Tuesday, July 2, 2019

Nau Taal Railway Station Naseer Abad Balochistan





ڪوئيٽا کان سکر لاءِ نڪتل الحڪمت بس سروس وارن جي ڪوچ آخر ڪار نئوتال (ضلع نصير آباد بلوچستان) جي اسٽاپ وٽ صفا پڙ ڪڍي بيهي رهي ۽ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي بس سروس جي مالڪن اسان کي کڻڻ لاءِ جيڪب آباد کان ٻي بس گهرائڻ جي نويد ته ڏني پر اهو به چيائون ته بس ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ پهچي ويندي، اسين جيڪي بس جي ايرڪنڊيشن خراب هئڻ باوجود ان ۾ سفر ڪرڻ وقت پوري نموني گرميءَ ۾ پچي لال ٿي چڪا هياسين ۽ پگهر نيسارا بڻجي وهي رهيو هو ۽ بس کي باهه لکڻ جهڙن وسوسائي زهريلن نانگن وارين سوچن، انومانن ۽ خدشن پڻ رت سڪائي ڇڏيو هو ته سندن اهو اعلان به اسان کي عيد جهڙو لڳو هو. وقت ڪاٽڻ لاءِ هوٽل تي ويهي چانهه چڪو به ورتو سين پر اڍائي ڪلاڪ تمام گهڻو ٽائيم آهي. سفر جي ساٿي سائين عبيد الله ٻپڙ چيو ته "هل ته هلي پريان نئوتال جي ريلوي اسٽيشن گهمي ٿا اچون". انڌي کي کپي هڪ اک مون کي ته جهڙوڪر ٻئي ملي ويون هيون ۽ پوءِ اسان روڊ ٽپي ريلوي اسٽيشن طرف روانيا ٿياسين جنهن پنهنجي پهرين سڃاڻ ئي ابتي ڪرائي. اتي اسٽيشن جو اردو ۾ نالو نٽال ۽ انگريزي ۾ NUTTAL لکيل هو. جيتوڻيڪ اصلي، تاريخي نالو نئوتال انگريزي يا اردو ۾ پڻ صحيح اچارن سان لکي سگهجي پيو پر پاڪ ريلوي اٿارٽريز وارن کي اهڙن جيتامڙن جيترن مامرن جي ڪابه پرواهه نه آهي.
نئوتال ريلوي اسٽيشن جتي هاڻي ڪابه ريل ناهي بيهندي نئين پنڊ سکر شهر جو مسٽر عبدالستار انصاري چئن سالن کان اسٽيشن ماسٽر طور اسٽيشن جي ڪلاسيڪل نموني جڙيل خوبصورت بلڊنگ سامهون پليٽ فارم تي پنهنجي هڪ ساٿيءَ سان آهليو پيو هوندو آهي. آفيسرن جي اچ وڃ وقت انهن جي لاءِ ريسٽ هائوس، ملازمن جي لاءِ جڙيل ڪوارٽر، گدام ڀڄي ڀري رهيا آهن
باقي قصو وڊيو ۾ بيان ڪيل آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو