Tuesday, July 2, 2019

جنگ جون تباهيون





جنگ جون تباهيون
افغان جنگ کان گهڻو اڳ جي ڳالھ آهي ڪابل کان چاچو نورمحمد پٺاڻ اسان جي ڳوٺ ايندو هو ۽ آس پاس جي سمورن ڳوٺ جي ماين کي اوڌر تي ڪپڙو لٽو وڪڻي وري اهو ڇهن مهينن بعد اڳاڙي پنهنجي ديس هليو ويندو هيو. چاچو نورمحمد پٺاڻ نيڪ، ايماندار ۽ تمام سادگي پسند انسان واقعي هيو. چاچي نورمحمد کان پوءِ سندس ڪاروبار کي سندس پٽ سنڀاريو هو. اها منهنجي افغانستان ۽ افغاني ماڻهن سان پهرين ڄاڻ سڃاڻ ٿي هئي پر پوءِ حالتون بدلجي ويون.
اسان 29 جون 2019 واري ڏهاڙي پاڪ افغان سرحد چمن بلوچستان گهمڻ ويا هياسين ته اتي مون کي هي هڪ ٽنگ کان معذور ماڻهو نظر آيو هو جيڪو پاڪستان واري پاسي کان ڪنهن مريض کي افغانستان واري پاسي اماڻن لاءِ ضروري فارملٽيز جي پورائي لاءِ ڪيترو ئي وقت بيٺو هيو. گهڻو ڪري سندس ٽنگ ڪنهن بارودي سرنگ تي پير اچڻ ڪري ضايع ٿي هوندي ۽ ان قسم جا هزارين معذور جنگ سٽيل افغانستاني ٻنهي پاسي رهن ٿا.
اسان راند جي ميدان ۾ هارجيت ڪري کين حرامخور چوندي ته دير نه ٿا ڪيون پر اهو وساري ٿا ويهون ته اسان جي ملڪ جي هڪ وڏي حرامخور جنرل ضياء الحق، ملڪ جي وڪائو ملن سان ملي آمريڪي ڊالرن جي برسات ۾ جيڪو نام نهاد جهاد شروع ڪيو هو ته ان سان افغانستان ۾ جيڪا بارود ۽ باهه جي راند شروع ٿي هئي ته اها اڄ سوڌي جاري آهي ۽ ان باهه جا سيڪا پاڪستاني عوام ۽ خاص ڪري سنڌي قوم کي پڻ مليا هيا ته پنهنجي ملڪ جون جڙون ئي لڏي ويون هيون ۽ اسان جي ملڪ جو ڪو گهر اهڙو نه هيو جيڪو ان جنگ جي ٻاريل باهه ۾ نه سڙيو هجي.
پر افسوس هي آهي ته اسان سوچ کان وڌ تباهه ڪارين مان سکيو ڇا آهي؟
ڪجهه به ته نه
اڄ به اسان جا حڪمران ۽ لڪل رياستي قوتون پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي سڪون ڏيڻ بدران ڏنڀ پيون ڏين، جن مذهب جي نالي ۾ ڀينگ ڪئي انهن تي ڳالهائڻ يا تبصرو ڪرڻ وارا، امن چاهڻ وارا مسنگ پرسن پيا ٿين.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو