دوستن فون تي التجا ڪئي ته بس پنج منٽ ڪٿي ساهي پٽي اچو ته جيئن عوامي جمهوري پارٽي (اي جي پي) جا مقامي دوست تنگواڻي موڙ تي گڏ ٿي سگھن. وقت تي پهچڻ واري معاملي تي هڪ دفعو وري اسان ڳالهائڻ لڳا هياسين. بهرحال ٿوري جھٽ ساهي پٽي روانا ٿياسين ته تنگواڻي موڙ وٽ جڙيل گيٽ تي  AJP جي جھنڊن جو جھڳٽو نظر آيو.

 جتي ڪيئي نوجوان پنهنجي موٽر سائيڪلن سان گڏ بيٺا هيا. اسان جيئن ئي اتي پهتا هياسين ته ڪارڪنن نعرءِ اي جي پي جيئي اي جي پي، نعره سنڌ نعره تعليم، جيئي سنڌ جيئي تعليم جهڙن نعرن سان اسان جو گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو هو. ڪارڪنن سان گڏجي اسان جو قافلو پنهنجي منزل طرف روانو ٿيو هو 

۽ جڏهن اسان تنگواڻي شهر ۾ پهتاهياسين ته شهري وڏي اتساهه سان اسان جي ريلي کي ڏسي رهيا هيا. تنگواڻي سنڌ جي سرحدي شهرن مان هڪ آهي. تنگواڻيءَ کان ٿورو اڳيون شاهي شهر آهي ۽ اڳيان بلوچستان جي سرحد شروع ٿيندي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سان لڳ شهرن ۾ قبائلي سسٽم تمام مظبوط آهي، هتي رهندڙ قبائيلين ۾ گھڻيون ذاتيون بلوچن جون آهن. دليري، مهمانوازي، ياري دوستي نڀائڻ جهڙا گڻ رکندڙ دوستن سان ملي ڪري تمام گھڻي خوشي ٿي رهي هئي. اڳ مون تنگواڻيءَ جو صرف نالو ٻڌو هو ۽ اڄ ان شهر ۾ پير پاتو هوم جت وڻ نالي ڪابه شيءِ نه هئي. عوامي جمهوري پارٽي تعلقه تنگواڻيءَ جي ڪارڪنن جي تنظيمي گڏجاڻي شهر کان ٿورڙو ٻاهران ڪنهن ڳوٺ جي ڀڪ ۾ هڪ اين جي او ”لطيف ڊويليپمنٽ آرگنائيزيشن“ (LDO) جي آفيس ۾ رکيل هئي. ان اجلاس ۾ پنجاهي کن دوست شريڪ ٿيا هيا. پروگرام جي ڪمپيرنگ ۽ آجياڻي جي تقرير تنگواڻي اي جي پي جي روح روان محترم عبدالرحيم گورجاڻي جن پئي ڪئي. 


آجياڻي واري تقريب ۾ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيندي مختصر نموني علائقي جي سماجي، سياسي صورتحال تي پڻ روشني وڌائون. سندس چوڻ هو ته اڳ سندن علائقي ۾ تمام گھڻا قبائلي جھيڙا هوندا هيا پر جھيڙيندڙ برادرين وچ ۾ سرچاءُ ٿي چڪا آهن سواءِ سبزوئي ۽ ساوند قبيلن جي تڪرار جي جنهن ۾ تقريباً 175 انسان قتل ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته اهو جھيڙو هڪ معمولي ڳالهه تان شروع ٿيوهو. افسوس ته اهڙن جھيڙن جھٽن ۾ عام غريب ماڻهون ماريا ويندا آهن جن جو انهن جھيڙن جھٽن سان پري جو به ڪو واسطو ناهي هوندو، بس جھيڙيندڙ قبيلي سان همذات هئڻ انهن جو ڏوهه ٿي پوندو آهي. گورچاڻي صاحب وڌيڪ اهو به ٻڌايو ته گڊو ٿرمل پاور ڪشمور ضلع اندر آهي جنهن جي ڪري پوري پاڪستان جي گھرن ۽ ڪارخانن ۾ بجلي هلندي آهي پر افسوس ته ان نعمت کان ضلع جا ننڍا وڏا شهر ۽ ڳوٺ محروم آهن. پنهنجي ڳالهه وڌائيندي اهو به چيائون ته گئس جي پيداوار ۾ پڻ سندن ضلع ڪشمور تمام اهميت وارو آهي جتي ٻه وڏيون گئس فيلڊس هرهڪ ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ ۽ چاچڙ گئس فيلڊ آهن. چاچڙ گئس فيلڊ ۾ هن وقت ٻه هزار ملازم ڪم ڪن ٿا انهن مان سؤ ملازم به سنڌي نه هوندا ۽ انهن مان ڏهه ملازم به ڪنڌڪوٽ يا ڪشمور ضلع جا نه هوندا. 

گورچاڻي صاحب جي تقرير کان بعد مون کي پڻ ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو هو. مون پنهنجي تقرير ۾ اها ڳالهه ڪئي ته دنيا اندر اهو هڪ مڃيل اصول آهي ته قدرتي وسيلا جنهن علائقي ۾ ملن ته سڀ کان پهرين ان علائقي واسين جو ان تي حق سمجهيو ويندو آهي. جتي جتي قدرتي وسيلا مليا ته انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جون تقديرون ئي بدلجي ويون. پر افسوس ته سنڌ اندر الٽي گنگا پئي وهي. ان جو هڪ سبب ته اسان جي اقتداري پارٽين جي غداري آهي. اهي جڏهن ووٽ وٺڻ ايندا آهن ته گھر گهر وڃي ماڻهن جون ننڊو ڦٽائي ڇڏيندا آهن پر جڏهن پاور ۽ اختيار کين ملندا آهن ته اهي گڏهه جي مٿي تان سڱن وانگي گم ٿي ويندا آهن. ان سان گڏ اسان جي عوام کي پڻ زبان تي لڳل تالا بنديءَ کي ٽوڙڻ گھرجي. اسان جو عوام اقتداري وڏيرن کان فضيلت سان سوال ڪن ته قبلا اوهان ته ڪروڙپتي بڻجي ويا پر عام ماڻهونءَ جي حالت ۾ ته ڪو ڦيرو ڪونه آيو، کين صحت، تعليم، روزگار جون ڪي به سهولتون نه مليون ان صورت ۾ اسان اوهان کي ووٽ ڇو ڏيون؟


منهنجي تقرير کان پوءِ شعله بيان مقرر پياري حڪيم زنگيجي جو وارو هو. حڪيم جو چوڻ هو ته اسان جي ماڻهن کي سمجھڻو پوندو ۽ کين پنهنجي حقن لاءِ ويڙهاند ڪرڻي پوندي. حڪيم عوامي جمهوري پارٽي جي پاليسين متعلق ڳالهائيندي چيو ته اسان جي آئين ۾ واضع لکيل آهي ته يونٽ کان وٺي مرڪز تائين هر سال پارٽيءَ عهديدارن جي چونڊ ٿيندي ۽ جيڪي اميدوار حصو وٺندا ته انهن لاءِ لازم آهي ته ڪنهن به هڪ عهدي ته ٻن دفعن جي چونڊجڻ بعد کين هڪ سال انتظار ڪرڻو پوندو. اسان ان نموني سنڌ جي ترقي پسند سياسي پارٽين ۾ هڪ مثال قائم ڪيو آهي ته هي پارٽي ڪنهن به خاص فرد جي ناهي پر هي پارٽي سنڌ جي پارٽي آهي، سنڌي عوام جي پارٽي آهي ۽ سندس ڪارڪنن جي پارٽي آهي.  


آخر ۾ صدر الدين پنهور ايڊوڪيٽ عوامي انداز سان تمام تفصيلي تقرير ڪندي پنهنجو مؤقف بيان ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسان جي پارٽيءَ تمام ٿورڙي وقت ۾ تمام وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. اسان جي جدوجهد ڪري هنوقت تعليم وارو اهم موضوع هرزبان تي آهي. عوامي جمهوري پارٽي تعليم جي مسئلي تي وصل مارچ، شارٽ مارچ، لانگ مارچ ڪري سنڌ جي ماڻهن کي تعليم جي اهميت کان واقف ڪيو. هونئن اها به حقيقت آهي ته جيستائين تعليم نه سڌرندي اسان جي سياست، اسان جي معيشت، اسان جي زندگين جو عام وهنوار نه سڌرندو.

آخر ۾ صدر پنهور عوامي جمهوري پارٽي تعلقه تنگواڻيءَ جي چونڊيل عهديدارن نصرالله ڏاهاڻي صدر، امام بخش بجاراڻي جنرل سيڪريٽري، خيربخش کوسو آفيس سيڪريٽري، دين محمد فنانس سيڪريٽري، نذر محمد پريس سيڪريٽري، فاروق بجاراڻي جوائنٽ سيڪريٽري جن کي قسم کڻايو.هن محفل جي هڪ اهم ڳالهه هي به هئي ته هن ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ ٻارن، ٻڍن سان گڏ نوجوان شامل هيا. مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي جڏهن شرڪت ڪندڙن مان ٻن نوجوانن پنهنجو تعارف سافوٽويئر انجنيئر ۽ ايم فل اسڪالر طور ڪرايو هو. ان مان اها ڳالهه واضع پي ٿي ته اسان جو پڙهيل لکيل نوجوان سياسي، سماجي، ادبي ۽ علمي پاسن ڏانهن به توجهه ڏين ٿا. اسان جا باهمٿ نوجوان جيڪي مختلف مضمونن ۾ تحقيقي ڪم ڪن ٿا انهن کي لازمي طور سماجي مونجهارن کي حل ڪرڻ واري پاسي واري تعليم به حاصل ڪرڻ گھرجي. ائين ڪرڻ سان اهي ڪنهن مخصوص ماحول ۾ رهندي روبوٽ ٿيڻ کان بچي ويندا.

محفل جي پڄاڻيءَ تي عبدالغفور نوناري وڏي اڪير سان اسان کي پنهنجي اين جي او جي آفيس ۾ وٺي هليو ۽ چيائين ته هي سموري آفيس اوهان دوستن جي هر قسم جي سرگرمين لاءِ هروقت حاضر آهي. نوناري صاحب ماضيءَ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان واسطي ۾ رهيو آهي ۽ سندس سوچون سڀاويڪ، همٿ ڏياريندڙ، مدد مهيا ڪندڙ ۽ اتساهيندڙ هيون. عبدلغفور نوناري صاحب رمضان شريف جي مهيني کان پوءِ وڏي پيماني تي هڪ تعليمي ڪانفرنس جي رٿا پڻ جوڙي رکي آهي.

جيئن ته اسان سفر ۾ هياسين ۽ سفر ۾ رهندي روزو نه رکڻ جي رعايت اسلام ۾ پڻ ڏنل آهي ته اسان پڻ اها حاصل ڪئي هئي. اسان جي لاءِ دوستن تنگواڻي شهر جي هڪ گھر جي مٿين ماڙيءَ تي، جنهن کي اتان جا مقامي دوست اي جي پي هائوس ڪوٺي رهيا هيا مانجهاندي جو پرتڪلف بندوبست ڪيو هو. جيستائين ماني لڳي مون ڪنڌڪوٽ ۾ رهائش پذير پنهنجي پياري خوبصورت ۽ خوبصورت سيرت شاعر ۽ گائڪ دوست سائين حسن پنهيار ۽ انتهائي محبتي ۽ صوفي خيالن واري سهڻي جوان سائين ڄام ارسلا خان چاچڙ جن جا ٽيلفون کڙڪايا. سائين حسن چيو ته تنگواڻيءَ کان غوثپور ۽ ڪنڌڪوٽ واري فاصلي ۾ اهو ٽن ڪلوميٽرن جو فاصلو هوندو سو اوهان ڪندڪوٽ پاسي هليا اچون. مون به سائين صدر، بشير، حڪيم جن کي ڪنڌڪوٽ وارن دوستن جي دعوت جو ٻڌايو ۽ اهي به راضي ٿي ويا ۽ جڏهن هلڻ لڳاسين ته رحيم گورچاڻيءَ به ساٿ سان گڏ هيو جو سندس رهائش گاهه ڪنڌڪوٽ ۾ هئي.

تنگواڻيءَ کان ڪنڌڪوٽ وارو روڊ صفا ٺوڙهو روڊ هو جنهن جي ٻنهي پاسي ڪنهن وڻ ته پري جي ڳالهه ڪنهن ٻوٽي جو سايو به نظر نه پئي آيو. اسان جو قافلو اڃا ڪجھ ڪلوميٽر ئي هليو هو ته منهنجي نظر گاڏي جي گرمي پڌ کي ظاهر ڪندڙ انڊيڪيٽر تي پئي هئي ته دل جي جاءِ تي ڄڻ ڪو پٿر لڳو هو. سئي ٻڌائي پئي ته گاڏي تمام گھڻي گرم پئي ٿئي. پري پري تائين ڪو وڻ ٽڻ ته هو ڪونه بس روڊ ڪناري گاڏي بيهار بانٽ کولي جو ڏٺم ته گاڏيءَ جي گرمي پڌ کي نارمل رکڻ وارو پکو نه پئي هليو. ٿورڙي جاچ بعد نقص نظر اچي ويو. ٿيو هي هو ته ان پکي کي هلائڻ لاءِ جيڪا تار بيٽريءَ سان جڙيل هئي اها ٽٽي پيئي هئي. سائين رحيم گورچاڻي ۽ مون وٺ وٺان ڪري اها درست پئي ڪئي ته ڪنڌڪوٽ کان حسن سائين پڇاڻو پئي ڪيو ته ڪٿي پهتا آهيو. جڏهن اسان جو قافلو ڪنڌڪوٽ شهر ۾ پهچي گوليمار واري علائقي ڏانهن مڙيو هو ته مون کي ڪنڌڪوٽ شهر جي پاسي پاڻيءَ تلائن واري پلاٽن تي ٿيل قبضا نظر آيا هيا ۽ جتي هاڻي ڪيئي دڪان ۽ گھر جڙي ويا هيا. مون کي اهڙي قبضا گيريءَ تي ڪابه حيرت نه ٿي هئي، اهو وهنوار هاڻي ڪرپشن وانگر هلي چلي جو معاملو آهي بس اسان جهڙا اٻوجھ وات پٽي قبضاگيرن جي داداگيريءَ کي دل ئي دل ۾ داد ڏيئي رهجي ويندا آهن. پيپلز پارٽيءَ جي جيالن جو اهو وڏو ”وڙ“ آهي ته انهن سنڌ جي شهرن ۾ ڍورن، ڍنڍن، قبرستانن، روڊن رستن، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي پلاٽن تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن ۽ کين پنهنجي اهڙي ڪريل حرڪتن تي ٽڪو به حيا شرم ناهي.

گوليمار واري علائقي ۾ سائين ارسلا خان چاچڙ اڳ ئي اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. سائين جن جي رهنمائيءَ ۾ سندس سيبتي نموني جڙيل اوطاق واري ڪمري ۾ پهتاسين ته اتي سائين حسن پنهنيار سڀني ساٿين سان ڳراٽڙي پائي وڏي چاهه سان مليو. ان بيٺڪ ۾ فرشي ويهڪ جو تمام آرام ڏيندڙ بندوبست ٿيل هو، رلين، وهاڻن، طول وهاڻن سان گڏ جتي ڪمپيوٽر، ڪتاب، ايل سي ڊي سڀ  ڪجھ هيو. حسن سائين بار بار رات رهڻ ۽ سوم رس جي محفل جي دعوت ڏيئي رهي هيو. ارسلا خان اسان کي خوشخبري ڏني ته اوهان جي ڀاڳ ۾ اڄ بجلي به هلي پيئي هونئن انوقت شايد اتي بجلي بند رهندي آهي. اسان اڃا ڳالهين ۾ هياسين ته سائين بشير سميجو ڪمري جي ڀرسان ٻاهران باٿ روم مان موٽريءَ جي جر جي ٿڌي پاڻي سان تڙ ڪري موٽيو هو، ان کان پوءِ ساڳيو ڪم سائين حڪيم جن به سرانجام ڏنو ۽ جيستائين منهنجو وارو اچي ته بجلي موڪلائي ويئي پر ارسلا خان موبائيل تي ڪنهن گھر جي ڀاتيءَ کي هدايتون ڏيئي جنريٽر چالو ڪرايو ۽ ائين مون به دوزخ جهڙي گرميءَ ۾ سڙيل پنهنجو جسم ٺاريو پر اهڙي ڪنهن ڪم کان صدر پنهور سائين الائي ڇو پاسو ڪيو. حسن پنهنيار، ارسلا چاچڙ، مراد فقير، فقير جمن يا نورمحمد ملڪ ۽ اسان گڏ ٿيون ۽ فقير نذير بهلڪاڻيءَ جو ذڪر نه ڪيون اهو ته ممڪن ئي ناهي. ان ڏينهن به فقير نذير سان ماضيءَ ۾ سندس ٿالهه تي ڪيل محفلن جو ذڪر خاص رهيو. ان کان سواءِ  قبائلي جھيڙا انهن جا اثر ۽ انهن مان آجپو ڪيئن حاصل ڪجي تي پڻ سٺي ڪچهري ٿي. سائين ارسلا خان چاچڙ کي اسان اهو ته اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته اسان مانجهاندو ڪيون پيا اچون ۽ اوهان وٽ بس چانهه چڪو پيئنداسين. سو کير پتي چانهه ۽ خسته بسڪوٽن جي مذيدار مهماني ۾ ان وقت تهان وڌيڪ رنگ رچي ويا جڏهن حسن پنهنيار پنهنجي سريلي آواز ۾ هڪ عدد پنهنجو ۽ هڪ عدد سائين عبدالغفار تبسم جو گيت ٻڌايو. آخر ۾ اسان پنهنجن هنن پرين پيارن کي عوامي جمهوري پارٽي جا مول متا ٻڌايا ۽ کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪيئن اي جي پي سنڌ اندر سياسي ڪم ڪار ڪندڙ ترقي پسند ۽ قومپرست پارٽين کان منفرد آهي. هنن  پرين پيارن به پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. دل ته نه پئي چئي پر واپس به ورڻو هو سو دوستن کان موڪلائي وري کڻي واپسي وارن گسن تي ڊوڙڻ شروع ڪيو هوسين ته رستي ۾ صدر اهو چيو ته کيس ڪنهن اهڙي سواري تي ويهاريو وڃي جيڪا سڌو حيدرآباد وڃي. شام ٿيڻ واري هئي ۽ ريل کان سواءِ ٻي اهڙي ڪا سواري نه پئي سجھي سو تڙ تڪڙ ڪري جڏهن روهڙي ريلوي اسٽيشن تي پهتاهياسين ته شام جا ڇهه ٿيڻ وارا هيا. حڪيم ۽ صدر کي اتي ڇڏي مون به کانئن موڪلايو هو جڏهن ته بشير سميجو اڳ ئي زيرو پوائنٽ تي لهي چڪا هيا. 








No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو