Thursday, June 9, 2016

جيل جي جهان ۾ جھاتي: جيل ۽ رانديون.


جيل جي جهان ۾ جيل جو ٿڌو ۽ گرم جا اصطلاح هلندا آهن. جيل جي ٿڌي هجڻ جو مطلب ته قيدين مٿان گھٽ ۾ گھٽ سختي هوندي آهي.  آزادي سان گھمڻ ڦرڻ ۽  جيل اندر قيدين سان يا ٻاهران آيل ملاقاتين سان سولائي سان ميل ملاقات جا موقعا، کاڌي پيتي ۽ عام واهپي جون شيون گھرائڻ جي آزادي وغيرهه. جڏهن جيل گرم هوندو آهي ته سڀ سهولتون ختم ڪيون وينديون آهن ۽ ٻيو ته ٺهيو قيدين کي شنوائين تي ٻاهر وٺي وڃڻ به مسئلو ٿي پوندو آهي. جيل جي اندر ۽ جيل جي ٻاهران يا مٿان چوڪين تي پهرو ڏيندڙ سپاهي هونئن ته ڏاڍا مظلوم لڳند آهن پر جڏهن جيل گرم هوندو ته اهي ڏٻرا سپاهي جن جون پتلونون استري ٿيل مس هونديون آهن اهي به قيدين مٿان چنگيز خان ٿي ڪڙڪندا آهن.

جڏهن جيل ٿڌو هوندو آهي ته سياسي قيدين لاءِ جيل اندر وقت گذارڻ تمام ڏکيو ٿي پوندو آهي ۽ اهي وقت جي رفتار کي پر هڻڻ لاءِ لوڊو، رمي، چوباز جون بازيون لڳائي دل وندرائيندا آهن ۽ وقت پاس ڪندا آهن. ان سلسلي ۾ ”جيل جا ڏينهن ۽ جيل جون راتيون“ جيل جي ڊائري ٻن جلدن ۾ تحرير ڪندڙ محترم اسماعيل راهوءَ جو چوڻ آهي ته ”...جيڪو نڀاڳ ۾ مزو آهي اهو چڱي ڪم ۾ ڪٿي؟ تاش ۾ جيترو آساني ۽ مزي ۾ ٽائيم پاس ٿو ٿئي، اهو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڪٿي ٿو ٿئي.“ 

پر ڪي ڪي باشعور قيدي ان وقت کي اجايو وڃائڻ بدران ڪتابن پڙهڻ سان گڏ جيل اندر هلندڙ وهنوارن، احساسن، جذبن، واقعن کي قلمبند به ڪندا رهندا آهن.  ”هاڻي صبح جا ڏهه ٿيا آهن ۽ مون اٽڪل27 (ستاويهه) ڪلاڪ ساندهه لکيو آهي“.  شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ساهيوال جيل جي ڊائري ۾ لکي ٿو.

جيڪي هلندي پڄندي وارا قيدي هوندا آهن ته انهن لاءِ جيل به جهڙي اوطاق مثل هوندي آهي ۽ اهي هر شام جو سوم رس جي محفل مچائي پنهنجي ڏکين ڏينهن کي اڳتي ڌڪڻ جا جتن ڪندا آهن.  ڪل وقتي سياسي اڳواڻ جن کي ٻاهر سياسي ڪم ڪار ۾ يڪسوئي گھٽ نصيب ٿيندي آهي ته اهي جيل اندر ويهي پنهنجون يادگيريون يا تحقيق ڪري تخليقون تحرير ڪندا آهن. مان پاڻ جڏهن 1985ع ۾ خيرپور جيل اندر سياسي قيدي هيس ته  هڪ پورو ضخيم ناول چوويهن ڪلاڪن ۾ پڙهي پورو ڪيو هو. چيني ليکڪه يانگ مو جو لکيل ناول ”نوجوانن جو گيت“ مان ٽن ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪيو هو. جنگ اخبار کي مڪمل نموني سان پڙهندا هياسين ۽ ان ۾ ٽارزن جي ڪهاڻي جي روزانه قسط به پڙهي ويندا هياسين. باقي ٻيا جيڪي عام سياسي ڪارڪن هوندا آهن انهن مان اڪثريت مختلف رانديون ڪري وقت کي ڪاٽڻ جا جتن ڪندا آهن. 1985ع واري زماني ۾ خيرپور جيل اندر سائين پرويز علي شاهه جيلاني، مرحوم قاسم ڀٿر، پني عاقل جو وڪيل سومرو، نرس ڪيس ۾ جنم ٽيپ ڪاٽيندڙ اڳوڻو بئنڪر پيرزادو،  محترم امداد چانڊيو، مسٽر نعيم کرل سندس ڀاءُ تسليم کرل (جيتوڻيڪ کرل ڀائر سياسي قيدي نه هيا پر پنهنجي اثر رسوخ ڪري بي ڪلاس ۾ رهندا هيا) تاش تي رمي راند کيڏي وقت پاس ڪندا هيا. مسٽر نعيم کرل اها راند سکي ئي جيل جي اندر هئي. جيئن قاسم پٿر کي جيل اندر رهڻ جو تمام وسيع تجربو هو ۽ کيس ان راند تي تمام سٺي دسترس هوندي هئي ۽ اهو روزانو ٻين سڀني کان تمام گھڻو کٽي ايندو هو. هڪ ڏينهن مسٽر نعيم کرل کيس وينتي ڪئي ته ”يار تون راند کٽين يا هارائين توکي مان روزانو سؤ روپيا 
.ڏيندس بس هڪ مهرباني ڪر جيڪڏهن ان کان مٿي پئسه کٽين ته اهي موٽائي ڏي“.

ان ئي زماني جي ڳالهه آهي ته جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جا ڪيئي نوجوان ڳاڙهي موريءَ ۾ عيد جي ڏهاڙي سائين غوث علي شاهه سان عيد گاهه ۾ ملي کيس سائين جي ايم سيد جي آزاديءَ لاءِ زور ڀرڻ لاءِ پهتا هيا. سائين غوث علي شاهه ان زماني ۾ سنڌ جو وزير اعلى هوندو هو. سائين غوث علي شاهه صاحب سائين جي ايم سيد جي آزاديءَ جو ڪهڙو اعلان ڪري پئي سگھيو هن اهو ڪم ڪيو هو ته ارڙهن جيئي سنڌ جي پرجوش ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي اتي جو اتي گرفتار ڪرائي جيل موڪلي ڇڏرايو هو جن ۾ شبير جمالي، شهيد لالا فهيم ميمڻ ۽ ٻيا شامل هيا. انهن جي جيل ۾ اچڻ ڪري اتي رونقون وڌي ويون هيون ۽ سازگار موسم ۾ اسان اتي پٺو گرم راند به کيڏندا هياسين. هڪ دفعي اهڙي راند هلندي مان زوردار بال جي زد ۾ اچڻ کان بچڻ لاءِ زمين تي ويهي رهيو هوم ۽ بدقسمتيءَ سان منهنجي پويان سائين قاسم پٿر جن بيٺا هيا ۽ بال سڌو وڃي سندن چمڪندڙ ٺوڙهه تي ٺڪاءُ ڪيو هو. سائين قاسم پٿر ته تماشبين هو ڌڪ لڳڻ ڪري سندس چهري تي ڪاوڙ جا ڪيئي رنگ اڀري پيا هيا پر هُن ڪمال بردباريءَ جو مظاهرو ڪندي هڪ لفظ به نه چيو هو. سندس ظبط پٺيان هڪ حقيقت هي به هئي ته بال اڇلائڻ وارو جيئي سنڌ جو هڪ سهڻو نوجوان هو ۽ قاسم پٿر سائين جي ايم 
.سيد جو دلي عاشق پڻ هو.

جيل ۾ راندين جي حوالي سان 1983ع جي ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ ۾ سکر جيل اندر قيدي رهندڙ سائين شاهنواز راڄپر پڻ مون کي دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائي هئي. اهو زمانو هو ته جيل سياسي قيدين سان صفا سٿيل هوندا هيا. جيل ان زماني ۾ يونيورسٽين جي هاسٽلن جو ڏک ڏينديون هيون.  سندس چوڻ هو ته؛ ”هر آچر تي اڇي چڪر ۽ ڪاري چڪر ۾ وچ ۾ والي بال راند جي مئچ ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن اڇي چڪر ۾ مئچ کيڏڻ وياسين ته ڪجھ دوستن اعتراض واريو ته جيئن ته قاضي الطاف ڪمزور آهي ان ڪري ان کي مئچ نه کيڏرائينداسين. مون (شاهنواز راڄپر) چيو ته قاضيءَ کي مان پنهنجي پويان ٿو بيهاريان ۽ جي قاضيءَ وٽان ڪو بال ويو ته ان جو ذميوار آءُ هوندس. ان راند ۾ منهنجا هٿ ۽ گوڏا رتو رت ٿي ويا هيا. مخالف ٽيم وارن جي سموري مار الطاف قاضيءَ واري پاسي تي هئي جو هو ڄاڻندا هيا ته اهو پاسو ڪمزور آهي ۽ اهو سڄو پاسو مون پئي ڪور ڪيو. مان جنهن سائيڊ تي هيم ته اتي نيٽ وارو پاسو به سنڀالڻو پئي پيو، پنهنجي سائيڊ به سنڀالڻي هئي جڏهن ته پويان واري پاسي تي به مون کي ئي ڌيان ڌرڻو پئي پيو.  جنهن سائيڊ تي مان بيٺو هوس ان کي نيٽ ڪارنر چيو ويندو هو، اها تمام ڏکي سائيڊ هوندي هئي. اها راند مون دل و جان سان کيڏي ۽ اها راند اسان جي ٽيم ان ته زوردار نموني کٽي ته هادي ڀٽ (هادي بخش ڀٽ اڄ ڪالهه سکر هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن جو جنرل سيڪريٽري آهي) مون کي ڪلهي تي کنيو هو ۽ جلوس جي شڪل ۾ مون کي پنهنجي کولي تائين آندو ويو هو. اها منهنجي تاريخي راند هئي، راند کان پوءِ انور پيرزادي مون کي اچي چميون ڏنيون هيون.

بشير ڏهراج، الطاف قاضي، ننگر،  تاش راند جا شوقين هوندا هيا ۽ راند تي شرطن لڳڻ ڪري هارائيندڙ ڌر اٿ ويهه ڪندي هئي.“

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو