Wednesday, July 31, 2019

Award




ایوارڊ
جيئن ته منهنجو ڪنهن ادبي گروهه يا ٽولي سان ڪو خاص واسطو ناهي ان ڪري ايوارڊ ته رهيا پري جي ڳالھ انهن پاران پروگرامن جا دعوت ناما ئي ناهن ملندا ۽ يار دوست اها وضاحت ڪندا آهن ته "ادا پروگرام جي ته عام دعوت هئي" جڏهن ته سندن هٿن ۾ خوبصورت ۽ قيمتي دعوتنامن وارا ڪارڊ باقي سنگت ساٿ لاءِ موجود هوندا آهن.
پر صفا ڀينگ به ناهي ڪي يار دوست ايوارڊ ڏيندي ڪابه اگر مگر ناهن ڪندا. 
سائين حبيب ساجد پاران مليل ايوارڊ، جنهن جي خبر بس کيس ۽ مون کي هئي، مون اها سانڍي رکي ھئي ته جڏهن پنهنجا ۽ پراوا مون کي پٿر هڻندا ته کين ڏيکاريندس پر افسوس ته اسان ٻنهي کان اها بنهه وسري به ويئي هئي،
اڄ جڏهن 2006ع جي پراڻي ڊائريءَ جي ورق گرداني پئي ڪيم ته ان تي نظر پئجي ويئي، (ان ٻه هزار ڇهه جي ڊائري جو پهريون پيج ڊسمبر 31 جو ڏنل هو) اڄ جڏهن واقعي به مان ڪن يارن دوستن جي حملن جي زد ۾ آهيان ته مناسب سمجهيم ته کين ڊائريءَ جو اهو پهريون پنو پڙهايان، مون خبر آهي ته هو بي اعتباريا اعتبار نه ڪندا ان ڪري ئي ته حبيب ساجد جي هٿ اکرن سان لکيل اهو پورو نظم ڦوٽو ڪري پيو رکان.
/
سائين حبيب ساجد جو نوٽ
(سائين اميرگل سکر ۾ مون لاءِ ايئن آهي جيئن ٿر وارن لاءِ ڪڪر ۽ مينهن هوندو آهي، هزار دفعا من ڪندو آهي ته سائين امير جي زندگيءَ تي ناول لکان... هڪ عظيم ناول لکڻ لاءِ جيڪي لوازمات ۽ هنگامن جي گهرج هوندي آهي اهي سڀ سائين جي زندگيءَ ۾ موجود آهن... سائين سکر جو سچو پچو ابن بطوطہ آهي، ابن بطوطہ غرناطہ کان نڪرندو هو ۽ منهنجو سائين سکر مان... جڏهن سائين گهمي ڦري واپس سکر ايندو آهي ته اوڀر پاسي جي هوا مون کي ضرور اطلاع ڪندي آهي...ته سائين اميرگل هاڻ سکر۾ موجود آهن )

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو