Wednesday, July 31, 2019

Bibi Baghri, one of brave daughter of Sindh




تمام گهٽ انسان هوندا آهن جيڪي زميني حالتن ۾ حقيقي تبديليءَ جا محرڪ بڻبا آهن. مون جهڙا ڪيترائي ئي سڌڙيا، ۽ واتڙيا ته بس زباني چسڪن، واهه واهه ۽ تاڙين ٻڌڻ واري چرس جي نشي ۾ ڌت رهندا آهن.
سنڌ جا ڪجهه لاڏائو قبيلا آهن، جن جو ڪوبه گهر ڪوبه ڳوٺ، ڪوبه شهر ناهي هوندو پر سنڌ جا سمورا ڳوٺ ۽ شهر سندن هوندا آهن. انهن قديم سنڌي قبيلن ۾ باگڙي قبيلو به هڪ آهي. ننگر ننگر وڃي پکڙا اڏي ويهڻ، مختلف ڌنڌا جهڙوڪر واڙيون پوکڻ، سبزيون ۽ فروٽ وڪڻڻ وارا ڪم سندن مرد ڪندا آهن جڏهن ته انهن جون گهڻيون تڻيون عورتون وري پنڻ، چوريون ڪرڻ، ٺڳي ۽ بشني گيريءَ سان گڏ جسم فروشي تائين ملوث رهنديون آهن. باگڙي قبيلو جيئن ته هروقت راهي رڻ جا رهيا آهن ان ڪري سندن ٻارن جي تمام وڏي اڪثريت تعليم جي زيور کان محروم رهندي آئي آهي.
جيئن زمين چويهه ئي ڪلاڪ گردش ۾ آهي، ساڳي نموني انسان به گردش ۾ رهندي، ڌڪا ٿاٻا کائيندي هروقت ڪنهن نه ڪنهن نموني، سڌي توڙي اڻ سڌي طرح، تجربن کان يا وقت جي جبر کان مجبور ٿي سکندو رهيو آهي. ساڳيو مامرو اسان جي باگڙي قبيلي سان پڻ آهي. هو هاڻي مستقبل بنيادن تي ڪن شهرن ۾ رهڻ شروع ٿيا آهن. ٻن شهرن جي ته مون کي پڪي ڄاڻ آهي جنهن ۾ پنوعاقل ۽ قمبر اچي وڃن ٿا. پني عاقل ۾ باگڙي قبيلي جون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا پڙهڻ لڳا آهن. ڪيتريون ئي باگڙي قبيلي جون نياڻيون ليڊي هيلٿ ورڪر طور ڪم به ڪنديون آهن.
قمبر شهر ۾ منهنجي ڀيڻ بيبي باگڙي جيڪو ڪم پنهنجي قبيلي وارن لاءِ شروع ڪيو آهي اهو واقعي به هڪ وڏو سماجي انقلاب آهي. بيبي باگڙي زماني جي ڌڪن ٿاٻن ۾ رهندي پنهنجي امڙ جي ٻڌايل واٽ تي هلندي تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي قبيلي جي ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪرڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻي هڪ انوکو مثال ته قائم ڪيو آهي پر سندس ان ڪم جا مستقبل ۾ ايترا ته شاندار نتيجا سندس قبيلي وارن ملندا ته هڪ ڏينهن اها بيبي باگڙي پنهنجي قبيلي جي مذهبي طور ديوي طور سڃاتي ويندي.
لاشڪ هوءَ اهو ڪم اڪيلي سر متان نه ڪري سگهي ها جيڪڏهن لطيف سائين جي سر کاهوڙي واريون سموريون خوبيون رکندڙ پيارو نثار ٻرڙو سندس ساٿ نه ڏي ها ته... ڇوته اسان جو سماج اجگر جيترن واڳوئن جي هٿ وس آهي، اهي ڪوبه چڱو ڪم ٿيندي ڏسي ناهن سگهندا، سندن خونخور ڏندن کي هر ڏينهن ۽ هر پلڪ مظلوم، مسڪين، بي وس، ڌڪاڻن انسانن جو ماس ۽ رت گهرجي.
منهنجي ڪيتري وقت کان وٺي دلي خواهش هئي ته بيبي باگڙي جهڙي سورمي سان ملان پر جاگرافي دورين، غم روزگار جي ڏچن ڪڏهن اهڙو موقعو ئي نه پئي ڏنو پر نيٺ ڪالهه اهو موقعو مليو.
هاڻي مان مطمئين آهيان جيڪڏهن مان تبديليءَ جو محرڪ کڻي نه بڻجي سگهيو آهيان پر جيڪي ان جنگ جي پهرين محاذ تي مورچا کوڙيون ويٺا آهن انهن سان مليو ته آهيان، ها ساڻن ملي مان سون ٿيڻ لڳو آهيان.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو