Wednesday, July 31, 2019




اسان اسلام آباد کان گلگت تائين نیڪٽو Northern Areas Transport Corporations جي بس ۾ چڙهي ايا هياسين. هي بس سروس به (مرحومه) سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن SRTC وانگر ئي آهي فرق بس هي آهي ته اسان ان اداري کي تهس نهس ڪري تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ ڪڏهن جو ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي پر اترين علائقن ۾ انهن جي سروس پنهنجي پوري جوڀن سان جاري آهي. اسلام آباد ۾ نيٽڪو جو پنهنجو بس اڏو آهي جتان ملڪ جي هر پاسي ڪراچيءَ سميت سندن بسون، ڪوچ، ويگنون هلنديون آهن. نيٽڪو وارن جي ٽن ڪيٽيگرين ۾ بسون اسلام آباد کان گلگت لاءِ هلنديون آهن. هڪ فل ايرڪنڊيشن، لگزري نان اسٽاپ، ٻيون ايرڪنڊيشن پر وچٿريون بسون ۽ ٽيون نان اي سي عوامي لوڪل بسون. اسان وچٿري بس جي چونڊ ڪئي هئي ۽ مناسب ڀاڙي تي سڪون سان گلگت وڃي پهتا هياسين. جيئن ته اها سيلانين جي گهمڻ واري سيزن هئي ان ڪري پاڪستان جي هر پاسي جا مسافر سفر ڪري رهيا هيا. هڪ متعصب قسم جو پنجابي اسان سنڌين تي زرداري جهڙي ڪرپٽ ماڻهوءَ جي چونڊ تي جنرلائيز ڪري ٽوڪون به ڪري رهيو هيو جنهن جو وات مرتضي لانگهاهه اهو چئي بند ڪرائي ڇڏيو هو ته "اهي پنجابي ئي آهن جيڪي عورتن کي اگهاڙو ڪري بازارن ۾ گهمائيندا رهيا آهن ۽ پوري خلق وات پٽي تماشو ڏسندي آهي گهٽ ۾ گهٽ پوري پاڪستان جي باقي ٽنهي صوبن ۾ اهڙي بي غيرٿائي ناهي ٿيندي". سفر ۾ نه رڳو ان قسم جا انسان ملي سگهن ٿا پر ڪي تمام ڀلا ماڻهو به مليو وڃن. اتي ئي هڪ ٻيو پنجابي به هيو جيڪو تمام ڳچ عرصو سنڌ ۾ نوڪري ڪري چڪو هيو ته ان وري سنڌي ماڻهن جي دل کولي تعريف پئي ڪئي. هونئن مون ۽ مرتضي سائين نورمحمد ملڪ کي ڏاڍو ستايو هو پر ملڪ صاحب به چيڪي مٽيءَ جو جڙيل هو جڪ کائيندي به صبر ڪري ويندو هو. اسان هن سفر لاءِ ٽرائوزر ۽ ٽي شرٽس ۽ سج کان بچاءُ جا ڪارا چشما اسلام آباد جي آچر بازار کان اڳواٽ وٺي ڇڏيا هيا.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو