Wednesday, July 31, 2019





هڙوڪر شهر جو حصو بڻچي چڪو آهي. جڏهن ته بني گالا جي مشهوريءَ جو سبب تحريڪ انصاف جو عمران خان آهي جنهن جو بني گالا واري علائقي ۾ هڪ جبل جي چوٽيءَ تي وسيع ايريا ۾ ڦهليل فارم هائوس آهي. بني گالا وارو علائقو راول ڊيم جي اوڀارين طرف کان آهي. رات جي وڳڙي ۾ ليڪ ويو (Lake View) واري پاسي کان بني گالا جو بتيون آسمان تي ستارن وانگي چمڪندي نظر اينديون آهن. اسان جي مهربان ميزبان شاهنواز چاچڙ جو فليٽ به ان علائقي ۾ ئي آهي. اسان واري ٽيڪسي جڏهن ڀارا ڪهو جي مين روڊ کان ڪورنگ روڊ کي ڪراس ڪري جھنگ جھر طئي ڪندو هڪ ندي جي پل کي ڪراس پئي ڪيو ته مون شاهنواز جو نمبر ملائي آن ڪري ڇڏيو هو ۽ جيئن ئي اسان جي ٽيڪسي سندس فليٽ هيٺيان پهتي ته شاهنواز مون کي موبائيل تي چيو ”مان پلازا جي ڇت تي بيٺو آهيان ۽ اوهان کي ڏسان پيو بس اوهان اتي ئي ٽيڪسي کي روڪرايو“. اسان اڃا ٽيڪسي واري کي پئسه ئي نه ڏنا هيا ته شاهنواز به اچي پهتو هو. سندس فليٽ پلازهه جي ٽين ماڙي (سيڪنڊ فلور) تي هو. ٻه ڪمرا ڪوريڊور ٻه اٽيچڊ باٿ روم ۽ پلازهه جي سموري ڇت اسان جي حوالي هئي. فليٽ تي پهچندي ئي شاهنواز اسان جي ناشتي پاڻي جو بندوبست ڪري رکيو هو.
شاهنواز چاچڙ سان منهنجي دوستي فيس بوڪ تي ٿي هئي. ٿيو هيئن هيو ته شاهنواز چاچڙ ۽ سندس دوستن پاران سيوهڻ شريف کان لاهوت لامڪان تائين موٽر سائيڪل تي سفر متعلق هڪ ڊاڪيومينٽري جو ٽريلر فيس بوڪ تي جاري ڪيو ويو هو. سندن ان ڊاڪيومينٽري مون کي تمام گھڻو متاثر ڪيو هو ۽ مون دل کولي ان جي تعريف ڪئي هئي ۽ پوءِ هڪ ٻه دفعه فيس بوڪ تي چيٽ روم ۾ ڪچهري ٿي هئي. هڪي دفعي جڏهن مان دوستن سان سول اسپتال واري علائقي ۾ ايراني پير جي جوڙايل مصطفائيه اسپتال ڀرسان چاچڙ جي هوٽل تي ويٺو هوس ته منهنجي نظر شاهنواز تي پئي هئي مون اڳتي وڌي کيس کيڪاريو هو ۽ ان کان پوءِ اسان جو ملاقاتون ٿينديون رهيون. نه رڳو ملاقاتون پر محفلون، سفر، اين جي او جي پروگرامن ۾ گڏجي سڏجي شرڪتون ڪندا رهيا سين. مان شاهنواز چاچڙ جو شمار سنڌ جي انهن چند نوجوانن ۾ ڪندو آهيان جيڪي لوڪ سان لهنوارو لڙهڻ بدران اوچو ٿي اوڀارو هلندا آهن. شاهنواز طرحين طرحين ڪم ڪندو رهيو آهي، هو هڪ بي چين روح آهي، سندس اندر ۾ تڙپ، جسجتو ۽ تجسس اردو محاوري مثل ته ڪوٽ ڪوٽ ڀريل آهي. فلمون، ڊاڪيومينٽريز ٺاهڻ کي هو پنهنجو شوق به ته ڪم به ڄاڻائيندو آهي. تازو ئي آمريڪا مان جونيئر فلم ميڪنگ جو ڪورس پڻ ڪري آيو آهي ۽ سندن ئي گرانٽ تي سندن ٽيم ڪراچي جي سامونڊي مهاڻن متعلق هڪ ڊاڪيومينٽري تيار ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ انهن جي ڏکن ڏولاون ۽ خاص ڪري سامونڊي سرحدن کي ڪراس ڪرڻ تي هندستان ۾ قيد ٿيڻ بعد سندن خاندانن جي اذيت ڀريل زندگين کي فوڪس ڪيو ويو آهي. سندن ان فلم جي نمائش سيپٽمبر ۾ ڪينڊا ۾ ٿيندي. ان کان سواءِ هي يار مون وانگر جابلو علائقن، پراڻن تڙن سان انسيت رکندو آهي. هو پنهنجو پاڻ کي جپسي سڏائيندو آهي جڏهن ته مان کيس مائوٽينيس مين سڏيندو رهيو آهيان. کليل ذهن وارو، ترقي پسند سوچ رکندڙ، باصلاحيت، پراعتماد يار اسان جو ميزبان هو. شاهنواز متعلق ۽ سندس فليٽ تي جوڙيل نون دوستن متعلق اڳتي هلي ڪري لکندس، بس ايترو لکندو هلان ته اتي پهچي ائين لڳو هو ته پنهنجي ئي گھر ۾ ويٺا هجون.(جاري)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو