Friday, July 12, 2019

Jea janh khe chaium jhink tanh khan milium





اسان گلگت جي جنهن هوٽل ۾ رهيا هياسين ان جو مالڪ آغا خان ڪميونٽي وارو هو ۽ اها ته مون کي دير سان خبر پئي هئي ته اهو هوٽل اسان دلبر دوست رحيم خان جي ڀاءُ جي ملڪيت هو. رحيم خان منهنجو ۽ مرتضي جو ايم ايڊ جي ڊگري وقت جو ڪلاس فيلو هو. اها ڊگري اسان 2009 کان 2011 واري عرصي ۾ آغاخان يونيورسٽي-انسٽيٽيوٽ فار ايڊيوڪيشنل ڊويلپمنٽ (AKU-IED) ڪراچي مان حاصل ڪئي هئي. جيڪڏهن اها ڄاڻ اسان کي بروقت ملي وڃي ها ته شايد اسان جي اتي رهائش مفت ۾ ٿي وڃي ها. ڀلي کڻي اسان جي رهائش مفت ۾ نه هئي پر ان ۾ 25 سيڪڙو هوٽل جي مالڪن پنهنجو پاڻ رعايت ڏئي ڇڏي هئي جو اهي ڏينهن هيا جڏهن هز هاءِ نيس آغا خان جي اهي گولڊن جوبلي سالگرہ (پنجاهه ساله) ملهائي رهيا هيا. اسان اتي ٻه راتيون ٽڪيا هياسين. اسان جو هوٽل شهر جي ٻاهريان بس اسٽينڊ تي جڙيل هو ۽ اسين شهر وڃڻ يا واپس اچڻ لاءِ لوڪل سوزوڪي وين جي سواري کي ترجيح ڏيندا هياسين. هوٽل جي پهرين رات اسان موسيقيءَ جي رات ڪري ملهائي هئي ۽ اسان ٽنهي ڄڻن پنهنجي جهڙي تهڙي آوازن ۽ سرن سان ڪي گيت ڪي غزل ڪي لوڪ گيت چيا هيا. نورمحمد ملڪ منهنجي ڊائري کان وڏي ڪاريگريءَ سان طبلي وارو ڪم ورتو ۽ اسان پنهنجي ڌن ۾ مگن ٿي دير تائين ڪمري جي ماحول کي مهڪائيندا رهيا هياسين. ان محفل موسيقيءَ جا ڪجهه اسم جيڪي پڪچرائيز ٿي سگهيا هيا اهي هتي هن فائيل ۾ پيش خدمت آهن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو