Wednesday, July 31, 2019




هي 2017ع جو نڪتل ڦوٽو آهي جيڪو اسان جي ڪشمور کان ڪوهستان سفر جو هڪ يادگار آهي. مون پنهنجي اڳئين پوسٽ ۾ سگريٽ واري پياري شاهنواز چاچڙ متعلق ٿورو گهڻو لکيو هو هن ۾ ٻيو جيڪو منهنجو يار ڀت کي ٽيڪ ڏنيون مزا پيو وٺي اهو غلام مرتضي لانگاهه آهي جنهن کي اسين پيار مان جي ايم لانگاهه به چوندا آهيون آهي. جيئن ۾ اڳ بيان ڪري آيو آهيان هي ڦوٽو پاڪستان آرٽس ڪائونسل اسلام آباد ۾ ورتل آهي.
جي ايم سان منهنجي واقفيت آغا خان يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار ايڊيوڪيشنل ڊولپمينٽ ڪراچيءَ ۾ 2009ع واري سال ۾ ٿي هئي جتي اسان ٻئي ڄڻا ايم ايڊ جي ڊگري لاءِ داخل ٿيا هياسين ۽ پوءِ پورا ٻه سال دوستيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ان کي محبت جو سيمنٽ هڻندا رهياهياسين. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن اسان جي پريم ڪهاڻيءَ ۾ ڪو فرق ناهي آيو. جي ايم هڪ انتهائي باصلاحيت نوجوان آهي جيڪو ڏکيا ڪم تمام آسانيءَ سان ڪرڻ جو ماهر آهي. ڪڏهن به مون سندس مهانڊي تي مايوسي نه ڏٺي، هر وقت چپن تي مرڪ سجائي هلندڙ اسان وارو يار ڏاڍو رومانٽڪ پڻ آهي ۽ کيس صنف مخالف کي متاثر ڪرڻ جو ڏانو به ايندو آهي.
ايم ايڊ ڪرڻ کان پوءِ ٻين يارن جيان کيس به پر لڳي ويا هيا پهريون ليڪچرر ان ايڊيوڪيشن ٿيو، وري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ليڪچرر جي امتحان ۾ ٽاپ ڪيائين، سفارشي ڪلچر ڪري کيس مين ڪيمپس ۾ پوسٽنگ نه ڏني ويئي احتجاجن هن شڪارپور جي ڪيمپس ۾ مليل آرڊر کين منهن ۾ هنيو، فيڊرل گورنمنٽ ۾ ارڙهين گريڊ جي پوسٽ لاءِ ڪوالفائي ڪيائين ۽ انهن به کيس آفر آرڊر اهو چئي نه ڏنو ته تنهنجو تجربو گهٽ آهي.
پر جي ايم اهڙين ڳالهين کي تڏو وهائي ڪڍندو آهي کيس انهن ڳالهين جو نه ته ڪو ارمان آهي نه الڪو.
اسان جي هن سفر ۾ جي ايم اسان جو مينيجر هيو مون ۽ ملڪ صاحب کيس پنهنجي حصي جا پئسا ڏيئي ڇڏيا هيا ۽ پوءِ پوري ڏيتي ليتي سندس حوالي هئي. جي ايم کي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ تي ته عبور آهي پر ان سان گڏ سرائيڪي سندس مادري ٻولي آهي ۽ بلوچن جي شهر ۽ پاڙي ۾ رهڻ ڪري بلوچي به روانيءَ سان ڳالهائي ويندو آهي. جي ايم کي ڪيئي سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، اردو ڪلام، گيت ۽ غزل به ياد آهن ۽ هو انهن کي جهونگاريندي ڪابه هٻڪ محسوس ناهي ڪندو. گلگت جي هوٽل ۾ اسان هڪ ميوزيڪل رات ملهائي هئي مون ته جهڙو تهڙو هڪ غزل چيو هو پر ملڪ صاحب ۽ لانگاهه صاحب ان رات کي ڳائي وڄائي يادگار بڻائي ڇڏيو هو.
گهڻن خوبين سان گڏ سندس هڪ ڪمزوري به آهي؛ پنهنجي گهر کان ٻاهر گهڻو عرصو رهي نه سگهندو آهي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس گهر جي ياد ستائڻ لڳندي آهي. شايد اهوئي سبب هو ته هنزا جي چڪر بعد اسلام آباد پهچي پهرين ڪوچ ۾ ڪشمور واپس هليو ويو هو جڏهن ته مان ۽ نورمحمد ملڪ ڪجهه وڌيڪ ڏينهن اسلام آباد ۾ رهي پيا هياسين. کيس اهي پور آغا خان واري دئور ۾ پڻ ايندا هيا. ڪمپيوٽر ليب ۾ ويٺي ويٺي اوچتو اعلان ڪندو هو ته هو واپس ڪشمور پيو وڃي.
مان خوشنصيب آهيان ته جي ايم، ملڪ ۽ چاچڙ جهڙا منهنجا دوست آهن. سچ چوندا آهن ته اهو وڏو مالدار آهي جنهن کي پرخلوص دوست هجن ۽ مون هڪ ٻه نه پر تمام گهڻا پرين پيارا آهن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو