Wednesday, July 3, 2019

Phool Bagh (Flower Garden) Khairpur July 3, 2019



منهنجو ننڍپڻ خيرپور ميرس ۾ گذريو آهي ۽ شهر جي هر گهٽي ۽ گام سان منهنجو ڪيئي يادون جڙيل آهن ۽ انهن ۾ هي ڦول باغ پڻ آهي. هن ڦول باغ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي پسار ڪندا هياسين، ڪيئي سياسي جلسا ڪياسين، ثقافتي ڏهاڙا ملهاياسين. گذريل صدي جي ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي تائين ان باغ جي وچ ۾ هڪ ڪمري واري لئبرري پڻ هوندي هئي جتي مختلف اردو ڊائجسٽن سان گڏ سنڌي ۽ اردو اخبارون پڻ اينديون هيون. مون کي چٽي نموني ياد آهي ته مون سنڌي روزاني اخبار هلال پاڪستان ۾ امرجليل جا لکيل چٽ پٽا ڪالم ان لئبرريءَ ۾ ئي پڙهيا هيا جنهن ڪري منهنجي پڙهڻ واري عادت جي شروعات ٿي هئي. لئبرريءَ جو انچارج ٺاهوڪي قد ڪاٺ ۽ سهڻي صورت ۽ سيرت وارو جمالي ڳوٺ جو چاچو جمالي(مون کي چاچي جو نالو ياد نه ٿو اچي) هوندو هيو. انوقت اڃا ڦول باغ جي اوڀارين پاسي اهي دڪان، آفيسون جڙيل ڪونه هيون جنهن ڪري اهو باغ ويڪرو ويڪرو لڳندو هو.
هن وڊيو جي آخر ۾ ڦول باغ جي اترين اولهائين گيٽ جي در ڀرسان پاڻيءَ جي صفائي (فلٽر پللانٽ) لاءِ لڳل پراجيڪٽ جي فلمبندي ٿيل ڏسي سگهجي ٿي جيڪا شايد ڪنهن زماني ۾ هلندڙ هوندي پر اها هاڻي مڪمل نموني بند آهي

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو