Sunday, June 19, 2016

تنهنجي ياد جي وري آ وير....بابا سائين علي گل لاهوتيءَ جي ياد ۾ لکيل ٻه اکر

   


تصويرون اهي سهڻيون هونديون آهن جن ۾ رنگن جو امتزاج خوبصورت هوندو آهي. انهن تصويرن ڇڪڻ واري ڪيمرا سٺي هوندي آهي يا ڦوٽو ڪڍندڙ ماڻهون ماهر هوندو آهي، جنهن کي خبر هوندي آهي ته ڪهڙي ڪنڊ کان ڦوٽو وٺڻ گھرجن. پر ڪن تصويرن ۾ اهڙي هڪ به خوبي ناهي هوندي. انهن ۾ نظر ايندڙ ماڻهون به عام، سادا ۽ سٻاجھڙا هوندا آهن کين خبر ئي ناهي هوندي ته ڦوٽو ڇڪرائڻ لاءِ ڌوتل پوتل ڪپڙا پهرڻ گھرجن، وارن ۾ تيل ڦليل وجھي انهن کي ڦڻيءَ سان سنوارجي ۽ مٿان ظلم اهو ته ڦوٽو ڇڪڻ واري کي به تصويرن وٺڻ جي ڪا خاص مهارت ناهي هوندي. هوسڀني کي قطار ۾ بيهاري ڪيمرا جو بٽڻ دٻائي ڇڏيندو آهي، پر ان هوندي به اهي تصويرون ڪنهن شاهڪار کان گھٽ ناهن هونديون.  هونئن به جڏهن اوهان هاري سينگاري، ماهر ڦوٽوگرافر کان ڦوٽو ڇڪرايو ٿا ته ان ۾ اوهان جي اصليت صفا گم ٿيو وڃي. ان ۾ جيڪڏهن اوهان سهڻا ٿا نظر اچو ته اهو ڪيمرا ۽ ايڊيٽنگ واري جو ڪمال چئبو.

ضروري ناهي ته هر تصوير هر انسان لاءِ هڪ جيتري اهميت واري هجي. واڱڻ ڪن لاءِ وائي ته ڪن لاءِ باديءَ چوڻيءَ مطابق سٺي ۽ خراب، سهڻي يا بدصورت هئڻ وارا فيصلا هر ماڻهون پنهنجي اک سان ڪندو آهي. تجريدي آرٽ جا شاهڪار اسان جهڙن اڻ ڄاڻ ماڻهن لاءِ اوٽ پٽانگ لڪيرون ۽ بي ترتيبيءَ سان رکيل ٻاراڻا رنگ ٿي سگھن ٿا. سهڻي تصوير اها ئي هوندي آهي جنهن ۾ ماڻهون جيئن اندر ۾ آهي اهڙوئي ٻاهر نظر اچي. مان سمجھان ٿو ته سهڻيون اهي تصويرون آهن جن ۾ ماڻهون سهڻا هوندا آهن. ان قسم جون تصويرون پنهنجي تاريخ جون ساکي بڻجي پونديون آهن. بنا مهارت جي، سادي ۽ عام ڪيمرا سان مون به گھڻا سال اڳ هي شاٽ ورتوهو. هن ۾ منهنجون محبوب هستيون شامل هيون. منهنجو مرحوم بابا علي گل، منهنجي امڙ ٿڌي ۽ منهنجو ڀاءُ احمد بخش عرف انب، منهنجي ڀاڄائي ۽ منهنجي گھرواري ۽ ننڍڙا ۽ ننڍڙيون (جيڪي هاڻي جوان ٿي ويا آهن/ٿي ويون آهن) شامل آهن. هيءَ تصوير اڄ به منهنجي لاءِ شاهڪار پينٽنگ کان گھٽ ناهي ڇوته انهن ۾ منهنجو وجود پيل آهي. بابا سائين، امڙ سانئڻ ۽ منهنجو اڪيلو ڀاءُ هن جهان کان ڏور ڪٿي هليا ويا آهن. هن دنيا ۾ سندن يا ته ڪي يادون وڃي بچيون آهن يا اهي تصويرون آهن جيڪي مون لاءِ  خوبصورت، شاهڪار ۽ تاريخي حيثيت رکن ٿيون. پر پوءِ به الاءِ ڇو هاڻي منهنجي زندگي وانگر اهي تصويرون پڻ اڌوريون ٿيون ڀاسجن شايد ان ڪري ته انهن ۾ زندگيءَ جو رنگ ڀرڻ وارا جو نه رهيا. اڄ جڏهن دنيا وارا والد جو ڏهاڙو پيا ملهائين ته مون کي بابا لاهوتي علي گل پيو ياد اچي جيڪو ڳوٺ پنواڙي توڙي سکر واري ڪواٽر ۾ جاءِ جاءِ تي پنهنجو نالو ”علي گل لاهوتي“ لکندو هو ۽ جهڙوڪر کيس ادراڪ ٿي ويو هو ته هاڻي هو هلڻ هارو آهي ۽ مستقبل ۾ پنهنجو پاڻ کي اسان سان گڏ هئڻ جو احساس ڏيارڻ لاءِ اهي نالا لکندو وتندو هجي. اسان گھر کي چن هڻائڻ مهل ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو هوته بابا سائينءَ جي پنهنجي هٿ سان لکيل اهي لفظ ”يادگار علي گل“ نه ميسارجي.. واقعي هو صحيح هو، مان هرروز صبح سان اٿندي ئي سندس هٿ سان لکيل سندس نالو ڏسندو آهيان، بلڪل ان نموني جيئن صبح صبح هندو مورتين جي سامهون پوڄا پاٽ ڪندا آهن. بابا سائين سکر ۾ رهندي ڪي دوست ٺاهي ورتا هيا. نوگز پير تي هليو ويندو هو ۽ اتي روزانه حاضري ڀريندڙ ماڻهن سان سندس واقفيت ٿي ويئي هئي. پاڻي جي ٽانڪي وٽ مهر دڪاندار سان سندس صحبت ٿي ويئي هئي، جيڪو سندس لاءِ اڄ به پڇائون ڪندو آهي. اونهاري جي مند ۾ هو جيڪو قلفي وارو بابا سائينءَ کي روز هڪ قلفي مفت ۾ ڏيندو هو هاڻي اهو به اداس ٿو لڳي. بابا سائينءَ مصالحي دار ٻوڙ ۽ برياني جو عاشق هوندو هو. بابا سائين مون کان پئسا وٺي سکر مان حمام دستو وٺي آيو هو ۽ ان ۾ مصالا ڪٽي انهن کي شيشيءَ ۾ بند ڪري پنهنجي کيسي ۾ رکندو هو ۽ جڏهن کيس ٻوڙ ڏيندا هياسين ته هو کيسي مان اها ننڍڙي شيشي ڪڍي ان مان مصالحا ٻوڙ تي ٻرڪي کائيندو هو. کيس مرچائي پڪوڙا تمام گھڻو وڻندا هيا. امڙ جي ابتڙ مٺاڻ واريون شيون ته کيس زهر لڳنديون هيون. شايد انڪري ئي بابا جي طبيعت به شوخ هوندي هئي ۽ امڙ ڪپهه جي ڦورن وانگي نرم ملائم هوندي هئي. بابا سائين سير تفريح جو شائق هوندو هو. راڻيپور، قلندر، لونگ فقير جا ميلا مون کي بابا سائينءَ گھمايا هيا. پاڻ ڪيئي دفعه قلندر جي ميلي کان پوءِ لاهوتين جي ٽولن سان گڏ پنڌ ئي پنڌ لاهوت لامڪان جون زيارتون ڪري آيا هيا. جڏهن اڃا مڪمل نموني پوڙهائپ مٿن غالب نه ٿي هئي ته ايران مان به زيارتون ڪري آيا هيا.

بابا سائين تترن، هرڻن، وهين جي شڪار جا شوقين هوندا هيا. اونهاري ۾ کجين جي مند ۾ جڏهن اصيل کجيءَ جا ڏنگ پنهنجي جوڀن تي هوندا آهن ته خبر ناهي ڪهڙي ڏيهه کان لکن جي تعداد ۾ وهيا هتي اچي واسو ڪندا آهن. ان سيزن ۾ لڳ ڀڳ هروز نه ته هڪ ٻئي يا ٽئين ڏينهن وهين جي مذيدار گوشت سان اسان جي ديگڙي ٽهڪندي نظر ايندي هئي. بابا جيڪو آخر وقت ۾ هڏن جو پڃرو ٿي ويو هو پر سندس دماغي حالت سؤ فيصد صحيح هوندي هيس. ڳوٺ کان خيرپور ۽ خيرپور کان سکر ۽ سکر جي باءِ پاس کان ڪواٽر تائين اڪيلي ايندو ويندو هو. هو مون کي دعائون ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته جيڪڏهن تون نه هجين ها ته بس پنهنجي نسل جو قافلو جهڙوڪر بيهجي وڃي ها پر امڙ وانگر کيس به موالي ڀاءُ احمد بخش عرف انب جو سور اندر ئي اندر ڳاري ۽ ساڙي رهيو هو.

ان ڏينهن ڪواٽر ۾ اڪيلو هئس ۽ آخري دفعو جڏهن بابا سائينءَ جي ننڍڙي پيٽي کولي سندس شيون ڏٺيون هيم ته اکين مان ڳوڙها نيسارا ٿي نڪتا هيا. الائي ته ڇو مون کي انهن ڳوڙهن سان گڏ پورو ڪمرو خوشبوءَ سان واسيل لڳو هو. بابا سائين جا اهي هڪ ٻه ميرا سيرا ڪپڙن جا جوڙا، حمام دستو، اها ننڍڙي شيشي جيڪا مصالحن سان ڀريل هئي، هڪ ننڍڙو نوٽ بوڪ جنهن ۾ هو پنهنجي حساب سان ڏيتي ليتيءَ جو حساب ڪتاب رکندو هو. جنهن ۾ اهو به لکيو هيائين ته ”سٺئي جي پل تي مجيد (منهنجي پٽ مجيب کي هو مجيد چوندو هو) کي هيترا پئسا ڏنم.


بابا سائين جيتري تنهنجي ياد اڄ پيئي اچي، جيتري تنهنجي ڪمي اڄ پئي محسوس ٿئي ان جو ڪاٿو تنهنجي جيئري ته ٽڪو به نه هوندو هو. تنهنجون مون کي چيل اهو ڳالهيون جيڪي مون کي انوقت پنهنجي بيوقوفي جي ڪري زهر لڳنديون هيون اڄ ڏاهپ ڀريون ٿيون لڳن. مان ڪيترو نه بدقسمت آهيان ته اسان حقيقي معنى ۾ ته اوهان کي سڃاتو ئي نه هو.  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو